منگل، 21 جولائی، 2015

زندگي موڪلائي وڃڻ ڏي،
موت جي مهرباني مڃڻ ڏي.
آخري هيءَ منزل نه آهي،
مونکي ٻيهر ورڻ لئه ورڻ ڏي.
تو لئه ميڙي رکيون روشيون هن،
مونکي صدين ۾ آلاپجڻ ڏي.
هيءَ ترتيب اتهاس جي آ،
منهنجي ايندڙ نسل کي پڙهڻ ڏي.
زندگي تون صحتمند هوندينءَ،
هڪڙي زخميءَ کي قربان ٿيڻ ڏي.
*******
زخمي چانڊيو

آيو هو مهمانن وانگي.
بنجي پيو بيمانن وانگي.
تنهنجي سوچ لڳي ٿي اهڙي،
ارغونن، تُرخانن وانگي.
تنهنجا فوٽو ڪاڪ- ڪنڌيءَ تي،
رحل مٿان قرآنن وانگي.
جيئون ٿا مسواڙي بڻجي،
شاديءَ جي شاميانن وانگي.
هُو ٿو حق پراوا کائي،
سوپاري ۽ پانن وانگي.
روزُ ڪندو ٿو ويل رهي هُو،
برساتي طوفانن وانگي.
نيڻ اچن ٿا ڀرجي ”زخمي“،
ساقيءَ جي پيمانن وانگي.
********
زخمي چانڊيو

ڪنهين کي ستائڻ اسان کان نه ٿيندو.
اُچائڻ رنجائڻ اسان کان نه ٿيندو.
غريبن يتيمن کي اغوا ڪرائي،
ائين ڀُنگ کائڻ اسان کان نه ٿيندو.
پَڪو پختو واعدو ڪري ڀل ڦِري هُو،
وچن کي وسارڻ اسان کان نه ٿيندو.
نه چورن سان ياري نه ٿاڻي تي اچ وڃ،
ٻَڌائڻ ڇڏائڻ اسان کان نه ٿيندو.
اسان کي ڏسي جيئن ڪيو تو هو پاسو،
ائين مَن! لنوائڻ اسان کان نه ٿيندو.
ٻُڌائڻ گهُرون ٿا فقط سُورَ توکي،
گهڻن کي ٻڌائڻ اسان کان نه ٿيندو.
جُهڪڻ جو نه ڏي عيبُ ”زخميءَ“ کي قاتل!
جَبين کي جُهڪائڻ اسان کان نه ٿيندو.
*****************
زخمي چانڊيو

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *