منگل، 29 مئی، 2012

مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي

مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي
ان واٽ تا گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

جوکي ۾ وڌم جيءَ، ڪيم جنگ امن لاءِ
انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

هر گھاءُ مٿان گھاءُ سهي اُف نه ڪئي مون
جي ويڙهه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل
ڪم ڪار کان ورچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

راهي ! تو ڏٺو آهه مون ساهي نه کنئي آ
جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان
ڀلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشــــــــد
سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر


***
راشد مورائي

اتوار، 27 مئی، 2012

ڪا آس نه رک هن دنيا ۾، روئندن کي روئاريو ويندو آ


ڪا آس نه رک هن دنيا ۾، روئندن کي روئاريو ويندو آ،
دنيا جي ستايل ماڻهوءَ ڏي، نفرت سان نهاريو ويندو آ.
بيداد ڪندڙ کان داد گُهرين، ڄڻ ٻٻرن کان ٿو ٻير گُهرين،
انصاف هتان جو اهڙو آ، مظلوم کي ماريو ويندو آ.
هِت جو به جلي سو ڪو نه ٺري، هڪ باهه ٺري ٻي باهه ٻري،
هڪ درد دفع جي ٿيندو آ، ٻيو درد اُڀاريو ويندو آ.
دل ڪانه هلي، چپ ڪو نه چُرن، سڪرات هجي ته به عاشق وٽ،
محبوب جو مٺڙو نالو ئي رُئندي به اچاريو ويندو آ.
دشمن جي کڻي پٿر به هڻي، جو زخم ٿئي دل تي نه ٿئي،
پر پنهنجن جو ٿو گهاءُ ٿئي، جي ‘گل’ به اُلاريو ويندو آ.

****
گل حسن گل ٻرڙو

عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا؛


عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا؛
وڏا سردار مٽجي ويا ، وڏا ڀوتار مٽجي ويا.
اهواخلاق ، اها الفت ، اها تهذيب ڪانهي ڪا؛
غريبن ۾ اڃان ڪجهه آهي پر زردار مٽجي ويا.
ويو ويچارو سچ گم ٿي رڳو ئي ڪچ وڪامي ٿو؛
لڏي ويا وِير واپاري خود واپار مٽجي ويا.
پِتل کي سون سمجهن ٿا ، چون ٿا هيرو شيشي کي؛
ڏسو ڇا ٿي ويو هڪدم جو سڀ وينجهار مٽجي ويا.

نه عزت هاڻ اشرافت جي محفوظ آهي اي يارو؛
وڏن تي ڇا ميار آهي جو ننڍڙا ٻار مٽجي ويا.

جي ليلا اڄ هجي ها ، ور مٽي ها ڪين مڻين تي؛
قسم رب جو ته هيرن جا اڄوڪا هار مٽجي ويا.

پراون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون ”طالب المولى“؛
هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا.

***
مخدوم طالب المولى

آءُ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!


آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون سچيءَ دل سان نه تنهنجي واسطي سوچيو ڪڏهن،
جيڪڏهن سوچيو ته پنهنجي لاءِ ئي سوچيو سدا،
۽ ائين ئي پنهنجي ڪارڻ آھ مون لوچيو سدا،
پر نه ڀُلجي ڀي ڪٿي تو لاءِٰ مون لوچيو ڪڏهن.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون ڪئي دعوا ته تو تي، جان ڀي قربان آھ،
جانِ ڇا هي، مال ڀي اَملاڪ ڀي صدقي ڪندس،
حُب تنهنجي لئي چيم : هيءَ دين ۽ ايمان آھ،
تو مٿان ڌرتي ته ڇا، اَفلاڪ ڀي صدقي ڪندس.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون چيو عشق آھ مون کي تنهنجي آزاديءَ سان،
تنهنجي خوشحاليءَ جا مان خواب لهندو ٿي رهيس،
جنهن به ظالم ويرُ پاتو ، تنهنجي آباديءَ سان،
تنهن جو سِر کڻندس، قسم اُن لاءِ کڻندو ٿي رهيس.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون چيو هي ڪنڌ جھُڪڻو ناھ ڪنهن جابر اڳيان،
۽ نڪي سودو ڪندس پنهنجي اُصولن جو ڪڏهن،
سر تي آئي ته به نه ٿيندس سانت ڪنهن آمِر اڳيان،
ڇا به ٿي ، اِنسان ڪوڙو ٿي نه قولن جو ڪڏهن.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
اڄ ٿو دل کولي ڪريان اظهار تو سان اي وطن،
منهنجي تو سان ڪا مُحبت، ڪا سچائي ڪانه هئي،
مون ڪيا جي قول ۽ اقرار تو سان اي وطن،
تن جي اصليت ۾ ڪا ، لائي سجائي ڪانه هئي.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
وقت جئن بدليو، هوائن جا به رُخ بدليا تيئن،
مان به سانڊي وانگ ڪيئي رنگ بدلائڻ لڳس،
ڪوڙ تي ڀاڙي ڇڏيم، ڪَو سچ کان کائڻ لڳس،
وقت جي جئن وَهڪ هئي، ويچار ٿي اُٿليا تيئن.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
منهنجي خود غرضي مون کي گھِلي وڌو اوڙاھ ۾،
خواهشن کي بُت بڻائي آءُ پوڄيندو رهيس،
مُشڪلون آسان اِتان ٿينديون، هي سوچيندو رهيس،
پنهنجو ٻوٽو ٻارجي ، ڀل ٻيا پون آڙآھ ۾.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون ڪيو قربان پنهنجو پاڻ، ڪوڙي شان تان،
آئڙي دل سان نه آزادي اُها ڇڏڻي پيم،
پر غلامي راس آئي، جنهن سان لِڇ ڳنڍڻي پيم،
ريس پنهنجو پاڻ تي آئي ٿي اِهڙي مانَ تان.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون جھُڪايو ڪنڌ پنهنجو هير جي جابر اڳيان،
۽ اصولن تي وڃي سودو ڪري سرهو ٿيس،
هي ڪڌو ڪم هو تڏهن ڀي ڪين مان ارهو ٿيس،
سانٿ ٿي وئي منهنجي عزت وقت جي آمر اڳيان.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
اڄ به ناهيان ماٺ ساڳي هام هڻندو ٿو رهان،
هي رُٺل ماحول دُلبي ساڻ سرچائڻ جي لاءِ،
اي وطن مان تنهنجو آهيان، تو تي مرندو ٿو رهان،
هيءَ به هڪڙي کيڏ آهي شرم پرچائڻ جي لاءِ.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !

***

نياز همايوني


سرخ پنن تي سنڌ لکان ٿو۔ (ايوب کوسو)


سرخ پنن تي سنڌ لکان ٿو۔
ڄڻ ته ڦٽن تي سنڌ لکان ٿو۔

روز اکين جي ننڊ مري ٿي،
روز سڏن تي سنڌ لکان ٿو۔

آڻين ٿو تون جام چپن تي،
آءٌ چپن تي سنڌ لکان ٿو۔

انگ انگ آهي ساڻو ساڻو،
پوء به بدن تي سنڌ لکان ٿو۔

ڇلڪي هن جا نيڻ پون ٿا،
نانء هٿن تي سنڌ لکان ٿو۔

من جو ديبل دانهن ڪري ٿو،
سرد وچن تي سنڌ لکان ٿو۔

هوء سرتين ۾ ٽهڪ ڇڏي ٿي،
آءٌ وڻن تي سنڌ لکان ٿو

***
ايوب کوسو

جمعرات، 24 مئی، 2012

ڪو چينُ سزا وانگر...


ڪو چينُ سزا وانگر،
ڪو دردُ دوا وانگر.

مان تنهنجي بقا وانگر،
تون منهنجي فنا وانگر.

ميلاپ کان اڳ وڇڙڻ،
بي جرم سزا وانگر.

مطلب جي محبت آ،
بي فيض دعا وانگر.

چاهت کان سوا رشتو،
بي رنگ حنا وانگر.

تنهائيءَ ۾ سارُوڻي،
ڪاڙهي ۾ هوا وانگر.

هر سوچ منافق جي،
جُوتي ۾ بلا وانگر.

ڪافر ٿو ٿيان شايد،
ڪو شخص خدا وانگر.

برسيو هان سرابن تي،
سانوڻ جي گهٽا وانگر.

گلشن ۾ ’وفا‘ آهي،
صحرا ۾ صدا وانگر.

-----------
آٿم ناٿن شاهي

ڇـَـلڪيا نيڻ- ڪٽورا تـُـنهنجا...


ڇـَـلڪيا نيڻ- ڪٽورا تـُـنهنجا،
ڀرمَ ٿيا اڄ ڀورا تـُـنهنجا!

تـُـنهنجي پيار ڪرڻ جا ساکي:
هي سڀ هورا- کورا تـُـنهنجا.

اکين مان ٿا چغلي کائن،
لالُ - گلابي ڏورا تـُـنهنجا.

اکِ اَٽڪائي: ويندي- ويلي،
پيرَ لڳن ٿا ڳورا تـُـنهنجا!

رِيتـِـن منجهه رَڙيون ٿيون ٻڌجن،
”وا! زوراوَر زورا تـُـنهنجا!!

”اوءِ!“ اکـَـر سان سـَـڏُ ڪيو تو،
ٿي ويا ڏاڍا ٿورا تنهنجا.

اڄ کان آثم لکندو رهندو،
گيتَ، غزل ۽ مورا تـُـنهنجا!

-------------
آٿم ناٿن شاهي

ڪڏهن تـُـنهنجي واتان جي ’ها‘ ٿي پوي...


ڪڏهن تـُـنهنجي واتان جي ’ها‘ ٿي پوي،
ته مون لئه الائي ته ڇا ٿي پوي؟

غزل مان لکان: تون ڪڍين پيو چـُـڪون،
اِئين هڪ دفعو شل اَلا! ٿي پوي.

تون مـُـرڪي، پو پنهنجو ارادو ڏَسين،
ته منهنجي به مرضي اُها ٿي پوي.

مـِـلي پاڻَ: پنهنجي شـَـڪن تي ٽـَـليون،
ته، هر ڳالهه جيڪر صفا ٿي پوي.

ٿـَـڌا ساهـَـه ئي، پـَـر، جي گڏجي کڻون،
ته ڌرتي تتل هيءَ ڳڙا ٿي پوي.

جي ماڻهو سڀئي هڪ- ڪرا ٿي پون،
ته، دنيا سڄي ’واهه- وا‘ ٿي پوي.

ٽـِـجوڙين ڀرڻ جي نه مـِـرگهي هجي،
ته مرضن گهڻن جي دوا ٿي پوي.

ڏُکي ناهـِـه تقدير بدلي سگهڻ،
مگر، شرط آ، ’ٺا ۾ ٺا‘ ٿي پوي.

وڃي ڪنڌُ ڪـَـپجي وطن جي مٿان -
ته، هڪ قرض آثم! اَدا ٿي پوي!

------------
آٿم ناٿن شاهي

روح راضي ڪجي،


روح راضي ڪجي،
ياد تازي ڪجــــي،

دل ٿي چاهي وري،
يـــاد تازي ڪجـي،

من هو پرچي پوي،
آزي نيازي ڪجي،

ڇـــو ڀـــلا پيـــار ۾،
جلد بازي ڪجي،

نيت سجدا هجن،
دل نمازي ڪـجي،

شهر مجرم سڄــو” اياز“،
ڪنهن کي قاضي ڪجي.


--------
شيخ اياز

سـَـچُ نه ماريو زهرَ- وَٽي...


سـَـچُ نه ماريو زهرَ- وَٽي،
بازي ويو سقراط کٽي.

گهورِي جانِ، وڃي ته وڃي،
ماڻهو مقصد کان نه هـَـٽي.

اڄ، ڪنهن جي دَرشن جي بک،
سـِـڪَ جو پـَـئي ٿي هانءُ چـَـٽي.

سامـُـنهن: نيڻ- نهارَ نه ڪا،
ڪيئن اڄوڪي سانـَـجهـَـه ڪـَـٽي؟

داڻو- داڻو ڌار نه ڪر،
ساٽي! دل جو سـَـنگُ سـَـٽي!

ڏاهپَ ڏاڍا ڏَنڀَ ڏنا،
ڏاتِ ڀريا ٿم ڏُک ڏَٽي(1) .

اهڙو ڪو چـَـنجورُ هجي،
پـِـيڙائن جي پاڙَ پـَـٽي.

آثم! سچ جو ساٿ ڏِجانءِ،
جيونُ جيڪي ڏِينهـَـن ٻه- ٽي!!

-----------------
(1) ڏٽي ڀرڻ  = لتاڙي ڀرڻ (گهڻو ڀرڻ).
-----------------

(آٿم ناٿن شاهي)

ڪي ڪي يادون ڪـِـرڻا ڪـِـرڻا


ڪي ڪي يادون ڪـِـرڻا ڪـِـرڻا،
ڪي ڪي اَکيون جـَـهرڻا جـَـهرڻا.

ڪي ڪي آسون اَڻ جـَـهل، اَڻ- ٽر،
ڪي ڪي وعدا ڦـِـرڻا- گـِـرڻا.

هانوَ ٻـُـڏل ۽ ٽـِـڙڪيل شيشا،
ٻيهر مشڪل تـَـرڻا، ڀـَـرڻا.

هـُـن بن ڪهڙي هيءَ حياتي،
ٻاڙا/ ٻوڙا پـَـرڻا- اَرڻا.

جيڪي عشق اُجاريا آثم،
سي انسانَ نه کـَـرڻا، مـَـرڻا!!


-----------
آٿم ناٿن شاهي

لکندي مر-- گيت امر (آثم ناٿن شاهي)


لـِـکندي مـَـرُ،
گيت- اَمرُ.

سـَـهـُـه نه پيو،
ڏاڍُ- ڏمر.

منزل ڏور،
سخت سـَـفرُ.

اُڃَ وَٺئي،
پيءُ پگهـُـر.

رات کـُـٽاءِ،
ڳولِ سـَـحرُ(1).

گـَـهـُـر نه ڊَهي،
ڏينـِـسِ پـَـڃرُ.

زلفَ نه ڀانءِ،
ڇانوَ- ڇپرُ(2).

پيارُ اَٿئي،
ٻارُ نـِـٺرُ(3) .

آثم، تون،
يارَ! نه کـَـرُ(4) !!

----------------
(1) سحر = صبح.
(2) ڇانوَ- ڇپرُ =  سينگارِ بڻاءِ“
(3) ٻارُ نـِــٺرُ = ڏِنگو- ضدي.
(4) کـَـرُ = کري پوڻ مان (کـَـرُ).
-----------------

(آثم ناٿن شاهي)

اتوار، 20 مئی، 2012

پيار، درياهه آ...


پيار، درياهه آ، درياهه به لَٽجي ٿو وڃي،
نيٺ انسان آ، انسان به مَٽجي ٿو وڃي.

مان مڃان ٿو ته سڀين پارين سڄڻ سون آهي،
هي غضب ٿيو جو سچو سون به ڪَٽجي ٿو وڃي.

بعضي بندوق شڪاريءَ جي ڇُٽي ٿي پٺتي،
جو ڦَٽي ٿو ڪڏهن پاڻ به ڦَٽجي ٿو وڃي.

حُسن آ باز، مگر عشق وڏي آفت آ،
مون ڏٺو آ ته ڪڏهن باز به جهَٽجي ٿو وڃي.

چند هَٽندي ئي وڏي ويرَ هٽي ويندي آ،
گهُورَ گهٽجي ٿي ته ”استاد“ به گهٽجي ٿو وڃي.


***
استاد بخاري

هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا...


هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا ، ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا
اهي ڀهڪيون ڳالهيون بخش ڪجاء مونکي محبت جو ٿئي مئو سهڻا

هڪ عمر ۾ توکي ڇا ڏسندس هڪ عمر ۾ توسان ڇا کلندس
مونکي عمريون هجن ها سئو سهڻا،

هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا، ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا
اهي ڀهڪيون ڳالهيون بخش ڪجاء مونکي محبت جو ٿئي مئو سهڻا


تولاء روئان چئين ٿو روئڻو، تولاء سڪان چئين ٿو سڪڻو
جيڪي چوڻو اٿئي پيو چئو سهڻا،

هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا، ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا
اهي ڀهڪيون ڳالهيون بخش ڪجاء مونکي محبت جو ٿئي مئو سهڻا
*******
استاد بخاري جي شاعري

مان جو درياء هوندي به،،



مان جو
درياءُ هوندي به
تتيءَ ٿڌيءَ ڌوڪيندو
واريءَ ۾ لٽجندو
هيٺاهين ۾ رڙهندو
مٿاهين تان ڪرندو
پٿرن سان مٿو ٽڪرائيندو
ڪنڊن ڪانيرن سان وڙهندو
پر پوءِ به
رات جي نرم نرم خاموشين کي
مڌم سُرن جا گيت ٻڌائيندو
اڳتي ئي اڳتي وڌندو رهان ٿو
سو رڳو ان لاءِ
ته جيئن
تو ۾ سمائجي سگهان
تون جو
سمنڊ آن


*****
نامعلوم

ہفتہ، 19 مئی، 2012

جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ


جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ
هي جيون جيون آهي ڇا ــ ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ

هن ڪاڪ منڊل کي ڊاهيندي ڪنهن آس نگر جا ساٽ سٽيون
اُس کان ته اجھو ٿو گھرجي، هي سنسار ته تپندڙ کوري آ

هن ڪوڙ قلعي جو ڀرم ٽٽو سڀ سانگ رچاءِ به سمجھون ٿا
تو ٺوري ٺاهي آڏ رکي مون ڪالهه جا ڍونڍي ٻوري آ.

ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو
جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.

قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا
هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو جلاد جي لئه مجبوري آ

اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ۔۔۔

-------
حليم باغي

جمعہ، 11 مئی، 2012

هوءَ اچي ٿي، ٺري پوان ٿو


هوءَ اچي ٿي، ٺري پوان ٿو،
هوءَ وڃي ٿي، مري پوان ٿو.

هوءَ اچي ٿي، ميلو مچي ٿو،
تن من منهنجو، روح رچي ٿو.

هوءَ اچي ٿي، وسرن ٿا سور،
هوءَ وڃي ٿي، پون ٿا پور.

هوءَ اچي ٿي، سک ملي ٿو،
هوءَ وڃي ٿي، ڏک ملي ٿو.

هوءَ اچي ٿي، سور سليان ٿو،
هوءَ وڃي ٿي، هٿ مليان ٿو.


.............. مٺل جسڪاڻي

نَئين آهي نِت ناز وارن جي ٻولي


نَئين آهي نِت ناز وارن جي ٻولي
نِگاهُن اَدائُن اِشارن جي ٻولي

مِٺي آهي ڪوئل جي ڪوُ ڪوُ مِٺي آ
مِٺي آهي سچُ بيقرارن جي ٻولي

خِزان حالُ اوري ته ڪنهن ساڻُ اوري
سَڀيئي سِکيا جي بَهارُن جي ٻولي

مِٽيءَ جي ذرن جو ته ڪُجھ حالُ سَل توُن
ڏُکي ناهي سمجھڻ سِتارَن جي ٻولي

اَلا ! اِئين نه ٿِئي جو ڪِتابن ۾ پڙهجي
ته هُئي سِنڌُ ۽ سِنڌُ وارن جي ٻول


**
نارائڻ شيام

اتوار، 6 مئی، 2012

آويءَ آويءَ ٻرندو آهيان.


آويءَ آويءَ ٻرندو آهيان.
پـَـل پـَـل منجهه پـَـڄرندو آهيان.

ڏهه َڏهه ڀيرا ڏينهن سـَـڄي ۾،
جيئندو آهيان مـَـرندو آهيان.

سوچـُـن جي ساگر ۾ اڪثر،
ٽـُـٻندو، ٻـُـڏندو، تـَـرندو آهيان.

ڪيڏيءَ مهل، الائي ڪاٿان،
ڪنهن لئه واپس وَرندو آهيان؟

هرهڪ ڪاريءَ راتِ جي ڪـُـکِ مان،
بڻجي باکَ اُڀرندو آهيان.

ويڻ ٻـُـڌي وِهـُـه جهڙا ڪنهن جا،
سرنديءَ آ هر ٽرندو آهيان.

ڪڏهين پربت وانگر اَڻ- ٽـَـرُ،
ڪڏهين ڳـُـڙَ جيان ڳـَـرندو آهيان.

ڏاڍن کان ڏَرُ ناهي ٿيندو،
ڏٻرن کان مان َڏرندو آهيان!

(جنوري 1975ع)

**********
آٿم ناٿن شاهي

ہفتہ، 5 مئی، 2012

سانجهه ٿي آ ديپ ٻاري پوءِ هلون


 سانجهه ٿي آ ديپ ٻاري پوءِ هلون
ترس ٿورو هوءَ نهاري پوءِ هلون

ترس ٿورو چنڊپيو اڀري اڃا
ياد هڪڙي کي سمهاري پوءِ هلون

ترس ٿورو هوءَ ڀلي آرس ڀڃي
واءُ خوشبوءَ کي اڏاري پوءِ هلون

ترس ٿورو هر گهٽي آهي اداس
دل وٺي ڪي لڙڪ هاري پوءِ هلون

ترس ٿورو هوءَ ڀلي مرڪي وٺي
نيڻ نيڻن ۾ اتاري پوءِ هلون

ترس ٿورو گل اڃا نهن ٽڙيا
ترس ٿورو غم وساري پوءِ هلون



**
ايوب کوسو
گلابن جو ڪفن

جمعہ، 4 مئی، 2012

ڪو ته چوي


چُپ چاپ مِٽيءَ کي ڪو ته چوي
ها ڪو ته چوي ها ڪو ته چوي
ڪو ڳائي اهڙو گيت نئون
جو ٽوڙي سڀ زنجير ڇڏي،!
ڪو جوڙي اهڙو عشق نئون،
جو بدلائي تقدير ڇڏي!
چُپ چاپ پکين کي ڪو ته چوي،
نئين صُبحن ۾ مخمورٿين،
ڪي اهڙيون ٻولن ٻولڙيون،
جو ٿڪ دلين جا دُور ٿين!
چُپ چاپ اکين کي ڪو ته چوي،
بي رنگ رُتن جِي ويلا ۾،
ڪا چانڊوڪيءَ جي ريت ٿين،
نئين خوابن جي مهڪار کڻي،
من اُجڙيل هر جو ميت ٿين!
چُپ چاپ سکين کي ڪو ته چوي،
هي ٽاڻو آهي دردن جو،
ڪي ٽهڪن کي انداز ڏين،
ڪي سرگوشين جا شعر لکن،
ڪي ڇيرن کي آواز ڏين!
چُپ چاپ پرينءَ کي ڪو ته چوي،
هِي بارش ناهي وڇڙڻ جِي ،
ڪا معنى ارپي خوابن کي،
ڪا خواهش ناهي وکرڻ جِي،
ڪُجهه روڪي هاڻ حجابن کي!
چُپ چاپ هوا کي ڪو ته چوي،
خاموش سُتل هِن پن ڇڻ ۾،
ڀل کولي هُن جا وارَ ڇڏي،
هن شامن جو ڪجهه زنگ لهي،
ڀل مهڪائي سنسار ڇڏي!
چُپ چاپ نگر کي ڪو ته چوي،
ها! ڪوته چوي، ها ڪو ته چوي،
هر اُلڪي جو احساس ڪري،
هر جذبي کي ڪا خوشبو ڏي،
هر رستي تي ڪو واس ڪري!
ها ڪوته چوي ها ڪو ته چوي!



نوٽ : هي خوبصورت نظم ايوب کوسي جي شاعري جي ڪتاب” ڪنارن جا سڏ“ جي صُفحي نمبر 118 تان ورتو ويو آهي

ڪکن تي ڪنوارا رکي پير آئي _ ايوب کوسو


ڪکن تي ڪنوارا رکي پير آئي
اها ڪير آئي اها ڪير آئي
ڪنڊن جي ڌڻن جي پڇا سوچ ۾ آ
وساريل گسن جي سدا سوچ ۾ آ
هوا ساهه روڪي پڇي ٿي نمن کان
اها ڪير آئي گلابي چپن سان
ڏسي شام سڀڪي وساري ڇڏيو آ
ڏسا، پاند پنهنجو اڏاري ڇڏيو آ
مٽيءَ جي ڳهر جو ڇڻيو خواب آهي
گهٽا بارشن کي بهاري ڇڏيو آ
اها ڪير آئي عقابي اکين سان
گهڙين جي گذر جي ادا سوچ ۾ آ
ڀنڀورين جي ڀڻ ڀڻ اهو ٿي ٻڌائي
نهارڻ سان موسم مٽائي ڇڏي ٿي
کلي ٿي ته اونداهه هٽائي ڇڏي ٿي
ڊگها زلف پنڇين کي لاهي اچن ٿا
هلي ٿي ته ڌڙڪڻ وڌائي ڇڏي ٿي
اها ڪير آئي جفا بي خبر آ
وڻن جي پنن جي ڪٿا بي خبر آ
سنڌوءِ جي ڪپن کان ستارا پڇن ٿا
جڳن جي درن جي ڪهاڻي ته ناهي
سڳند کي سڳند جي وراڻي ته ناهي
نرڙ تي نياپن جي بارش لٿل آ
گلابن جي چنچل جواڻي ته ناهي
وفا سوچ ۾ آ، حنا سوچ ۾ آ
بندوقون لتاڙي خماريل وچن سان
اها ڪير آئي اها ڪير آئي
شبابي گسن تان اها ڪير آئي


-
ايوب کوسو 

جمعرات، 3 مئی، 2012

نانو منهنجو لکي سيني لاتئي سکي



نانو منهنجو لکي سيني لاتئي سکي
تنهنجي ڌڙڪن ۾ هان دل تي ڏس هٿ رکي

پن پن ٿي امر ويو سڄي کيت جو
تو ڇهيو جنهن منجهان هڪڙو سورج مکي

نينهن تو سان لڳائي سجائي ڪئي
ٻيو نه پڇ زندگي هئي ڪيتري ڏکي

تنهنجي جوڀن جون نديون تلاشي پيو
ريت جي رڃ ۾ عشق جو ڪو پکي

تو کي ساهن ۾ محسوس ٿيندس سميع
نانو منهنجي مٿان چپ ڏسجان رکي

-
سميع بلوچ

مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان - راشد مورائي

مون ٻار پڙهايا پورهيت ٿي، دل رنجورن جا
پر هارين جا پٽ هاري ٿيا، مزدور ٿيا مزدورن جا
۽ بک برابر بڇڙي آ، سڀ گهاڻل بک جي کورن جا
مون ڪالهه ڏٺا ير ڪايل هئا سڀ ڌوڪي جي دستورن جا
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

مون ڇانه سجاڳيءَ سڏ ڪيا، نئين رت کي ننڊن روڙيو آ
سي جوان رهن ٿا جهوٽن ۾، مون جن سان ناتو جوڙيو آ
جي مالي هئا رکوالا هئا، تن ڀاڳ جو ٻيڙو ٻوڙيو آ
هن نينهن جواني راس ڪئي، مون لوڙيو رت ولوڙيو آ
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

مون وار سٺا، هر وار نوان، مون ويرين سان ويڙهاند ڪئي
۽ ويرين واري واري سان ٿي ويڙهه وڏي ويڙهاند ڪئي
ڪي سورهيه ساٿي ڪالهه ڪٺا، جن ريٽي رت سان راند ڪئي
ٿي پاڻ ڀٽائي جو ٻيلي مون سسي نيزي پاند ڪئي
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

هي قوم تي قابل رحم جي آ پر رحم به ڪنهن کي ڪون اچي
ڪي ٿورا داڻا خوش آهن، نه ته ٻيو آ سارو ڏيهه ڏچي
ڪو اهڙو اوڀر اڀري جو ڪو ظالم آمر ڪونه بچي
هن آس تي وقت گذاريان ٿو، من ڪو هتڙي رنگ رچي
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

آ سچ ننڍو، ويهه ڳنڍو آ، هو بربت جيڏو ڪوڙو آ
هو ٽٽندو ٿوڙي ٽوڪر سان، ڄڻ ڪانچ جو ڪئي چوڙو آ
هر واوَ اڳان به نمي پوندو ڄڻ ڪانهن جو ڪوئي ٻوڙو آ
پر ٿوري همٿ ڪير ڪري، هت هر ڪو روح وسوڙو آ
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

ڪو ملان آ، ڪو پنڊت آ، ڪو صوفي ۽ ڪو جوڳي آ
ڪو لنگهو لالچ جو لوڀي، ڪو لوڀيءَ جو پيءُ ٺوڳي آ
سي ڀنگون پي ٿا ڀڙ ٿين، جن لاءِ پيڙا ڀوڳي آ
مان راشد ويٺو رت رئان جو راڄ ٿيو اڄ روڳي آ
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان


 - راشد مورائي

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *