جمعہ، 1 اگست، 2014

نماڻو سنڌي، غزل

غزل


ڪندا ڪا ويڄ واهر، نه ته بدن لاچار ٿي پيا هن.
پراڻا ڦٽ ڇُٽا ناهن ته ٻِيا آزار ٿي پيا هن.

وڻن کي وِسوِسا آهن، ويا سڀ چهچٽا ڪاڏي،
ٻُرائن شل پکي ٻوليون، ويڳاڻا ڏار ٿي پيا آهن.

مُئا ڦُٽ پاٿ تي ڦٿڪي، مٿان پئي وِلهه واڪا ڪيا،
تنهنجي هوندي ڌڻي! تنهنجا نڌڻڪا ٻآر ٿي پيا.

تو کي حاصل ڪرڻ خاطر،ڪيونسين تپسيائون سڀ،
اندر هاڻي اسان جا هي پُراڻا غار ٿي پيا.

نه وڃ مايوس ٿي مڱڻا! ڏياچن جي ته ڏيري مان،
سُرَنِ تي سِرَ ڏيڻ خاطر سوين ڏاتار ٿي پيا آهن.

اوهان جا نيڻ آگم ٿي، اُٺا اهڙا ڇو ڇا چئجي،
ڪٿي ڪارا ڪڪر ٿي پيا، ڪٿي واسڪار ٿي پيا.

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *