منگل، 25 دسمبر، 2018

تُنهنجي يادن کي ٽارڻ ڪو چَرچو نه هو،
تو چَيو پر وِسارڻ ڪُو چرچو نه هو.

هر بَسنتيءَ ۾ اَکِڙيون لَغَڙَ ٿي اُڏيون،
هر ڳَليءَ توکي ڳولڻُ ڪو چرچو نه هو.

تو وِداع چيو مَڃُيم، تُنهنجو حق هو مَگَرِ،
مون لئه ماضِيءَ کي ڪُرچڻ ڪُو چرچو نه هو.

پَلَ قَطارون ٿي پنڇين جان اُڏريا جَڏهن،
پوءِ لُڙڪن کي روڪڻ ڪُو چَرچو نه هو.

هِنَ ڏُکن واري ميلي ۾ مُنهنجا پرين،
هي وِڇوڙا سَنڀالڻ ڪُو چرچو نه هو.

پوپٽن کي ”تَبَسُمَ“ بَهارُنِ چَيو،
سالَ وِڇڙي گُذارڻ ڪُو چرچو نه هو..

ع.غ.تبسم
اُڀَ هيٺان اڃارا گيت لُڇَنِ..

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *