اشاعتیں

جولائی, 2016 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں
سانولڙي جي سار اچي ٿي ، لڙيو لڙُڪن لار اچي ٿي . ننڊ اچڻ سان نيڻن ـ ٿر تي ، سپنن جي وسڪار اچي ٿي . ڪارا ڪارونڀار ڪُلهن تي ، وينگس ڇوُڙي وار اچي ٿي . منُد جهُڙالي مينهوڳيءَ جي ، کڻيو ننڊ خمار اچي ٿي . تنهائيءَ ۾ ياد پرينءَ جي ، ٻانهون ٺاهي هار اچي ٿي . “امر” ! اگُهاڙي جيون ـ رڻ م ، ڏات پکيڙي ڏار اچي ٿي . ____ امر ساهڙ

نظم :: امر ساهڙ

وريو هو ڳوٺ ڏي واپس کپائي خواب سڀ کيرا ٻٽي ناسي، ٻٽي نيرا ٻڌا هُئس ٻانهن ۾ جيڪي وَٽائي پير کان ماڻس رهيا سي ريشمي ڌاڳا جڏھن هو شھر ۾ آھيو نئينءَ مان نوڪريءَ سانگي صفا ساڌو سٻاجهو هو زماني جي ظرف توڻي سياھ زلفن سندي گهيرن گهثائن کان گهڻو غافل نڪو هو نينهنَ کان واقف مگر حسناڪ اهڙو بدن ڀورو، جوان جوڀن بنھَ بي باڪ هو اهڙو گليءَ جنهن مان به گذريو ٿي هزارين نيڻ حسرت مان تڪيندا ئي رهيا تنهن کي گهٽيءَ جي موڙ تائين سي وِکن پويان ويا ٿي پي مُڙي هُن اوچتو مُرڪي ڏٺو هو ڏانوَ اهڙي سان ڇَڏائي ٿانوَ وِيا هڙئي هٿن مان هانوَ ويا هڙئي نشانا ٻن نِگاهُن جا وَيا ٿي پار پردن مان اکين ۾ عاشقي اُتري دلين جا ديپ روشن ٿيا مگر هُوءَ وڏ- گهراڻي جي وڏيري راڄ راڻي هئي جتي ڪنهن عشق جي آمد غضب جي گار جهڙي هئي مگر محبت مها هوندي ٻنهي جي ٻار جهڙي هئي اُھي شِو رات جي صدقي وڃي ويچار ۾ ويٺا مندر جي مورتيءَ اڳيان اچانڪ ڪنهن ڪيو فائر قتل ٿي ڪا وني ويئي اُنهيءَ الزام ۾ عاشق ڪيو ويو قيد ٿاڻي ۾ گذاري عمر گهاڻي ۾ جڏهن هو جيل مان نڪتو سموري سونهن غائب هئي اڇا اڌ سينڌ ۾ آيل نوابي گهو...
رَنگ هوليءَ رات جي هر چيز کي ، ڳوٺ ڀر سان ڳاٽ تي ڌوتو پَئي . ماڪ جي پوشاڪ پائي پاڻ کي ، سامروٽيءَ ساٽ تي ڌوتو پئَي . بوسڪيءَ جهڙو بدن ڪنهن بانورو ، چاندنيءَ چمڪاٽ تي ڌوتو پئَي . وَار کُليل واءَ ۾ وِکريا پئَي ، وائلو هن واٽ تي ڌوتو پَئي . ڇاڇري کي ڇينٽ وانگر ڇوڪري ، ڍولئي لئه ڍاٽ تي ڌوتو پَئي . هر ڏسا هٻڪار آهي ٿي وئي ، بت جوانيءَ جاٽ تي ڌوتو پئي _____ امر ساهڙ

