نظم و
معجزو ڪونه ٿيو!
تُون اِتي هُئين، مان اِتي ئي هئس.
سج ڳوٺن مٿان ڪنهن پکيءَ جيئن لٿو،
آرسين ۾ اکيون ڪيئن ٻُڏيون ۽ تَريون،
واءُ ماتم جيان پئي وطن ۾ ڦريو!
تُن اِتي ئي هُئين، مان اِتي ئي هئس!
مينهن پيئندڙ مٽيءَ تي نشا ڪيئن چڙيا،
جوڳيانڻين نموريون ڳُتن ۾ ڀريون،
ڇيڳرين سان ٻيائِي ٻکن ۾ سُتي،
دؤر چُئانتيون هزارين هڏن تي رکيون،
تون اِتي ئي هُئين، مان اِتي ئي هئس!
سانجھه دُونهين کي ڀاڪر ڀري وئي اُجھي،
مندرن ۾ به ڏيئا گھڻا ئي ٻريا!
ماٺ جي باھ ۾ وئي پُڇا ئي سڙي،
سمنڊ بي خواب ٿيو، شهر ڏاڍا ٺريا.
بانسرين ۾ اُداسيون اُجھل ٿِي لُڏيون،
ڄڻ درياھ اگھاڙي جون ڇوليون هجن.
بيوسيءَ جو ڊگھو قد ننڍو ڪو نه ٿيو،
هُل به هر هر ٽِڙيا، ڄڻ پروليون هجن.
وقت قرضي ڪنهن ڪولهي جيان هت رُليو!
منهنجا محبوب سالون لنگھي ويون هتان،
جن جي سيني منجھان ڪونه گُل ڪو ڦُٽو!
پنهنجا ڀاڪر مسافر نه ٻيهر گَڏيا،
عرش هيٺان ملڻ جو نه گس ڪو مليو!
پاڻ ڳوڙها به پنهنجا نه گڏجي اُگھيا!
عشق جي ديس ۾ معجزو ڪونه ٿيو!
تُون اِتي ئي هُئين، مان اِتي ئي هُئس!
تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري
تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ توبھ توبھ نشو غضب جو آ چنڊ جو آ رڳو چٽو چهرو تنهنجو نقشو سڄو غضب جو آ کنڊ ماکي مٺي سٺي ساٿي تنهنجو بوسو مٺو غضب جو آ هجر جو مسئلو قيامت پر وصل جو مرحلو غضب جو آ تنهنجي ”استاد“ کي مٺا تنهنجي شوق شعلو بڇيو غضب جو آ **** استاد بخاري
تبصرے
ایک تبصرہ شائع کریں