منگل، 25 دسمبر، 2018

منهنجي سچيت سڪ جا پرچا تہ ڪو پڙھي! 
ديدن جا بيت دل جا دوھا تہ ڪو پڙھي! 
مونکي ڏيو منڌيئڙو ”مون“ ۾ رکيو ئي ڇاھي، 
ڪنهن جا جوان جيئرا جذبا تہ ڪو پڙھي! 
عنوان جانِ جانان، مضمون گيت گانا، 
اونهو اچي اندر جا، اُلڪا تہ ڪو پڙھي! 
سڀڪو سِٽون ڏِسيو ٿو معنيٰ سِڌي سَلي، 
ھا پر حوال دل جا حاشا تہ ڪو پڙھي! 
ڇا لَئي صليب ۾ آ، عيسيٰ کي ڪو سُڻي، 
ڇا لطف ڪشمڪش ۾، موسيٰ تہ ڪو پڙھي! 
ھُن جي حسين جادوءَ گهوگهيو، گُهٽيو گهڻو پر، 
استاد جي لڇڻ ۾ ”ڇو ڇا“ تہ ڪو پڙھي! 
***
استاد بخاري
ڪتاب: نه ڪم نبريو نه غم نبريو 

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *