آيو آھين دنيا لاءِ، ڇوٿو سوچين عقبا لاءِ، ڌرتي مريم جهڙي ماءُ، آتي آ ڪنهن عيسيٰ لاءِ، ٻڌ ته سهي تون اي سقراط، زهر ته پيتو پر ڇا لاءِ، رات اسان جي در خيام ! آيو مئي جي معنيٰ ...
اشاعتیں
جنوری, 2019 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں
استاد بخاري-نئين سال جو تحفو (2)
- لنک حاصل کریں
- X
- ای میل
- دیگر ایپس
هي ذلف هي زنجير، نئين سال جو تحفو هي نيڻ تکا تير، نئين سال جو تحفو! مشتاق ڏي معشوق ڪڍي موڪلي آهي منصور جي تصوير، نئين سال جو تحفو! خوشبو جي آلاپ ۾ بدبوءِ جو نياپو هت آئي کڻي هير، نئين سال جو تحفو! هڪ هٿ سان رکي وقت ڦٽن تي مرهم ٻئي هٿ سان ڏنئين جهير، نئين سال جو تحفو! پر سال مڪا مير، دلاسا ڪئي ٿر ڏي تعويذ ڏنس پير ، نئين سال جو تحفو! ٿا باز چون مور اسان ساڻ ملايو ٿا نانگ گهُرن کير، نئين سال جو تحفو! سنسار کي پيغام ۾ ”استاد“ ڏئي ٿو انسان جي توقير، نئين سال جو تحفو! استاد بخاري
استاد بخاري-نئين سال جو تحفو
- لنک حاصل کریں
- X
- ای میل
- دیگر ایپس
استاد جي ارداس، نئين سال جو تحفو مايوس کي ڏي آس، نئين سال جو تحفو پرڀات جي پردي ۾ ڪري بند مُڪو آ، اڌ رات ڏي آڪاس، نئين سال جو تحفو ڪي_ٽُو کي ملي برف، مليا سج کي بادل، ۽ ٿر کي ملي تاس، نئين سال جو تحفو تخريب ۽ تعمير ڀريو ٿالهه ورهائِن، هي وهم هي وشواس، نئين سال جو تحفو کڻ صبح سويري سان نئين نُور جا ڪرڻا، وٺ واءَ وٽان واس، نئين سال جو تحفو استاد جي تقرير ۽ تحرير ۾ آهن، احساس ئي احساس، نئين سال جو تحفو استاد بخاري