جمعہ، 20 فروری، 2015

نهاريو تو ته پنڇي هو ورڻ جي واٽ ڀلجي ويا.
هٺيلو ٽهڪ ڇا نڪتو کڻڻ سڀ ڳاٽ ڀلجي ويا.
چني جو پاند ڇا اڏريو ڏسائون مهڪ ۾وهنتيون،
ڦٽن تي تازگي آئي هينئان گھرگھاٽ ڀلجي ويا.
چون ٿا هيل رستن تي ٽڙيل ڪوڪا گھڻا آهن،
اچڻ وارا هليا آيا ٻنن تي ٻاٽ ڀلجي ويا.
انگوري رات آگم جي هوا جي گيت تي بندش،
چڳن جي ياد ڇا آئي بدن ٻوساٽ ڀلجي ويا.
عقابن جي وراڪن جو لڳن ٿا جاڳ ۾ جلوو،
انهن کي ڪير روڪيندو جي ڦاهي گھاٽ ڀلجي ويا.
ائين ناهي صفا ممڪن نه ايڏو عشق آ ڪوڙو،
مڃان ڪيئن يار جا پايل ڪرڻ ڇمڪاٽ ڀلجي ويا.
ڪنوارا جسم شيشي جيان ٽٽا آواز اجري ۾،
وڪامي وقت جا مورخ اهي ٽڙڪاٽ ڀلجي ويا.
بمن جي بارشن ساڙي ڇڏي آ حسن جي حرمت،
امن جا نيٺ سڀ جھنڊا نوان ڦڙڪاٽ ڀلجي ويا.
ايوب کوسو

اسان شام توبن جڏهن ڪا گذاري،
ڀريو ڀاڪرن ۾ تڏهن بيقراري،
ٽڙي پيو افق تي جڏهن رنگ ريٽو
تڏهن ذهن تنهنجي چني آ سنڀاري،
ايامن جا آگم ائين ئي وسي ويا
رڳو آسرن تي اسان دل ڌتاري،
هوا جي بدن ۾ ٽڙي مهڪ آئي
ڪٿي سينڌ تو آ لڳي ٿو سنواري،
اهي نيڻ پنهنجي نه وس ۾ رهيا هن
کسي ننڊ وئي ٿن نظر ڪا ڪنواري،
انهي ڪاڻ اڌ ۾ ڇڏيون سين بهارون
متان ڪوئي سمجهي ته ڪئي سون غداري
،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
ايوب کوسو

سدائين رکي ٿئون ڇاتي وڏي.
ڀلي آزمائي ڪو ڪاتي وڏي.
دريائن جي ويجھو رهياسين اڃايل،
ڪئي وقت ويساه گھاتي وڏي.
اڃان هو اندر جي شهر ۾ رهي ٿي،
اڃان هن لئه دل آهي آتي وڏي.
اها آ اسان جي اميدن جي خو شبو،
وري جنهن سڳي آهي پاتي وڏي.
پرين زرد موسم نهوڙي ڇڏيندي،
ائين دير جيڪر تو لاتي وڏي.
وڇوڙن کي آخر سنڀالي به وٺبو،
رهي پيار جي شل حياتي وڏي.
ايوب کوسو،



ڪٿي ڪوئي اڃايل آ ڪٿي ڪوئي وڃايل آ.
گلابن جو قسم آهي اڃان ڀي عشق گھايل آ.
ڪٿي زنجير پيرن ۾ ڪٿي زنجير ذلفن ۾،
ڦلهوري ڇا ڪندين شاعر هتي هر دل ستايل آ.
خبر ناهي مسافر ٿي اويلو ڪو اچي تو ڏي،
جھڳي ۾ ڇو ڀلا تنهنجو اڃان ڏيئو اجھايل آ.
خماريل رات جون نظرون امبر تي چنڊ جو پهرو،
اکين مان ننڊ وئي اڏري پرين جو خيال آيل آ.
ڇڏي ٿي ٽهڪ هو ڇوڙي وڃن ٿا پهر پاڳل ٿي،
لڳي ٿو سونهن جو ساگر سڄو هن ۾ سمايل آ.
ڀلي هو بيرخيون تاڻي محبت کي ڇڏي ڇاڻي،
اسان جي دل ته هن جي پوء به واٽن تي وڇايل آ
(ايوب کوسو)

محبتون ۽ موسمون مٽجو وڃن،
اوچتو ئي قربتون گھٽجو وڃن،
وقت جي ڪاون مٿان اڪثر هلي.
عاشقي جي آرسي کي بي حسي.
نيٺ داغن سان ڪيو ميرو ڇڏي
بيوفائي کاٽ خوابن جو هڻي
ڪونه ٿي پنهنجو ڪٿي پيرو ڇڏي
روز راهن ۾ وڃن نظرون ٿڙيو
درد ڪيئي روح ۾ وچڙيو پون،
منظرن تي سوڳ جا پاڇا ڏسي
خيال ڪيئي ذهن ۾ اجڙيو وڃن
هونئن ته ٽارين تي ٽڙن ٿا روز گل
پر لڳي ٿو آهي خوشبو دربدر
سرد آهن ۾ ٽڪيل ڪا شام آ
ٽهڪڙن جا ويا ٽٽي آهن اندر
اجنبي انداز هن ماحول جا
روز زخمن جون ڪڙيون لاهيو وجھن
حسرتن جا باغ ڀيلي بيرخيون
ننڊ نيڻن جي سڄي ڇاڻيو ڇڏين
پر عجب آهي اڃا ڪيڏو اهو،
اذيتن جي هن ڊگھي سيلاب ۾
دل امنگن جو وطن ڳوليو لهي
ڪو جيئڻ جو روز فن ڳوليو لهي
ڀل کڻي ماحول ۾ آ بيحسي
پوء به دل کان ڪونه ٿي ٻاهر وڃي
چنڊ جهڙي چاه جي ڪا روشني
(ايوب کوسو)

( ٻڌو ٿم ته تو به وساري ڇڏيو )

( ٻڌو ٿم ته تو به وساري ڇڏيو )
دکن سان شناسي اڳي ڀي رهي آ،
ائين ئي اداسي اڳي ڀي رهي آ،
غاليچن کي پيرن ڏٺو ئي ڪٿي آ ؟
هڳائن جي ڦيرن ڏٺو ئي ڪٿي آ ؟
ڀنل شام جهڙو رهيو روح آهي
ٿڪل دل مسافر پٽيو ساه ناهي
خزائن سان ناتا رهيا ئي رهيا هن،
صفا نيڻ آتا رهيا ئي رهيا هن
گلابي سويرن ڏٺو ئي ڪٿي آ ؟
ڊگھيون سرد راتيون نيون ڪون آهن
اوجاڳن جون ڪا تيون نيون ڪون آهن
رڳو بس ڪنواري حقيقت اها آ
ته تون دل جي ڌڙڪڻ ۾ شامل رهين ٿي،
ٻڌو ٿم ته تو ڀي وساري ڇڏيو آ
چون ٿا ته ڏاڍي عجب ٿي وئي آن،
جيئن بارش دري جي وٿين مان اچي،
جيئن ويران کنڊر تي سانجھي لهي،
جيئن صحرا ۾ آڌي جو ڇيرون وڄن،
جيئن تارن جو پاڇو ندي تي تري،
جيئن رڻ پٽ ۾ ڪو گل ٽڙي ۽ ڇڻي،
جيئن گھر ۾ اڪيلو ڏيئو ڪو ٻري،
ٻڌو ٿم ته دل کي ائين تو ڪيو آ
ٻڌو ٿم ته تو ڀي وساري ڇڏيو آ ؟
او جانان اها ڪا نئين ڳاله ناهي،
سمونڊن ۾ طوفان ايندا رهن ٿا؟
۽ درياء ۾ ٻيڙيون ٻڏي ئي وڃن ٿيون،
ستارا به اڀ ۾ اجھامي وڃن ٿا
وڻن کي به پنڇي ڇڏيندا رهن ٿا،
گھرن ما به ماڻهو لڏيندا رهن ٿا،
پرين پو ء به جيون ته هلندو رهي ٿو
اکين ۾ به سپنا ته ايندا رهن ٿا،
گلابن جا گل ڀي ته ٽڙندا رهن ٿا،
او ڍوليا اها ڪا نئين ڳاله ناهي
تو جي وساريو ته ڇا ٿي پيو
تو جي وساريو ته ڇا ٿي پيو،

(ايوب کوسو)

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *