اَڌُ جوابن ۾، اَڌُ سوالن ۾،
رات گذري پري جمالن ۾.


جو به پيئندو ويو سو جيئندو ويو،
ڇا هيو زهر جي پيالن ۾؟


پاڻ کي ڀي ڏسي نه ٿو سگهجي،
وصل جي رات جي اجالن ۾.


سج تپندا رهيا اميدن جا،
عمر ڳرندي رهي ڪشالن ۾.


ونڊ ۽ ورڇ کان سواءِ ڇاهي،
مذهبن، ذاتين ۽ نالن ۾!


پاڪ ڇاهي، پليت ڇا آهي،
ڪير آڻي شعور ٻالن ۾.


هڪ ئي مشعل جي روشني آهي،
مسجدن، مندرن، شوالن ۾.
****

وفا ناٿن شاهي

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم