اشاعتیں

دسمبر, 2012 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

ڪو ٽاڻو ٽڪهن جو، ڪا ويل ولوڙن جي

ڪو ٽاڻو ٽڪهن جو،  ڪا ويل ولوڙن جي هي عمر ڪٿا ڀاسي لمحن جي ڊوڙن جي معبود انا هن جي هوءَ ته نور نسور آ ڳڻ ـ پهه ڪندو سو ڪهڙي مٽيءَ جي پنوڙن جي روبوٽ رياست ۾ روحن جو ڪڇڻ اهڙو آ، ڄڻ تيل ـ ڪڙهائيءَ ۾ سرٻاٽ پڪوڙن جي. جنهن ڏينهن پرين ملندا تنهن ڏينهن مري ويندس، آ هير پيل مونکي زهر آب وڇوڙن جي. مس ڪال سندءِ ساڳي، ڪنگال اسين ساڳيا، احساس تي ساڳي آ، هڻ ـ مار هٿوڙن جي جي. آقا جي نيت ڇا آهي  هر هر ٿو اچي ڪاهي، ڪا لوڌ لنگورن جي، ڪا ڀيڙ ڀڳوڙن جي. جاني ٿو غزل ڳائي، ڏاهو ٿو سڙي سوچي، هن ڄٽ ڪٿان آندي هي ڏات ڪروڙن جي. --- جعفر جاني

ها تنهنجي نهار ڪافر هئي

ها تنهنجي نهار ڪافر هئي پر منهنجي پُڪار واجب هئي ها تنهنجي وفا به ظالم هئي پر منهنجي جفا به معلم هئي ڪجهه خواب وکيري تو هن ڇڏيا ڪا ساڀيان پُڪاري مون آ سڏي نثار ٻانڀڻ

لاڏائو اکيون

منهنجون لاڏائو اکيون تو کي ڇو ڀلا هر وقت ٿانيڪو ڏسڻ گهرن ٿيون؟! منهنجون اکيون هجن ته مون وٽ ٿيون پر تنهنجا خواب ڏسڻ لاءِ تو وٽ اچي ديرو ڄمائينديون آهن ائين ڇو هونديون آهن لاڏائو اکيون!؟ نثار ٻانڀڻ

منهنجي شفا

آئون تنهنجي ڀر ۾ ويٺس ڪجهه پل ائين لڳو آئون اُتي ويٺو آهيان جتي درد ئي دوا ٿي پوندا آهن، جتي بيچيني ۾ ئي چين هوندو آهي.. تون منهنجي ڇانو آهين يا اُس اهو مان ناهيان سمجهي سگهيو پر تون مون لاءِ مستقل سڪون جي زمين ضرور آهين منهنجي شفا آهين تون..! نثار ٻانڀڻ

تو سواءِ جنتون

چوندا آهن ته درد مائرن جهڙا ٿيندا آهن مون وٽ ته هزارين امڙيون آهين! جن جي پيرن هيٺان هزارين جنتون، پر اُهي سڀئي جنتون تو سواءِ ڪيئن هونديون!؟ تو جو هميشه جي لاءِ ناتو ٽوڙيو آهي!! نثار ٻانڀڻ

منزل ... نثار ٻانڀڻ

مونکي ائين لڳندو آهي ته اسين پنهنجي ڄمار ۾ شاعري پوکيندا رهون ٿا، شاعريءَ جي اُن فصل جا داڻا ۽ صلا ڪنهن کي نصيب ٿيندا اِن تي ڪڏهن ناهي ويچاريو، مونکي لڳندو آهي ته آئون جيڪو چرڙيو آهيان سو پنهنجي ئي پوکيل سٽن ۾ پرديسي بڻجي ويو آهي.! نثار ٻانڀڻ

ڇا ٿو ڀائين! (استاد بخاري)

منهنجي باري ۾ او سائين، ڇا ٿو ڀائين! توکان هڪڙو ڏينهن ڇڄان ٿو، ڏينهن انهي کي سال چوان ٿو، پر جي وڇڙي ورهَ لڇائين، ڇا ٿو ڀائين! تنهنجي درشن لاءِ سڪان ٿو، لک شڪرانا منهن ته ڏسان ٿو، پر جي پنهنجي ڇاتيءَ لائين، ڇا ٿو ڀائين! غيرن سان گڏجاڻي تنهنجي، جان جلي ٿي جاني منهنجي، پر جي تن جو کائين، پائين، ڇا ٿو ڀائين! واقف آ استاد بخاري، تو فرمائي دلڙي ٺاري، پر جي منهنجو يار سڏائين، ڇا ٿو ڀائين. (استاد بخاري)

وفا منور زئور جو نظم

جيئن توسان نيهن لڳايو آھ مون پنهنجو پاڻ گنوايو آھ ڄڻ منهنجي ڪائي هستي منهنجي ڪائي ذات نه آھ ازل جي گوشواري ۾ به منهنجي ڪائي بات نه آھ منهنجو ڪوئي ڏينهن نه آھ منهنجي ڪائي رات نه آھ مونکي ڪجھ به راس نه آھ مون وٽ منهنجي دل نه آھ ۽ ڪوئي به احساس نه آھ تنهنجو ئي ڪو حصو آهيان ڪو ڏندڪٿائي قصو آهيان مان ڪيسين توتي ڀاڙيندس ۽ تو ۾ پاڻ کي واڙيندس پنهنجو پاڻ جيئڻ ٿو چاهيان ڌرتي جي ڪنهن ڪوني جي ڪا تاريخ ٿيڻ ٿو ڇاهيان منهنجي هستي موٽائي ڏي ساڳي مستي موٽائي ڏي نه ته منهنجو سمورو ڄڻ ته هي پنڌ اجايو آھ جيئن توسان نيهن لڳايو آھ مون پنهنجو پاڻ گنوايو آھ _______وفا منور زئور

نثار ٻانڀڻ جي نظمن جي وستيءَ ۾ ..!

تصویر
1 اي مالڪ ! منهنجا لفظ سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهن لاءِ هڪ سنيهو بڻجن جنهن سنڌوءَ جو پاڻي پيتو آهي تنهن جي لاءِ دڳ بڻجن، مان سنڌ سان محبت ڪريان ٿو، عشق ڪريان ٿو ۽ پنهنجن لفظن سان سنڌ جي سينڌ سنوارڻ گهران ٿو تون مونکي ڏات جا مڙئي ڏيئا عطا ڪر 2 مٽيءَ جي پنهنجي عظمت آهي، خلقڻهار ماڻهوءَ کي مٽي چپٽيءَ مان تخليق ڪيو آهي ۽ اول آخر انهي مٽيءَ ۾ وڃڻو آهي. ان ڪري مٽيءَ سان نڀاءُ، ڪمٽمينٽ ئي زندگي آهي، ان سان دوکو انسانيت سان، خلقڻهار سان دوکو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو... مٽي سان دوکو نه ڪريو هت ته دوکن جا سيلاب ايندا رهن ٿا! 3 لفظن کي ڪَورَي پَنَي تي لاهڻ هوائن ۽ گهٽائن سان مخاطب ٿيڻ سمجهندو آهيان، ويساهه گهاتين جي تاريخ جا فصل دل جي زمين تي اڃان به پوکيوپيا آهن پوءِ به اڪٿريت مونکي باءِ پولر سڏي ٿي جن جي لاءِ منهنجي روح جي زمين مان ڪو به جواب نه ٿو ڦُٽي، آسمان مان ڏسندڙ اک کي مان پوري نهار سان ڳوليان ٿو ته ڪنهن مَهل وري سانجهه جون آهٽون لکڻ لاءِ آڱرين ۾ اُڻ تڻ ٿئي ٿي، بس رڳو لفظن جي مَنڊلي ٿي مچي منهنجي اندر ۾..! ڇو ته احساس ڳولهڻ کپن واري اصول تي اڃان به قائم آه...

تون منهنجو نصيب ٿي پئه

تون منهنجو نصيب ٿي پئه جيترو پري آهين مون کان اوترو مون لاءِ قريب ٿي پئه جيئن لکيل رزق آهي جانان سڀ ڪنهن لاءِ تيئن ئي مون لاءِ منهنجي ڪري وسيع ٿي پئه نثارٻانڀڻ

تنهنجي اي ميل

ڪيتري عرصي کانپوءِ تو مون ڏانهن هڪ ڊگهي اي ميل موڪلي آهي جنهن جي اوسيئڙي ۾ مان ڪيئي مهينا پڄريو آهيان! تو روايت جيان وري به زندگي گهارڻ جا سڀ تفسير موڪليا آهن تون مونکي هر ڀيري اهو فهم ڏيندي آهين ته مان اهو مڃان ته عشق انساني وجود کي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جو سبب بڻجي ٿو عشق انسان جي زندگيءَ جي تڪميل آهي ۽ پڻ انساني آرزوءَ کي تفسير ۽ معنيٰ ڏئي ٿو اهو عشق! مون ڪڏهن انڪار ڪيو آهي؟ ”اڻ سُڌريل انسان کان سُڌريل انسان تائين عشق جو پنڌ ساڳين قدمن سان ناهي رهيو“ مان اهو روح جي گهرائين تائين مڃي چڪو آهيان ته تون ئي منهنجي عشق جو روح رهي آهين ۽ عشق ماڻهو جي وجود جو وجد آهي ۽ اهو وجد نيڻن کي اوجاڳا ارپي ٿو اهو وجود جو وجد نه ختم ٿيندڙ اُڃ ٿي جاڳائي رکي ٿو چيٽ جي چانڊوڪين ۾ ننڊون نهوڙڻ وارو اهو عشق منهنجي رڳ رڳ ۾ رباب رکي ٿو! مان ته اهو اوسيئڙو ختم ڪرڻ گفهران ٿو ته تون پنهنجي ڪنهن اي ميل ۾ اهو لکندين .. ”عشق جي راه ۾ سفر ڪرڻ عبادتن جو مٿاهون مقام آهي جيڪو مان صرف ۽ صرف تو لاءِ ڪرڻ گهران ٿي“ ڇا تون اهڙي ڪنهن اي ميل جو در کوليندينءَ مون لاءِ..؟! نثار ٻانڀڻ

نثار ٻانڀڻ: وکريل خيال

صدين کان درد جي انتها کي ڀوڳيان ٿو سنڌ تنهنجي پراڻي گهاوَ کي ڀوڳيان ٿو ڄمي برف ٿي ويل اوپري احساس جيان هر لمحو لهندڙ چڙهندڙ ساه کي ڀوڳيان ٿو سنڌ جي نيڻن کي پڙهيو آ مون عمر ساري ٻاٽ اُوندهه جو سينو چيري ويساه ڀوڳيان ٿو اُداسيءَ جو لڏو لٿل آهي منهنجي زمين تي سنڌ سوڳواريءَ جي نذر ٿي اهو نياءُ ڀوڳيان ٿو نثار ٻانڀڻ

نثار ٻانڀڻ: ڪچا ڦڪا بيت

 1 ٻه ٽي ڪڙيون مون گهريون پر مليون گنج لهي آئين هنج پرين پڪل انب جيان. 2 ڪيڏا ويچارا ڏٺم سرديءَ ساه سُڪايا ڳريل ڪپڙا پُسائيا نينگر ڍير ميڙيندي. 3 جهريو جهريو جيءُ هي منهنجو ائين آهي بارش جيئن آهي سياري جي شروعات جي. 4 لکڻو هيم نظم ڪو لکجي بيت ويا تولاءِ گيت چيا پره سنجهي جي وچ ۾. 5 منهنجا خواب سنڀالجانءِ مون کانپوءِ پرين اوڏي مونکي ٿي وڻين يا مان پسان خواب پيو. 6 ڪاڳر تي ڪجهه ناهي لکيو مون لفظ ڪڏهن سهڻا خواب ڏسين جڏهن مون ڏانهن بي اُماڻجان. 7 برسات وٺي آ وڏ ڦڙو تنهنجي پيار جيان اندر مان ٿو اوريان پهرين ڦوهار جيان. 8 تڪڙو تڪڙو مينهن آ ڄڻ ٿي دل هلي تو ڀي مِلُ ڀلي مون سان اچي مينهن ۾. 9 وقت ائين وسندو ۽ وڄندو آهي جيئن مينهن توسان منهنجو نيهن رهندو ڏينهن قيام تائين. 10 توکي ياد ڪيان ويٺو سيءُ سهان *ڪافي پيءُ چوان تون جي اچين مند ۾. 11 سيءُ سڪائي سَنَڌَ ٿو منهنجا او پرين جيڪر تون گُهرين سردي سور ڇڏي ڏئي! 12 منهنجا خواب ڏسي ورتي منهنجن نيڻن ۾ منتر ڦيڻن ۾ تنهنجو ڇو ويساه وڌيو. 13 ماڻا مينهن جا مونکي واه وڻن پن جيئن ڇڻن سياري جي پڇاڙ جا. نثار ٻانڀڻ ...

نثار ٻانڀڻ: اسان جي سوچ آڳر تي (نظم)

اسانجي سوچ آڳر تي اوهانجي ياد جي بارش وراڪا ڏئي وسي ٿي پئي، ۽ پنهنجي زندگي ائين ئي اڪيلي ئي رِمي ٿي پئي! اسان جي هيءَ اڪيلائي، وڙهي ٿي پاڻ سان هر پل، گُهري ٿي تنهنجي نيڻ جا، سمورا ڇانو ڀريا رستا، ۽ موسم پن ڇڻڻ جو به .! هو جيڪي ريشمي ڳالهيون ڪشادي خيال جي چادر ڀِڪوڙي سال کن پهريان ڪيوسين رات پهرن ۾ اگهاڙي چنڊ جي هيٺان، اُنهن بي ڪيف ڳالهين جي رهي ٿي پياس شدت سان! اهو به ياد آ مونکي هو پوئين سال جون راتيون ڇهي تنهنجي چپڙن کي، چيو هُيم بي ڪيف ٿيندي ئي، پرين! هي چپ تنهنجا ائين، ڀٽائيءَ بيت ٿو سرجي، اکيون جيئن مڌ ڦڙا آهن، مُوکِي ڄڻ مَٽَ ٿي اوتي، هلين مهراڻ وانگر ٿي، هٺيلي تون وڏي آهين! سراپا سونهن ئي آهين! سڀئي انگور تون آهين! اُهو سڀ ياد آ اڄ به .. اهي ڳالهيون کوٽن پيون اندر منهنجي زمين کي ائين، جيئن کوٽي ٿو پاڻي پيو! درياهي ٻن جي ڪنارن کي! اُهي منظر وراڪن جيان وري هر وار ايندا هِن ۽ ٽمي ٿي اک جيئن ڇَنَ ڪا ڇڻي ٿي مينهن جي پويان! مڃي ويٺيون،اکيون منظر وڇڙڻ ۽ ورهائجڻ جا سمورين تشنگين جا رنگ! اُماڻيان سين وفائن سان! يقين دل کي اهو ناهي مونکان تون دو...

صدين کان درد جي انتها کي ڀوڳيان ٿو

صدين کان درد جي انتها کي ڀوڳيان ٿو سنڌ تنهنجي پراڻي گهاوَ کي ڀوڳيان ٿو ڄمي برف ٿي ويل اوپري احساس جيان هر لمحو لهندڙ چڙهندڙ ساه کي ڀوڳيان ٿو سنڌ جي نيڻن کي پڙهيو آ مون عمر ساري ٻاٽ اُوندهه جو سينو چيري ويساه ڀوڳيان ٿو اُداسيءَ جو لڏو لٿل آهي منهنجي زمين تي سنڌ سوڳواريءَ جي نذر ٿي اهو نياءُ ڀوڳيان ٿو نثار ٻانڀڻ

ڊگھو آ درد جو رستو

ڊگھو آ درد جو رستو اسان جي خواب نيڻن لاءِ چمين ۾ چين ڪاٿي آ چپن تي بين ڪاهيل آ چڀن ٿيون چاه جون ڳالهيون اڌوري پيار جون ڳالهيون چپن کي آٿتون گهرجن چمين جي راهدارين جون نثار ٻانڀڻ

ڪجھ روئبو (هدايت بلوچ)

ڪجھ روئبو اڄ نه تون پرچاءِ ، اڄ ڪجھ روئبو، اڄ نه تون سرچاءِ، اڄ ڪجھ روئبو، منهنجي منهن مان ڏکُ ڏسي سگھندين نه تون، من ۾ جھاتي پاءِ، اڄ ڪجھ روئبو، مونکي روئيندو ڏسي تون غم نه ڪر، تون نه ير! گھٻراءِ، اڄ ڪجھ روئبو، دل دلاسن سان نه ٿي ڌُتري صفا، اڄ نه تون سمجھاءِ، اڄ ڪجھ روئبو، دل ۾ دردن جا وري ديرا لڳا، جنهن ۾ ناهي جاءِ، اڄ ڪجھ روئبو مُرڪندڙ چهرن جي توکي آ تلاش، وڃ ڪٿي واجھاءِ، اڄ ڪجھ روئبو، تون کلائڻ جي نه ڪر ڪوشش پرين ٻيو ڪوئي ڦاساءِ، اڄ ڪجھ روئبو، سنڌ جا سودا ٿين ما چُپ رهان، بس هدايت هاءِ! اڄ ڪجھ روئبو