”هِئين تماشو ڪيسين ٿيندينءِ.....!!امر ساهڙ

آئون ڪوئي ڪردي ناهيان، دنيا جو ڪيئن ڌيان ڇڪايان؟ آءُ مُسافر پنڇيءَ وانگي، جنهن جو ڪو به ٺڪاڻو ڪونهي، مُنهنجو ڪهڙو تعارف ماتا! مُنهنجي ڪا به سُڃاڻپ ڪانهي، آءُ مِٽيءَ جو رانديڪو هان، واريءَ تي ڄڻ ليڪو آهيان، جيڪو واءُ مِٽائي ويندو، مون وٽ پيلي پينٽ ڪٿي آ؟ مون وٽ سائي شرٽ به ناهي، مُنهنجا پير اُگهاڙا آهن، مون وٽ ڪوئي بوٽ به ڪونهي، جنهن ۾ ڪو جوراب هُجي ها، صحرا ڪوئي سمنڊ به ڪونهي، جنهن ۾ ڪو غوراب هُجي ها، جيڪو مونکي پار اُڪاري، آيل! آءُ اڪيلو آهيان، ٻَرندڙ ڪوئي ٻيلو آهيان، جنهن جي آڳ اُجهائڻ خاطر، صحرا ۾ ته سُتي ڀي ناهي، ڌرتيءَ تي ڪو راڄ ته ڇا پر، مون وٽ پنهنجو پَڊُ به ڪونهي، جنهن تي ڪوئي جهوپو اڏجي، جنهن مان ڪو نه ڪڏهن ڀي لڏجي، مونکي لوڪ تڙي ٿو تڙ تان، ”ڀَڄُ پَري ٿِي اوءِ اڌُوتا! ٿوري! تون مان ڌپَ اچي ٿي، پٽيا! تون ته پليتُ به آهين“! مسجد مون تي ممنوع آهي، مندر ۾ به اجازت ڪونهي، مون سان ڪا به رعايت ڪونهي، دانگيءَ تي ڪو نانءُ به ڪونهي، نانءُ ته ڇا پر ٿانءُ به ڪونهي، جنهن ۾ پاڻيءَ لپَ پيئان مان، اِئين ڪُتي جيئن ڪئين جيئان مان؟ اَڪَ پُڙي ۾ اَڇَ پنان ٿو، ...
نڪتي نينگر چانڊوڪيءَ ۾ ، وهنتا منظر چانڊوڪيءَ ۾ ، ننڊ پُڄاڻان نيڻ ڏسن ٿا ، سپنا سُندر چانڊوڪيءَ ۾ ، ڏياريءَ جي ڪنهن رات مِٺيءَ جا، مُرڪيا مندر چانڊوڪيءَ ۾ ، وڻجارن جي واٽ تڪي ٿو ، ڪيٽي بندر چانڊوڪيءَ ۾ ، ڪير لڪائي پير اچي ٿي ، پاري ـ ننگر چانڊوڪيءَ ۾ ؟ نوريءَ کان پو ناهي مُرڪي ، ڪڏ هين ڪينجهر چانڊوڪيءَ ۾ ! ____ امر ساهڙ

چوسٽو : امر ساهڙ

ٿر جا رستا ٿڪ ۽ آئون لڙيو سورج لڪ ۽ آئون عرش اگهاڙِي هيٺ جيئون ٿا ٿوهر ڪنبٽ اڪ ۽ آئون ___ امر ساهڙ
سانولڙي جي سار اچي ٿي ، لڙيو لڙُڪن لار اچي ٿي . ننڊ اچڻ سان نيڻن ـ ٿر تي ، سپنن جي وسڪار اچي ٿي . ڪارا ڪارونڀار ڪُلهن تي ، وينگس ڇوُڙي وار اچي ٿي . منُد جهُڙالي مينهوڳيءَ جي ، کڻيو ننڊ خمار اچي ٿي . تنهائيءَ ۾ ياد پرينءَ جي ، ٻانهون ٺاهي هار اچي ٿي . “امر” ! اگُهاڙي جيون ـ رڻ م ، ڏات پکيڙي ڏار اچي ٿي . _____ امر ساهڙ

نظم

تنهنجو جيون سانوڻ مينهڙا منهنجو جيون آرهڙ ڏينهڙا تنهنجو دنيا چوڏهين جهڙي منهنجي دنيا ڌيما ڏيئڙا تنهنجا سپنا سندر ساڀيان منهنجا سپنا واريءَ گهرڙا تنهنجو نينهن ته برکا رُت جيئن منهنجو نينهن ته پن ڇڻ ڏينهڙا تنهنجو پيار ته ميل ملڻ جا منهنجو پپار ته آ اوسيئڙو تنهنجا ٽهڪ ته انڊلٺ ريکا منهنجا ٽهڪ به لڙڪن جهڙا ___ امر ساهڙ
اوڏڻ وانگر عشق اسان کي اوساريون ڏئي اڏيو آھي پاڻ ڦٽا ڦٽ پهتا آھيون سنڌ جڏھن ڀي سڏيو آھي جهوڪ سڄي غمگين لڳي ٿي لاڙ منجهان ڪو لڏيو آھي سمنڊ ڪناري خواب ملاح جو ڇولي اُڇلي ڇڏيو آھي آءُ ته گڏجي اوٽون راگيون گارو محبت گڏيو آھي. ______ امر ساهڙ