اتوار، 26 جون، 2016

هوائن کي روڪيو صَدائُن کي روڪيو

هوائن کي روڪيو صَدائُن کي روڪيو
او مَنَ ! تانگھَ جي هِن طوفانن کي روڪيو

هي نس نس نچي پئي، پچي پئي مچي پئي،
ڇاتي تولئهِ آتي ڇُلي پئي ڇِڄي پئي
۽ لونءَ لونءَ لُڇي پئي سَنڀارُنِ کي روڪيو.

هجر ۾ هڄان ٿو هَنجُنِ ۾ ڀڄان ٿو،
سمونڊ آ وڇڙو ٻڏان ٿو تران ٿو،
رڳو تاڻ، ڇڪتاڻ اولانڀن کي روڪيو.

صبوح شام پاڇا پريشان ڪن ٿا،
ماضيءَ جا ليئا مونکي حيران ڪَنِ ٿا،
او لوڪو ، او لوڪو لياڪَن کي روڪِيو.

ڇڏيو ڇو کنڊيريو ٿا يادُن جي خوشبو،
مينديءَ ٻوٽا لمحا ۽ ساهنِ جي خوشبو،
مڙو جانِ جانان عذابن کي روڪيو.

دُکي ٿو ڌڄي ٿو بکي ٿو مچي ٿو
نشانبر آ ناتو مگر منُ اُلي ٿو،
جڄهان ٿو ، جلان ٿو ، جولانن کي روڪيو.

جهوٽا ، دل جهروڪن کي جهيرون وجهن ٿا،
پولارن جا پڙلاءَ سيرون وجهن ٿا،
غفائن ۾ هُڳائن کي روڪيو.

مچي نينهن مڇريو ته اڌمانچي پيا
تتي تانگھَ تبُسُم ته آڙاھَ ٿي پيا
متيون مَنَ جو تارون ، ربابن کي روڪيو..
”ع.غ.تبسُمُ“

رَچي مَچي مون آزمايو.
سچي پچي چين نه آيو.

رکي رکي ملم رکان ڇا،
گهڙي، گهڙي ڪنهن گهاءَ گهايو،

سُنڍي سُنڍي عشق وڍي ته به،
چُمي چمي ٿم چاهه چاهيو.

ڪَڏين ڪڏين سُرڪ سَري نه ته،
جڏين ڪڏين تاس تپايو.

هلي هلي هانءُ ٺري مَنَ،
ڳلي ڳلي مون راڳ ڳايو.

مِٺي مِٺي قرب ڪچهري،
کِلي مِلي روحُ رڄايو.

کِکو وِکو کل نه بخاري،
ڇُلي ڇو ٿا لوڇَ لڪايو.
_____
استاد بخاري

تنهنجي ديدن ۾ ڪئي دلبر,


تنهنجي ديدن ۾ ڪئي دلبر,
انتر منتر جادو جنتر.

سامهون نظرون، تير ۽ تبرون،
ترڇون، ميڇون، بڙڇون، خنجر.

نادر تنهنجي ناز نهوڙيا،
تڪبر تنهنجي در تي نڪ ڀر.

جي جي : تنهنجي جندڙي جوڙي
ناتا ٽوڙي نانا نهڪر

تو در ايندي مور نه ٿڪجان،
هيڪر، ٻيهر، ٽيهر، هرهر.

گيت بخاري تنهنجا ڳائي
جهومي جهومي، گهرگهر، جهنگ جهر


*******
استاد بخاري


منگل، 7 جون، 2016



غزل

راز تنهنجيءَ اُڀاري نهارن ڇڏيا،
گل سمورا وساري بهارن ڇڏيا!

ڌُوڙ هئا اوچتو خواب هولي ٿيا،
رنگ ايڏا ته تنهنجي خمارن ڇڏيا!

تاب آرس جي آڪاش لوڏي ڇڏيو!
نيڻ پنهنجا جھُڪائي ستارن ڇڏيا!

پير ڇولين سان تنهنجا پُسيا دلربا،
حال پنهنجا وڃائي ڪنارن ڇڏيا!

اڄ به حيران پوپٽ اُتي ٿا رهن،
تنهنجي هٿ جي جتي ها اشارن ڇڏيا!

واس وارن جو آ، يا چنبيلي ٽڙي؟
چنگ لاهي چپن تان ڌنارن ڇڏيا.
.....
ايوب کوسو

غزل

ڇاتيون ڇيرا ڇيرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟
واٽون ٻيرا ٻيرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟

ارغونن جيئن ماٺ هينئين تان گذري ٿي،
اونڌاهين جا گھيرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟

چانڊوڪين سان زخم اُگھيان ٿو خوابن جا!
جھُڙ ۾ تنهنجا پيرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟

راڻاسر جو تاڙو تاڙو تڙپي ٿو!
ٻاٻيهن جا ڦيرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟

اوڄاڳن جي ٽارين ۾ ڪٿ گل ناهن!
يادن جا آکيرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟

تنهنجي مُرڪن کي هو ڌوئڻو رڻ رڻ کي!
منظر ٿي ويا ميرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟
‍٭٭
ايوب کوسو

نظم و
معجزو ڪونه ٿيو!
تُون اِتي هُئين، مان اِتي ئي هئس.
سج ڳوٺن مٿان ڪنهن پکيءَ جيئن لٿو،
آرسين ۾ اکيون ڪيئن ٻُڏيون ۽ تَريون،
واءُ ماتم جيان پئي وطن ۾ ڦريو!
تُن اِتي ئي هُئين، مان اِتي ئي هئس!
مينهن پيئندڙ مٽيءَ تي نشا ڪيئن چڙيا،
جوڳيانڻين نموريون ڳُتن ۾ ڀريون،
ڇيڳرين سان ٻيائِي ٻکن ۾ سُتي،
دؤر چُئانتيون هزارين هڏن تي رکيون،
تون اِتي ئي هُئين، مان اِتي ئي هئس!
سانجھه دُونهين کي ڀاڪر ڀري وئي اُجھي،
مندرن ۾ به ڏيئا گھڻا ئي ٻريا!
ماٺ جي باھ ۾ وئي پُڇا ئي سڙي،
سمنڊ بي خواب ٿيو، شهر ڏاڍا ٺريا.
بانسرين ۾ اُداسيون اُجھل ٿِي لُڏيون،
ڄڻ درياھ اگھاڙي جون ڇوليون هجن.
بيوسيءَ جو ڊگھو قد ننڍو ڪو نه ٿيو،
هُل به هر هر ٽِڙيا، ڄڻ پروليون هجن.
وقت قرضي ڪنهن ڪولهي جيان هت رُليو!
منهنجا محبوب سالون لنگھي ويون هتان،
جن جي سيني منجھان ڪونه گُل ڪو ڦُٽو!
پنهنجا ڀاڪر مسافر نه ٻيهر گَڏيا،
عرش هيٺان ملڻ جو نه گس ڪو مليو!
پاڻ ڳوڙها به پنهنجا نه گڏجي اُگھيا!
عشق جي ديس ۾ معجزو ڪونه ٿيو!
تُون اِتي ئي هُئين، مان اِتي ئي هُئس!

اتوار، 5 جون، 2016

اَڌُ جوابن ۾، اَڌُ سوالن ۾،
رات گذري پري جمالن ۾.


جو به پيئندو ويو سو جيئندو ويو،
ڇا هيو زهر جي پيالن ۾؟


پاڻ کي ڀي ڏسي نه ٿو سگهجي،
وصل جي رات جي اجالن ۾.


سج تپندا رهيا اميدن جا،
عمر ڳرندي رهي ڪشالن ۾.


ونڊ ۽ ورڇ کان سواءِ ڇاهي،
مذهبن، ذاتين ۽ نالن ۾!


پاڪ ڇاهي، پليت ڇا آهي،
ڪير آڻي شعور ٻالن ۾.


هڪ ئي مشعل جي روشني آهي،
مسجدن، مندرن، شوالن ۾.
****

وفا ناٿن شاهي

گيتُ




اندر جي بیقراريءَ جو مان توسان حال ڇا اوریان،
آ گھایل دل سڄي مُنھنجي اُنھيءَ کي ڇا ڪپیان ڪوریان.

سِتارن سان سَمُوري رات جاڳان ۽ جلان ویٺو،
اڪيلائيءَ ۾ مٺڙا مان ڦٿڪان ۽ ڦران ويٺو،
پنھنجي دل ۾ روئان ويٺو نہ ٻاھر باڦ ٿو ٻولیان.

اُٿي اڌَ رات جو نڪري ڏسان تِنِ ریگزارن کي،
تُنهنجي قدمن جي او پیارا نھاریان مان نشانن کي،
اُنھن رستن ۽ راھن تی اڃان تائین توکي ڳولیان.

توسان گذریل ماضیءَ جا پَلَ ڪیان ٿو یاد مان تن کی،
پون پوءِ ڀي ڳڙي ڳوڙها روڪیان توڙي ٿو جذبن کي،
پڪاري پوین لمحن کي صُبح سانجھيء پیو روئان.

صُبح سانجھي تَبَسُمَ جيءَ ۾ جاڳن تنھنجون یادون،
ھزارین ھر گھڙيءَ دل مان اُٿن ڦوڪون ۽ فریادون،
سوین ھن سور سیني م تہ ڀي چَپَ ڪونہ ٿو چوریان.

>ع.غ.تبسم<
مٽيءَ جا سُرَ

مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو
هر سيني ۾ هڪ مچ ٿئي ٿو
جنهن ۾ ڪوئي سچ نچي ٿو....!
مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو
منهنجي من ۾ مچ ٻَري ٿو
جنهن ۾ هڪڙو سچ مري ٿو!
عشق جي ٻيڙي ٽٽي پئي آ
روز ٽڪرجي لهرن سان
سمنڊ کي هاڻي ننڊ اچي ٿي
پنهنجو هاڻي ليکو چُڪتو
ڪهڙا ويهي ويڻ ڏيون
هڪٻئي کي رهيل دکن دردن جا؟
ٺا ٺا ٺا......ٺا ٺا ٺا........!
مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو
جيون جڳ ۾ ساهه وڏي شيءِ آ
پر ساهه ڏئي ، جو وٺجي
ويساهه وڏي شيءِ آ....
ويساهه وڏي شيءِ آ...!

( روس جي تمام وڏي شاعر ماياڪوفسڪيءَ جو خودڪشيءَکان چند ساعتون اڳ سرجيل اهو آخري نظم )

ڌرتي سرتي.... نظم

ڌرتي سرتي
نظم

او ڌرتي ! مان تنهنجي رخت ڏيندي ڏيندي،
رهندو مان تنهنجو قرضي مان ٿيندو وڃان ٿو.

منهنجي جسم واري مٽيءَ جي حصي کي،
تنهنجا ٿورا ، جو ڪُن ۽ فَيڪونَ ويلي،
پنهنجي وارثي ڏئي تو پنهنجو بڻايو،
نه ڄاڻان نه ڄاڻان تو ڪيڏن جُڳن کان،
منهنجو خاڪي چاڻو تَهنِ ۾ لڪايو،
مُنهنجي ڏاتِ ۽ ذاتِ جو تاڃي پيٽو،
الولين، اُداسين ۽ لُوچِن جو کيٽو،
چِٽين چانڊوڪين ، باکَ، بلبن جون جوتون،
حياتيءَ جي حسناڪين واريون سوچون،
وڇوڙي جا نوحا وصُل جا جمالا،
غلاميءَ، غريبيءَ جا پٽڪا، پاڄارا،
تاسارنَ چپن ڪاڻِ ، سنڌوءَ جي ڌارا،
بُکئي پيٽَ لئه سَنگَ ، ڪڻُڪنِ جا ٻارا،
منهنجي ڀاڱي وارا بچائي رکيا ها،
صدين کان تو مون لئه سَنڀاري رکيا ها،
تبسم جي مٽيءَ پنوڙي تي ڌرتي،
سندس جسم جي هر ذري تي او ڌرتي،
مڃيان ٿو ته اڻکٽ اڪيچار ٿورا،
مَگر تنهنجو تنهن کان اُتم ٿورو آ جو،
منهنجين ڌڙڪنن، دل جي هر دڪدڪي جو،
جياپي، جنون جي سڄي فلسفي جو،
سڄي نيڪ ناميءَ ۽ شهرت جو مرڪز،
غزل، گيت، وائيءَ ، هائيڪي جو محور،
سدا سبز گوشي جي سهڻيءَ گهٽيءَ تي،
تنهنجي پاڪ پَوِتَرتا واريءَ مٽيءَ تي،
او ڌرتي ! جيڪا سونهن سرتي رهي ٿي،
سا سَرتي ته منهنجيءَ سَڄي شاعريءَ ۾،
سُندرتا جون سهسين رنگينيون ڀري ٿي،
وِڄُنِ جان وراڪن ۾ گونجون گَجي ٿي،
پري کان پُڄي پاس گم ٿي وڃي ٿي،
صبوح شام سوچن ۾ لهرون لڙهي ٿي،
شفق ۾ لهي چاندنين ۾ کڙي ٿي،
وڙهي ٿي رُسي ٿي، روئي پئي ٿي،
وڏي ڳالھ منهنجين ڳراٽين وجهڻ تي،
وري ساڳيو مونساڻ پرچي ٿي،
سٽن ۾ سڀيتا جون سُرڪيون ڀري ٿي،
تُنهجين سانورينِ سانجهين ۾ او ڌرتي،
مِٺِينِ مَنچَلينِ مُوسمن ۾ او ڌرتي،
هُڳائن سان پنهنجي حسين بُتَ کي مَهِٽي،
سُڳنڌن سان وِهنجي سُرهاڻيون سَجائي،
سنڌوءَ ڀر تي گهاٽا ڊگها وار ڇوڙيون،
گُجر هُرمچي تي نوان ويس پهريون،
ڪڪوريل انگن تي اُجاريون هلي ٿي،
چُني کي ڏندن ۾ چَڪي جو تَڪي ٿي،
پٽيهرَ پيرن ۾ جو پايلَ ٻڌي ٿي،
۽ توتي جڏهن ڊيل وانگر ٽلي ٿي،
تڏهن منهنجي اندر جي پاتال ۾ تون،
او ڌرتي ويتر پُختيون پاڙون هڻين ٿي
تون ادراڪ ۽ احترامن جون زياده،
اڃان زور سان مون ۾ ميخون جَڙين ٿي،
تنهن بعد ئي تصوفُ جا ورد ۽ وظيفا،
مٽيءَ سان ماڻهوءَ جي سنٻنڌ جا سرشتا،
چمين ، چاه، چُسڪين ڳراٽين جا ڪشتا،
نباتن، پتاشن، ڳنڍيرين جا ڳُٽڪا،
انوکين ادائن، اشارن جا چُٽڪا،
او منهنجي مٺي سنڌ تون ٿي پين ٿي،
جيڏل تيئن تون جند ساڻ جڙجي پوين ٿي،
تون ايڏا جو اُتساهَ آڇيون اچين ٿي،
پساهن سان گڏ پيار پاٻوھ ڏين ٿي،
تڏهن مان ته پنهنجيءَ سڄي شاعريءَ ۾،
پنهنجي آپِ بيتيءَ واريءَ ڊائريءَ ۾،
ڳائيندو وَڄائيندو لِکندو وَتان ٿو.

او ڌرتي مان تنهنجي رخت ڏيندي ڏيندي،
رهندو مان تنهنجو قرضي ٿيندو وڃان ٿو.

ع.غ.تبسم

ڪتاب موسيقي موسم ۽ تبسم

رُو بَرُو آهين حادثو آهي

رُو بَرُو آهين حادثو آهي
دِيدَ ۾ دِلِ ۾ زلزلو آهي

جيترو عِشِقَ کان عذابُ مِليو
اوترو عِشِق ۾ مزو آهي

ديد ۾ دل ۾ زلزلو آهي
چاهُ آڙاهَ ۾ مچائي ٿو،

چاهَ ۾ پوءِ بِه چَهچٽو آهي،
ديد ۾ دل ۾ زلزلو آهي.

مان ٻڌايان ٻُڌي ٻري ويندين
هي قصو باه جو حصو آهي،

صبح جي هير يار جي خوشبوءِ
منهنجي چاهت جو ناشتو آهي

مستُ پيِتي بنا ،بُخاري، آ
ڇا ته تنهنجو نئون نشو آهي،

استاد بخاري

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *