غزل
پوڙهائپ ۾ پيار ڪيوسين
نا حق خود کي خوار ڪيوسين

تنهنجي اک جو تير هٿن سان
پنهنجي دل ۾ پار ڪيوسين

يار رسائي ساري جڳ جا
هڪڙو توکي يار ڪيوسين

هڪڙو تنهنجي خاطر،خود کي
دنيا کان ئي ڌار ڪيوسين

تنهنجي پاڇن پويان پئجي
پاڻ تي ڪيڏو وار ڪيوسين

عشق ڏکيو آ، سڀ خبر هئي
پوءِ به پر، لاچار ڪيوسين

جنهن جو گلي ۾ هٿ آ هدايت
تنهن کي گلي جو هار ڪيوسين

****
هدايت بلوچ

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم