جمعہ، 1 اگست، 2014

سڄي رات تارن کان ڇا ٿو پڇين؟

سڄي رات تارن کان ڇا ٿو پڇين؟
پٿر جي پنارن کان ڇا ٿو پڇين؟

جا سُهڻي هُئي سا لُڙهي سِير ۾،
ڪچي جو ڪنڀارن کان ڇا ٿو پڇين؟

نه جي گُلَ ڳچيءَ جي ڪا زينت بڻيا،
جهلي هٿ ۾ هارن کان ڇا ٿو پڇين؟

هتي مُلهه گُلابن جو ڇا ڇا ٿيو،
تون زخمي بهارن کان ڇا ٿو پڇين؟

بدل ٿي آ موسم ته بدلجي پيو آ،
اڃا چنڊ ـ چارن کان ڇا ٿو پڇين؟

اجهي سڙهه اُڀا ٿيا، اُٿي ناکئا
سنڌوءَ جي ڪنارن کان ڇاٿو پڇين؟

سڄي رات سپنا پرينءَ جا اُڻن،
اکين جي اڏارن کان ڇا ٿو پڇين؟

***
نماڻو سنڌي

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *