ڪوٺي جي ڇت تي چڙهندو هوندين 
مون کي مٺا ڳوليندو هوندين

چوڙين واريون خالي ٻانهون 
ڏسندو هوندين روئندو هوندين

ماڻھو پڇندا هوندئي منهنجو 
چُپ چُپ هوندي جهرندو هوندين

کُليل کڙڪي تيز هوائون 
پهر بيهي سوچيندو هوندين

ٻاهران ”تبسم“ خوش خوش آهين 
اندران ڀڄندو ڀُرندو هوندين.

***
عبدالغفار تبسم

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم