سانولڙي جي سار اچي ٿي ،
لڙيو لڙُڪن لار اچي ٿي .

ننڊ اچڻ سان نيڻن ـ ٿر تي ،
سپنن جي وسڪار اچي ٿي .

ڪارا ڪارونڀار ڪُلهن تي ،
وينگس ڇوُڙي وار اچي ٿي .

منُد جهُڙالي مينهوڳيءَ جي ،
کڻيو ننڊ خمار اچي ٿي .

تنهائيءَ ۾ ياد پرينءَ جي ،
ٻانهون ٺاهي هار اچي ٿي .

“امر” ! اگُهاڙي جيون ـ رڻ م ،
ڏات پکيڙي ڏار اچي ٿي .

____
امر ساهڙ

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم