اتوار، 2 فروری، 2014

دل منهنجي پراڻي آهي جهڳي

دل منهنجي پراڻي آهي جهڳي،محلات هجي ته وڻي توکي
هن برباديءَ جي بستي ۾ ڪا بات هجي ته وڻي توکي !

ماڻهن جي ڏسان ٿو نِيت بُري،هَٿ ۾ قرآن،زبان ڇُري
جي ڪڇ ۾ ڪات هجي ته هجي،ڳڙ وات هجي ته وڻي توکي!

تون ناهين مسيحا، جو جيارين،لقمان نه آن جو چاق ڪرين
بيمار ۾ چاڪ چڱي جهڙي،جذبات هجي ته وڻي توکي!

ڪي معنٰي جا موتي نه هوا، تو شعرن تي واهوا ه نه ڪئي
هيءُ سادي سودي ٻولي آ، ڪا ڏات هجي ته وڻي توکي!

گُم آهين تون ته نظارن ۾،ڪا شيءَ نه ڏٺئي اشعارن ۾
ڳوڙهن جو قدر توکي نه ميان! برسات هجي ته وڻي توکي

ڪو تيرن جو نه اثر ٿيندو، مان پاهڻ بڻجي ويو آهيان
ڪا مات هجي ته وڻي توکي، ڪا گهات هجي ته وڻي توکي

هِت پِٽڪو خالي پيٽ سندو،هِت رودن راشد غربت جو
هي ماتامين جي مجلس آ ، بارات هجي ته وڻي توکي

راشد مورائي

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *