جمعرات، 7 جولائی، 2016

نظم :: امر ساهڙ


وريو هو ڳوٺ ڏي واپس
کپائي خواب سڀ کيرا
ٻٽي ناسي، ٻٽي نيرا
ٻڌا هُئس ٻانهن ۾ جيڪي
وَٽائي پير کان ماڻس
رهيا سي ريشمي ڌاڳا
جڏھن هو شھر ۾ آھيو
نئينءَ مان نوڪريءَ سانگي
صفا ساڌو سٻاجهو هو
زماني جي ظرف توڻي
سياھ زلفن سندي گهيرن
گهثائن کان گهڻو غافل
نڪو هو نينهنَ کان واقف
مگر حسناڪ اهڙو
بدن ڀورو، جوان جوڀن
بنھَ بي باڪ هو اهڙو
گليءَ جنهن مان به گذريو ٿي
هزارين نيڻ حسرت مان
تڪيندا ئي رهيا تنهن کي
گهٽيءَ جي موڙ تائين سي
وِکن پويان ويا ٿي پي
مُڙي هُن اوچتو مُرڪي
ڏٺو هو ڏانوَ اهڙي سان
ڇَڏائي ٿانوَ وِيا هڙئي
هٿن مان هانوَ ويا هڙئي
نشانا ٻن نِگاهُن جا
وَيا ٿي پار پردن مان
اکين ۾ عاشقي اُتري
دلين جا ديپ روشن ٿيا
مگر هُوءَ وڏ- گهراڻي جي
وڏيري راڄ راڻي هئي
جتي ڪنهن عشق جي آمد
غضب جي گار جهڙي هئي
مگر محبت مها هوندي
ٻنهي جي ٻار جهڙي هئي
اُھي شِو رات جي صدقي
وڃي ويچار ۾ ويٺا
مندر جي مورتيءَ اڳيان
اچانڪ ڪنهن ڪيو فائر
قتل ٿي ڪا وني ويئي
اُنهيءَ الزام ۾ عاشق
ڪيو ويو قيد ٿاڻي ۾
گذاري عمر گهاڻي ۾
جڏهن هو جيل مان نڪتو
سموري سونهن غائب هئي
اڇا اڌ سينڌ ۾ آيل
نوابي گهور گهاتو ڀي
ڏسڻ کان ڏور ٿي ويسُ
جهڏي جي جاگرافي جيئن
جواني جهور ٿي ويس
ڪُلهي تي لاش جوڀن جو
ڪڏھن بزار ۾ ڀٽڪيو
ڪڏھن فٽ پاٿ تي ڦٿڪيو
ڪڏھن هو پاڻ کي پائڻ
وڃايل واٽ تي وڄکيو
اچانڪ رات آڌيءَ جو
امڙ جي ياد ايندي ئي
وريو هو ڳوٺ ڏي واپس
مگر ماڻَس مري ويئي
ٻَري ۾ ئي ٻَري ويئي
چون ٿا هاڻ سو چريو
اُھو سگريٽ جو عادي
چٻاڙي چرس کائي ٿو
موالين سان مزارُن تي
ٺري جي هر ٺڪاڻي تي
نشي لاءِ ھاڻ ناڻي تي
کپائي خُون ٿو ويٺو
مري ويل ياد ماضيءَ جي
ڪري مدفون ٿو ويٺو،


___
امر ساهڙ

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *