منگل، 25 دسمبر، 2018

ڪوٺي جي ڇت تي چڙهندو هوندين 
مون کي مٺا ڳوليندو هوندين

چوڙين واريون خالي ٻانهون 
ڏسندو هوندين روئندو هوندين

ماڻھو پڇندا هوندئي منهنجو 
چُپ چُپ هوندي جهرندو هوندين

کُليل کڙڪي تيز هوائون 
پهر بيهي سوچيندو هوندين

ٻاهران ”تبسم“ خوش خوش آهين 
اندران ڀڄندو ڀُرندو هوندين.

***
عبدالغفار تبسم

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *