اتوار، 22 اپریل، 2012

محفل حسين تنهنجي تنهنجا حسين ماڻا


محفل حسين تنهنجي تنهنجا حسين ماڻا،
هت مير پير آهن ناڻي بنا وڪاڻا،

ڏاڍا وڏا شڪاري آيا شڪار ٿي ويا،
آيا هئا خريدڻ خود بي مُلها کپي ويا،

هي ڪاروبار تنهنجا ٿا نيڻ ڪن نماڻا۔
هت مير پير آهن ناڻي بنا وڪاڻا،

اي ڪاش تو اچين هان مان ڪانگ ٿو اُڏايان،
اهڙي جڳهه ڪٿي جو توکي کڻي ويهاريان۔

ڇاتي ڪيان وڇاڻو ٻانهون ڏيان وهاڻا،
هت مير پير آهن ناڻي بنا وڪاڻا۔

هڪ ڳالهه هيء حياتي استاد وئي اجائي،
ٻي سوچ زندگاني ستبار ٿي سجائي،

هڪ پيار يار ڄاڻا ٻي ڪار ڪانه ڄاڻا،
هت مير پير آهن ناڻي بنا وڪاڻا۔

،جيوت جي سنگيتن جهڙي جهانجهه وڳي هڪ رات


،جيوت جي سنگيتن جهڙي جهانجهه وڳي هڪ رات
.رَڳ رَڳ ۾ پئي نينهن نچايو عمر سڄي هڪ رات

،جهولڻ جهومڻ، موجون ماڻڻ جي هُوءِ هڪڙي رات
.وڇڙي وئي پر چَمڙي وانگر، روح کي چنبڙي رات

،جڳ جڳ جا جذبات کڻي اهڙي ته لنگھي هڪ رات
.ويندي ويندي يار اسان جي عمر ونگي هڪ رات

،ڇا ته اڱڻ تي بادل، کنوڻيون کيڏيون ساري رات
.رِم جِهم رِم جِهم برسي مِٺڙي بوسن جي برسات

،ڏينهن تي آهي شينهن گجي ٿو، رات به ناهي سانت
.ڏيڏر، تِڏيون، چٻرا، چمڙا باتيون ڀانتين ڀانت

،ڏينهن تتو ڄڻ صبح ٿڌو ۽ ڀنڀ سُمهڻي باک
.چاهت آهه ته چيٽ لڳي ٿو پوهه ڪتي ويساک

،دل ته چوي ٿي جُڳ جُڳ جيئان، موت ڏياريان مات


،دل ته چوي ٿي جُڳ جُڳ جيئان، موت ڏياريان مات
!ڪاٿان او استاد بخاري، ايڏي آڻيان ڏات

.دل ته چوي ٿي پيار هجي ٻيو تنهنجي سونهن - سنوار
.موت وتي ٿي ڪاتيون لايون ڪاسائي جي ڪار

،دل ته چوي ٿي پيلو، نيلو گول بنايان لال
.جيئو جيئڻ ڏيو پي ۽ پياري ماريان مُونجهه ملال

،دل ته چوي ٿي پورب، پڇّم ورڇيان محبت مال
!ايڏو قُرب ڪمال ڪٿي، هي حاضر جهڙو حال

،مينگھ هجان ها، برسي برسي بَرّ ڪاريان ها باغ
.سج هجان ها، اونداهيءَ جا روز ڌئان ها داغ

،محبت ريءَ مزار "بخاري" محبت ساڻ بزار
!هڪڙي سونهن هجي سيني ۾، هُوندا هيج هزار

اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا،


اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا،
درازيءَ جي ديس جا، سنائيءَ جي سنڌ جا.

عزم عنايت سچ سگھارو، برک بلاول، حيدر پيارو،
اِهي پيارا پيارا ماڻهو، پياري پياري سنڌ جا.

ڪوٺَ ڪنائي پورهيت جاڳيو، جرئت جاڳي، رتَ ستَ جاڳيو،
جاڳي پيا جيالا سارا، هاري ناري سنڌ جا.

ڌرتيءَ ڄايا پيا گڏجي سڏجي، سچ جي سڏ تي پرچي سرچي،
جوڙيون پيا نِڪورا خاڪا، آجي آجي سنڌ جا.

سورج وانگي چمڪي سنڌڙي، جُڳ جُڳ ۾ جيئي سنڌڙي،
هجن هر زبان تي نعرا، صبح، سانجھي سنڌ جا.

جنت ڪاڇو ۽ ٿر آهي، ڪوثر منڇر، ڪينجھر آهي،
وڻن ٿا نظارا ڏاڍا سُهڻي سُهڻي سنڌ جا.

سنڌڙي جندڙي پياري پياري، عشق منجھان استاد بخاري،
ويٺا گيت ٺاهيون ۽ ڳايون، مِٺي پنهنجي سنڌ جا

جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي،


جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي،

وڏڙو ٿيندين، وکڙون کڻندين،
پهرين پهرين ڦڙهي پڙهندين،
بي ٻي پي ڀي ٻاتڙي ٻولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

ڀيڻيون توکي ٽوپِي وجھنديون،
اَجرڪ آڻي، ٻوڪي ٻڌنديون،
چوڏِس تنهنجي چمڪي چولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.


تنهنجي مامَن جي هيءَ ٻولي،
تنهنجي چاچن جي هيءَ ٻولي،
مٺڙي مٺڙي سولي سولي سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

جرنيل ٿيندين، جوڌو ٿيندين!
دريا خان ۽ دودو ٿيندين!
گولي تنهنجي در جي گولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

وستي وستي واهڻ واهڻ،
پهڻي پهڻي، پاهڻ پاهڻ،
ساحل ساحل، ڇولي ڇولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

گھوٽ ڀٽائي واري ٻولي،
استاد آهي پياري ٻولي،
ڌارِي کارِي گھورِي گھولِي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

تون هاڻي مون کي پيارنه ڏي!


تون هاڻي مون کي پيارنه ڏي!
مان راهه- مسافر يار آهيان
تون قرب وڌائي محبت جا،
هي ڪُلف، ڪڙا، ديوار نه ڏي!
مان هاڻ، هوا هسوار آهيان.

تون پيار ٿو ڏين،
جيون ٿو وڻي.
هي جيون ڇا،
هي جهور، مگر تَن، مَن ٿو وڻي.
هي گلشن ڇا،
هن گلشن جو ڪک پن ٿو وڻي.

هن دُنيا جا،
مونکي تنهنجي سونهن-سنوار جو سُنهن،
ڌنڌا ٿا وڻن،
هن دنيا جا.
تنهنجي وارن جي وَر وَر جو قسم،
ڦندا ٿا وڻن.
هن گلشن جا،
گؤنچ ته ڇا ڪنڊا ٿا وڻن
هن دنيا.

هي تنهنجون اکيون، ابرو، پنبڙيون سڀ شاهد
بڙڇون، نيزا، ڀالا ٿا وڻن
هن دنيا جا.
هي تنهنجا ڳاڙها مِٺڙا مِٺڙا لَب شاهد،
طعنا، تنڪا، دڙڪا ٿا وڻن
هن دنيا جا.

هن رياست جون،
تنهنجي ئي ڪڙين، ڪنگڙين جو ڪري،
سنگهرون ٿيون وڻن.

هن خلقت جون،
تنهنجي ئي ڳڻن، ڳالهين جي ڪري،
تعديون ٿيون وڻن.

تون مون کي ڪرڻ ديدار نه ڏي،
اک پنڇيءِ کي،
انهي پڃري جي ديوار نه ڏي!
اک منهنجي کِلي، اک تنهنجي ڇُهي،
تون گُهنڊ وجهي، اک ڇِڀندي ڇِڀندي، ڇِڙٻون ڏي!
مان، جيءُ چوان،
تون ڪنڌ ورائي، ڀُڻڪي ڀُڻڪي ڦوٽون ڏي!
هٿ منهنجو وڌي، هٿ تنهنجو وٺي،
تون ڇِرڪ ڀري، ڏند ڪرٽي ڪرٽي، هڪلون ڏي!
ها محبت کي وِجهه کَڏ کڻي.
ڪنهن ٿوهر، اَڪ جي دَڏ ۾ کڻي.
هر نُڪتي تي انڪار ئي ڏي!
جو ڏيئي سگهين آزار ئي ڏي!
جيئن جيون کان بيزار ٿيان،
ڇو ته موت- وَتوبيمار آهيان،
۽ ”هَڻ-کَڻ“ تي هسوار آهيان.

منهنجي جذبن جو احساس نه ڪر!
ها مون تي ڪو ئي قياس نه ڪر!
هِن جسم ڪڙيل تي ڪرم نه ڪر!
ڪو روح ونگيل تي رحم نه ڪر!
جا توسان واڻيل آهي تنهن
نَس نَس کي ڪَٽ، رڳ رڳ کي ڪٽ!
جو توسان ڳنڍيل آهي تنهن
گس گس کي ڪٽ، دڳ دڳ کي ڪٽ!
هن ساهه کي ڪو سهڪار نه ڏي،
اتساهه کي ڪو آڌار نه ڏي،
هر گُفتي تي ڌڌڪار ئي ڏي.
ڏي چاهه کي هاڻي باهه کڻي،
لاڳاپا سڀ لاهه کڻي،
جيئن –
تن من کان بيزار ٿيان،
۽ جيوت کي ”ٽي لفظ“ ڏيان،
ڇو ته موت-وتو بيمار آهيان
هن وقت ته مان،
کڻي ڇا به ڪريان،
مختار نه پر لاچار اهيان

مڃان ٿو ديس دل کي، نئين ،سگهي رت جي ضرورت آ،


مڃان ٿو ديس دل کي، نئين ،سگهي رت جي ضرورت آ،

مگر رت کي وري ڀاڄي، ڳڀي، ڀت جي ضرورت آ.

لُٽاشو، ميروڙو سنڌوءَ جو پاڻي پيا اسانکي ڏيو،

اسان ڪاٿي پڪاريو آ ته شربت جي ضرورت آ.

ڀڄي پئي چيلهه پر ماريءَ جي پر چوٽي چٿي ناهي،

اڃا هن نانگ کي لَت جي مٿان لت جي ضرورت آهي.

الائي ڪيتري ڪوشش کپي هڪ قوم ٺاهڻ لاءِ،

جڏهن هڪ نظم جوڙڻ لئي به محنت جي ضرورت آ.

قسم حق پاڪ جو، ان کان وڏو ٻيو ڪُفر ئي ڪونهي،

اُتي انصاف چئجي، جاٿي لعنت جي ضرورت آ.

غلامي ، غير، غم ڇاجا، غريبي، عرض ڪجهه ناهن،

فقط هر عين ۾ هڪ غين غيرت جي ضرورت آهي.

پُڇن ٿا: ” سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين؟“

چيم: هاڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ.“

”بخاري“ سنڌ، سنڌي ۽ سدا سنڌوندي دائم!

نه ڪوثر جي، نه حُورن جي ، نه جنت جي ضرورت آ

خريدارو، وڃو موٽي، خدا جو سُنهن کتل آهيان،


خريدارو، وڃو موٽي، خدا جو سُنهن کتل آهيان،
ڄمڻ کان موت تائين، سنڌ ـــــــــ ڌرتيءَ جو وَتل آهيان.

جي اورين ٿو ته مان همغم، جي روئين ٿو ته مان ماتم،
جي ماپين ٿو ته مان پربَت، جھُڪائين ٿو جبل آهيان.

اجل منهنجي پٺيان، تقدير سِرَ تي ، رب رڳ رڳ ۾،
اٽل جيڪي به آهن مون سان آهن مان اٽل آهيان.

خليل الله ٿو بنجين، گواهه الله ٿو ڏين، پر،
اِنهيءَ ڪاتي اِنهيءَ هٿ کان ڪئي ڀيرا ڪُٺل آهيان.

جي تون آڙاهه مان بادل، جي تون بادل ته مان اوٿر،
تون جيڪي ٿين ۽ جاٿي ٿين، مٿان تنهنجي اجل آهيان.

ازل کان پئي هليو آهيان، بخاري ڪجھ ٿڪو هوندس،
جھلئي ڪَنهنجي رڪيو ناهيان اڃان چئبو اجھل آهيان.

تحرير کي ترار بنايون بچي پئون،


تحرير کي ترار بنايون بچي پئون،
ڪوڪار مان ڪٽار بنايون بچي پئون.

هِن جوءِ لئه هزار اٿي جانباز پيا،
هڪ هڪ منجھان هزار بنايون بچي پئون.

غدار پنهنجا دوست ٿين، ٿُڪ هڻي ڇڏيون،
جھونجھار پنهنجا يار بنايون بچي پئون.

پرمار لئه هار کنيون ٿا وتون، شرم،
حقدار لاءِ هار بنايون بچي پئون.

ماري وجھن ٿيون يار مسلسل مُنافقيون،
جي فيصلا سچار بنايون بچي پئون.

بندوق ۽ ڪتاب مٿان دسترس هجي،
هوشيار پنهنجا ٻار بنايون بچي پئون.

جيڏا نه گيت، بيت بخاري گھڙيون ٿا پيا،
ايڏا اٿي هٿيار بنايون بچي پئون

اسين اڌ ـــــــــ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا،


اسين اڌ ـــــــــ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا،
اسين ڦٿڪون ٿا اوهين ڦاٽو ٿا.

ڪٿ پينگھي پاليل اَنگ اَٻل،
ڪٿ تڙڪي تاتيل جُنگ جبل،
اسين باهه ـــــــ بَٺا، اوهين نازڪڙا،
اسين تڙپون ٿا، اوهين تپجو ٿا.

اسين رِيءَ سنڀال ڪروڙن ۾،
اوهين پهرن هيٺ به خطرن ۾،
اسين ٽوهه ڪڙا، اوهين گسَ ـــــــــــ گدرا،
اسين پکڙون ٿا، اوهين پٽجو ٿا.

اسين بيٺا آهيون لوهه لڳا،
اوهان ڪوهه پري ته به ڇرڪو ٿا،
اسين سَچ ـــــ عصا، اوهين ڪَچَ ـــــــ ڪاوا،
اسين ٽڪرون ٿا، اوهين ٽِڙڪو ٿا.

ڏکاري رڳو منهنجي دل تون نه آهين، سڄي پرٿوي ٿي پريشان آهي،


ڏکاري رڳو منهنجي دل تون نه آهين، سڄي پرٿوي ٿي پريشان آهي،
ڪيو ڪنهن ته بيداد بغداد توسان، تتي تنهنجي لئن ۾ لبنان آهي.

تون وارن جي وڪڙن ۾ وچڙي وئي آن، هو وهمن جي ڪڪرن مان نِڪتي ڪٿي آ.
تون نظرن جي تيرن ۾ تڙپي پوين ٿي، هو نفرت جي تيرن جو نشان آهي.

نه ”ڇوڇا“ ڇهيو ٿئي نه سچ پچ چميو ٿئي، تڏهن پيو محبت، مصيبت چوين تون،
هي سورن جو سامان سمجھين ٿو ساٿي، جي سوچين ته دردن جو درمان آهي.

نه پورب سان پڇم نه زخمن سان مرهم، ملي ٿو چوي ٿو ته تنهنجو وڃي ڇا؟
نه مون سان ملئين تون نه توسان مليس مان، اصل ۾ اهوئي ارمان آهي.

سمندر جي تر ۾ مِلي لئي ڪريون ها، لُڇون ها مڃي پئي ڳهي ها،
همالي جي چوٽيءَ تي پهچي نچون ٿا، پَچون ها ته بيروت شمشان آهي.

جو پرمار جھڙا وڏا پر رکي ٿو، جو ڪوراڙ وانگر وَرَ وجھي ٿو،
اسان عاشقن جو انهيءَ سان مهاڏو، اهوئي ته دلبر جو دربان آهي.

ڇَٻي چور کوليون ڪي ڳالهيون ڳجھيون ڪن، لِڪي زور لهرون ٿيون ڇاتيون اڀيون ڪن،
هوائون لڇن ٿيون، ڪنارا ڪڇن ٿا، ائين ئي ته اٿندو ڪو طوفان آهي.

حقير احقر آدم، عظيم اعظم آدم، بڇي زخم آدم، مکي مرهم آدم،
هي نادان، داناءُ انسان ٿي پيو هڪ ئي وقت شيطان يزدان آهي.

ڪُڇان لات ڪَٽجي، لڇان ڏات ڏنڀجي، پنان پوءِ خوشيءَ جي ڪا خيرات پِڙپي،
لڳاتار خود دار استاد تڙپي، هي جِيون ڪٿي هي ته جئيدان ٿيو

ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون، دريا خان ۽ دودا آهيون،


ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون، دريا خان ۽ دودا آهيون،
جوٽي ڏيندا جھيڙا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها اهيون.

هوشو جيئرو جوش ڏئي ويو، هيمون آجو هوش ڏئي ويو،
دوَر نئين جا دودا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

اڳتي وڌندو، پرتي ڪِرندو، دشمن ڇهندو، ڇهندي ٻرندو،
بجلي وارا جھٽڪا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

سورهن آنا سچ ته آهيون، شاهه، سچل جو مَچَ ته آهيون،
طوفانن ۾ ٻرندا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

ماضي جا مهمان نه آهيون، آئيندي جا اعلان آهيون،
تازا توانا تجلا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

تحريڪن جي طوفانن ۾، آزاديءَ جي ايوانن ۾،
ڳاڙها جھنڊا ڦڙڪيا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

جرڪي جرڪي جئيندا آهيون، مُرڪي مُرڪي ملهندا آهيون،
جيئرا هياسين، جيئرا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

دِلوارن لئه موتئيءَ ٽاري، دوڌارن لئه ڪات، ڪٽاري،
بلڪِ بخاري، ڀالا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

مان ڪيئن سيج سمهان


مان ڪيئن سيج سمهان
منهنجا ماروئڙا- منهنجا سانگيئڙا- پڌري پٽ سمهن.

تنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچن،
کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن.

مان ڪيئن لوڻ چکان،
منهنجا ماروئڙا-منهنجا سانگيئڙا روزا روز رکن.

تو وٽ خوب خوشيون، عيدون، عيش، وهان،
ريشم، ويس وڳا، ڏينهون ڏينهن نوان،

مان ڪيئن سينڌ ڍڪيان،
منهنجا ماروئڙا-منهنجا سانگيئڙا- ننگي پيٽ گهمن

گھر گھر برف ڄمي وئي آهي، در در ديپڪ ڳايان ٿو مان،


گھر گھر برف ڄمي وئي آهي، در در ديپڪ ڳايان ٿو مان،
دڳ دڳ اوندهه اوتي پئي آ، پڳ پڳ جوت جڳايان ٿو مان.

اٿ ڀونچال، جوالا نچ تون، باغي ڀونءِ جمالو چوندي،
اوٿر ٿو اَلاپ اٿاريان، ڇوليون ڇيرون پايان ٿو مان.

دهشت گردي دَور سکي آ، حڪمت عملي مون به مٽي آ،
دانهن ڀلي ڏي دور کي ڦٿڪي، گھنگھر توکي گھايان ٿو مان.

جيئو، جيئڻ ڏيو، ڏاڍو سو گابو، جھيڙو جوٽي بيٺا آهن،
وچ ۾ آءُ رتوڇاڻ آهيان، ڇاجي لاءِ ڇڏايان ٿو مان.

صديون ڪنڌ ڪٽايا اٿئون، سهسين سنَڌ وڍايا اٿئون،
هڪڙو ڀيرو گڏجو لوڪو، قهري ڪات ڪٽايان ٿو مان.

ڪارا ڪپڙا، ڳاڙها جھنڊا، ساوا کيت، سنهري ڪرڻا،
سنڌو توکي سينگارڻ لئه، طرحين رنگ رچايان ٿو مان.

خير ته راڳي، ظلم ته باغي، قرب ته ٻڪرو، قهر ته ڪات،
جرڪي جيئڻ ڪاڻ بخاري، ڪيڏا روپ مٽايان ٿو مان.

تنهنجي سِر لئه دريا، دودو ٿي ٿو مان هر هر ڄمان،


تنهنجي سِر لئه دريا، دودو ٿي ٿو مان هر هر ڄمان،
ڇو ٿي گھٻرائين امان!

ٻن ڪروڙن ڪونڌرن جي ماءُ آن جيئين سدا،
تنهنجا هوشو حُر هزارين، تنهنجو هوشو هڪ نه مان.
ڇو ٿي گھٻرائين امان!

هي ته ڏس وک وک تي چوڪيدار ڏهه ڏهه نوجوان،
سومرا، چانڊيا سپاهي، سورما کوسا، سمان،
ڇو ٿي گھٻرائين امان!

تنهنجي پورب ڇا سڄي پڇم لکي تاريخ آ،
تنهنجي ڌرتيءَ کان وٺي آ، آسمان تائين ڌمان.
ڇو ٿي گھٻرائين امان!

عرش جي پاڇي کان جيڪي تنهنجو پاسو آ مِٺو،
تنهنجي پاڻيءَ تي نه مٽبو توڙي ملندو زمزمان.
ڇو ٿي گھٻرائين امان!

هي دعا، دعوى، عقيدو، فيصلو استاد آ،
سج زندهه، سچ زندهه، سنڌ زندهه دائمان.
ڇو ٿي گھٻرائين امان!

جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي،


جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
منڇر، ڪينجھر سنڌو، ساگر،
گج گج لهرون، ڇم ڇم ڇولي.
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
پَٽَ جو پَٽڪو، پَٽَ جي پوتي،
ڍَٽَ جو ڍولو، ڍٽ جي ڍولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
شهر وارن سيني سانڍي،
ڳوٺن ۾ ڳڻوانن ھولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري،
سُهڻي سُرهي سچي سولي،
او لوءِ لوئان لولي!

وارن کان گهڻي


وارن کان گهڻي
تارن کان گهڻي
وڻ ٽڻ گل ڦل
ٽارن کان گهڻي.

برسات ڦڙين
کان ويهوڻي
واريءَ جي ڪڻين
کان ٽيهوڻي
انسان جي لئه الفت ڏي.

ڇا ڀوري کي
ڇا ڪاري کي
ڇا کاري کي
ڇا پياري کي
ڇا دانا کي
ڇا نادان کي
ظالم کانسواءِ
هر انسان کي
جنت کان اڳيئي جنت ڏي.

مبارڪ! پلصراطي پيچري تان زندگي گزري!


مبارڪ! پلصراطي پيچري تان زندگي گزري!
قيامت هئي نسوري، اڌ صدي، پر سا به ٿي گذري.


زمانو هو بيابان، مُنهنجي وِک وِک پر خيابان هئي،
لڳو ٿي دوزخي دڳ تان سواري جنتي گذري.

گهڙي محفل ۾ مچڻو هو، گهڙي مقتل ۾ ملهڻو هو،
دما دم ڪشمڪش ۾ پنهنجي پُوري زندگي گذري.

گواهه آهن ٻِٽا ڀاڪر، ڊگها بوسا جوان وِڄ جا،
وَهي منهنجي ڇهي شعلا، شرارن کي چُمي گذري.

الائي دلڪشي ڪهڙي آ، آئيندي جي ديدن ۾،
تڪيندي، سهڪندي، ڊڪندي ٿي ايڏهن هر گهڙي گذري.

مِٺو هو يا ڪڙو پر عشق جو آواز پئي گونجيو،
لَنگهيو ٿي چيٽ ڳائيندي، ڪندي ڪوڪون ڪتي گذري.

جڏهن تنهنجون ملاقاتون به ٿي ڪاتيون کتيون اک ۾،
تڏهن عيدن جي ڏينهن تي به ٿي ويڌن وڏي گذري.

اڪيلائيءَ جي موسم ۾، اداسائيءَ جي واديءَ ۾،
تصور جي اُٺي برسات، يادن جي ندي گذري.

بخاري، زندگي محبوب آ، هڪ هڪ ادا هنجي،
ڪڏهن سهڻي سُکي گذري، ڪڏهن ڏاڍي ڏکي گزري.

بازار ۾ ڏٺو هوندُءِ،


بازار ۾ ڏٺو هوندُءِ،
اخبار ۾ پڙهيو هوندُءِ

ها، پيار منهنجو آوارو،
هر موڙ تي مليو هوندُءِ


تارو کڙيو ته مان ڊوڙيس،
اڌ رات جو سڏيو هوندُءِ

آرام جو دلاسو ڏئي،
آزار ۾ وڌو هوندُءِ

اوطاق تا اٿيو، مڇريو،
جنگاهه ۾ گڏيو هوندُءِ

تحريڪ ۾ ويو گم ٿي،
تاريخ ۾ لڌو هوندُءِ

ڪرڻن ڊڪي، جهٽي ورتو،
اونداهه ۾ سٽيو هوندُءِ

مون جو سڏيو سڃاڻي ڇڏ،
هر ڪوٺ سان ڪُٺو هوندُءِ

رڳ رڳ ٽُڪيو، جهُڪيو ناهي
منهنجو اهو ادو هوندُءِ

هڪ پيار کي ٻيو پاپيءَ کي
استاد جو پتو هوندُءِ

پير پيا ٿَو ڦٽيا، هانءُ پيو ٿَو رَڌو، ڪجھ ته اڳتي وَڌو!


پير پيا ٿَو ڦٽيا، هانءُ پيو ٿَو رَڌو، ڪجھ ته اڳتي وَڌو!
جو هَٽيو سو ڪَٽيو، مون کي پَتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

زندگي، جنگ جاري جيئڻ جي، مگر امن، انصاف لئه،
پنهنجي قومي حقن لئه اچو ۽ مچو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

هي جو اجرڪ آ ويڙهيو پيو، تنهن کي ڦاڙيو، اڌو اڌ ڪريو،
هڪڙو سِر سان ڪفن ۽ ٻيو سندرو ٻَڌو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

سنڌ جي رات آ، وَر وَڪڙ واٽ ۾، قهر جي ڪاٽ آ،
پاڻ وٽ جوت آ، جُنگ جوڌو جَٿو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

سِرُ تَريءَ تي رکڻ کان اڳي سورمؤ، هوڏي سامهون ڏسو،
سوڀ سهڻيءَ جي سيني تي نظرون رکو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

پلصراطن کان پوءِ جنتون، مقتلن جي پٺيان منزلون،
ٽهڪ ڦٽندا پريان، پهريان هي ڌڪ ٽپو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

مان ڏسان ٿو ڌُٻڻ ٿي وئي آهي ڌرتي سڄي ڏيهه جي،
ڪو غربت ۾ گم ٿيو ڪو ڌَن ۾ گتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

هائو، آڙاهه آڏو آ، درياهه ٿيو، تيز طوفان ٿيو،
ڪئين به ڪهڙو به، پر ڪو طريقو ڪڍو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

قطرو قطرو ملي مست درياهه ٿيو، تيز طوفان ٿيو،
انقلابي بنايو ڪچو ۽ پڪو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

لوڪ بنگلو نه ٽي وي نه وِسڪي نه زردو نه زر ٿو ڦُري،
هو گھُري ٿو اَجھو ۽ لٽو ۽ ڳڀو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

هو کنڀيو ٿا وڃن ٽي سڌر سنڌ جا، ڀنگ، ٽي لک چيو،
ڌاڙ ڌرتيءَ تي ماڻهو ٿيو جھڙو ڍڳو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

حيدرآباد برباد، سنڌي نسل، باهه ــــــــــ بيداد ۾،
گھر ٻري آڳ ۾، روڊ رت ۾ رَتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

جاڳ اک ۾ اَٿَو، پنهنجون کوليو اکيون، ڀاڳ هَٿ ۾ اَٿَو،
سوڀ سگھ ۾ اَٿَو، ساٿ جوڙيو سگھو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

چنڊ سجدا ڪندو آ، عظيم آدميءَ جي قدم تي جھڪي،
پاپ پُرزا ڪندو عزم پنهنجو پڪو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

عار، استاد ، شاگرد، مزدور، ڪڙمي، سمورا ـــــــــــــــ ٻڌو،
گھنڊ پيو ٿو گُڙي اِرتقا جو يڪو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

هن ڌرتي جو تون آهين ڌڻي جي ڳالهه ڳڻي


هن ڌرتي جو تون آهين ڌڻي جي ڳالهه ڳڻي
جي ڳالهه ڳڻي!
جي ڳالهه ڳڻي!

هن ڀونءِ کي ڀونگر ڀاڪر وجھ،
اڻ ڀوئنان ٿيندا پير ـــــــ پڻي.
جي ڳالهه ڳڻي . . .

هر ڌارئي ڌڙ تي ڌوڙ پوي،
هِن خاڪ ڇڏيا ڪئي خان کڻي.
جي ڳالهه ڳڻي . . .

ڀَل ڇاتي ڇلجي ڇاڻي ٿئي،
پر ڦٽجي ڪنهن پر ڪين ڦڻي.
جي ڳالهه ڳڻي . . .

هر حالت منزل تي مِلبو،
سڀ ساٿي بيٺا هامَ هڻي.
جي ڳالهه ڳڻي . . .

ڏِس سنڌو سينو ساهيو آ،
۽ ڇَپَر ڇاتي آهي تڻي.
جي ڳالهه ڳڻي . . .

هر پاهڻ پارس پاهڻ آ،
هر هيرو آ هر ريت ــــ ڪڻي.
جي ڳالهه ڳڻي . . .

پيو ”ڏي اَلا ــــ ڏي اَلا“ ڏوم چوي،
هِن گھر کي گھرجي گھور گھڻي.
جي ڳالهه ڳڻي . . .

جي لِکڻو ٿئي جيجل تي لک،
پوءِ ادڙن کي استاد وڻي.
جي ڳالهه ڳڻي . . .

سُڏڪن سِنڌ ــــ سچار، کلندي لڄ مران،


سُڏڪن سِنڌ ــــ سچار، کلندي لڄ مران،
مِهڻن منجھ ڄمار، جئيندي لڄ مران.

ساگر آڳ لڳايان، ڏونگر ڏوهه ڏڪايان،
بلڪل شير ببر ٿي، مڇري گوڙ مچايان.
زالن وارا پَار،
ڪڍندي لڄ مران.

ڳاڙها ڳڀرو اڀريا، جذبا ٽَڪَرَ ٻري پيا،
زورن ظلمن وارا، ڪوڙا ڪڪر وسي پيا.
قيدي ڪنڌ هزار،
گھمندي لڄ مران.

قومي جلسن ۾ ڪي رتورت گيت گجن ٿا،
رتورت گيتن ۾ ڪئي لَت پت لفظ لڇن ٿا.
پهچو پهچو پڪار،
نچندي لڄ مران.

شهرن منجھ وِهانءُ، مانيون، ٻوڙ، پلاءُ ها،
اوبر ڍير گھٽين ۾، کائن ڪانگ، ڪُتا پيا.
ڏهرن منجھ ڏڪار،
رڄندي لڄ مران.

مان جو ڪوسو جھولو، گذران ريت تتيءَ تان،
پڄري پڄري آخر، تنهنجي در تي پهچان.
توسان بوءِ بهار،
ملندي لڄ مران.

توکي ڪئين ٻڌايان، نغما منهنجا نالا،
سوچون منهنجون شعلا، جملا جھڙا ڀالا،
پپٽ پر تي بار،
رکندي لڄ مران.

جاني جلدي جلدي، جھٽ ڪر مونکي مِٺي ڏي،
جيئڻ ڪارڻ جيڏي، هوڏي جنگ ڇِتي ڏي.
ڪوٺن بيٺا يار،
وِهندي لڄ مران.

موٽي چاهه چمڻ لئي، سرتي آءُ سڪان ٿو،
ڪوٺين بيٺي مِٺڙي، پر مان ڪئين وران ٿو؟
سامهون تير، ترار،
ورندي لڄ مران.

تُهنجي هٿ ۾ ٽاري، ٽاريءَ اندر شعلا،
ماڻهوءَ گھرجي ماني، ۽ تون آڇين گولا.
توڏي او سنسار،
ڏسندي لڄ مران.

ناگاساڪيءَ وانگر، ٻيا بي شهر ٻري ويا،
شاهد ڪئمپ شتيلا، ماڻهو بُک مري ويا.
ٻِليون، ڪتيون، ٻارَ،
ڪُهندي لڄ مران.

ڦُوندا ڦوندا ٿي ويا، جن جي مَن جا نقشا،
پِيلا، نِيلا پڌرا، جن جي مُنهن تا پاڇا،
تِن کان پيڙ پچار،
پڇندي لڄ مران.

ڇِپ ڇِپ سيني لايان، ناهيان نهر جبل جي،
وڻ وڻ ڀاڪر پايان، ناهيان واٽ جھنگل جي.
جنهنکي تنهنکي هارَ،
وجھندي لڄ مران.

تنهنجي لاءِ جيان ٿو تنهنجي ڪاڻ مران ها،
هي سِرُ گھور ڪريان ها، توتي پوءِ ٺران ها.
مون تي آهي ميار،
مرندي لڄ مران.

تو ۾ سرڪش، منشي، باغي، شيخ، بّخاري،
ايڏو انڌ انڌيرو، تو ڇو باهه نه ٻاري،
توتي دور ميار،
ڏيندي لڄ مران.

وڃ، وڃي ڀڃ ڀيلا ـــــــــــ ڀيلا،


وڃ، وڃي ڀڃ ڀيلا ـــــــــــ ڀيلا،
ٿر جي ٿَڃ ملهاءِ ساٿي!
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي!

گھنگھر اندر جر ٿر سوگھا،
گھر گھر کي مڇراءِ ساٿي،
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي!

ڀُونءِ ٿئي پئي ڀاڱا ڀاڱا،
غير هڻن ٿا وچ ۾ راڱا،
ڳولي ڦولي ههڙا هاڃا،

هائيءَ منجھ هڻاءِ ساٿي!
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي!

جھنگن کي زنجير ٻجھي ويا،
ڪهسارن کي ڪير لڳي ويا،
ڍنڍون، ڍورا، بحر ڄمي ويا،

ڇولين کي ڇڏراءِ ساٿي!
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي!

وِک وِک ويري، روڪون، رولا،
ڪاري واري ڪوسا جھولا،
ڌرتي ٽامون، واٽون شعلا،

ڄر مان ڄڃ لنگھاءِ ساٿي،
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي!

برپٽ باغ بنائڻ چاهيان،
جي استاد آرائين آهيون،
وڻ وڻ ۾ هڻ سوڌيون اوڌون،

ڏِنگا ڏار وڍاءِ ساٿي،
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي!

هونئن ته مِٽيءَ جي چپٽي آهيان،


هونئن ته مِٽيءَ جي چپٽي آهيان،
جيئي سنڌ ته ڌرتي آهيان.

خاڪي، نوري، فاني، باقي،
سچ پچ ساٿي سڀڪي آهيان.

عربي، عجمي آهيان ئي پر،
روسي، هندي، چيني آهيان.

سڀ کان اڳ ۾ انسان اڳ تي،
سنڌي ـــــــ سنڌي، سنڌي آهيان.

بوڙئي جھڙي منهنجي هستي،
سنڌو واري مستي آهيان.

سانگين سان گڏ سالگرهه مان،
وڇڙي ويس ته پوءِ ورسي آهيان.

تاريخ آهيان قوم قويءَ جي،
نه ته مرقد جي تختي آهيان.

ڏيڍ ڏنگايون ڏاري ڄاڻان،
مظلومن جو مددي آهيان.

مِهر ته مکڙي ماڪ ـــ ڦڙا مان،
قَهر ته ڪرندڙ بجلي آهيان.

جوت رتيءَ تي پريت پتنگو،
سنگ سڳندي، رنگي آهيان.

عشق ۽ عقل حقيقي ساٿي،
سونهن سچيءَ جو سنگتي آهيان.

آجو پيار ملي پوءِ پيارا،
سولو ويندو سرچي آهيان.

آزادي استاد تنواريان،
ماڻهن جي مان مرضي آهي

سنڌ جو قصيدو


ساڃهه سرمو پاءِ، پوءِ پَسجِ سنڌ کي،'جنّت عدن تجري مِن تحتِه الانهار'، ساري سيِم سُهاءِجُوءِ نه ڪنهنجي جاءِ، بخاري هِن ڀُون ۽ سان
.
نعمت، ڪوهستان، جنت، لاڙ، سرو، ٿر،هِتي حُور، قصور جو سمورو سامان،'فَبِاَيّ آلآءِ رَبِّڪُما تُڪذّبِن'، جاچيو، جوءِ جهان،ڪعبو، نبي، قرآن، بخاري سڀ ڀونءِ تي
.
مون لئي 'مازاغَ البَصَر'، پڻي تنهنجي پاڪ،ڪوثر ڪڻيون موڪليون، مٿان گلن ماڪ،ستئي باغ بهشت جا، اٿئي، تر جا ٿاڪ،بخاري بيباڪ ڪهيو ڪلمو حق جو
.
پَسو، سنڌو پاڪ، اک کڻي استاد جان،جھِرمِر جھِرمِر ڪهڪشان، خوشبو خوشبو خاڪ،هميشه حنساڪ، سونهارِي سنسار ۾
.
سهيڙي سڀ روشنيون، ميڙي سڀ سرهاڻ،وجھي سنڌوءَ سير ۾، مَسُ ڪري مهراڻ،لکي مون واکاڻ، بخاري هن ڀونءِ جي
.
هِن تر جي تعريف، ادا ڇا استاد ٿئي!رمزون سڀ ربيع ڪريان، خوبيون سڀ خريف،تڏهن بي تعريف، پتي پوري ڪانه ٿئي
.
سنڌوءَ جي ساراهه، انت نه ٿئي استاد کان،هوءَ جا بوِ بهشت جي، سرها تُنهنجا ساهه،هو جو دونهون دوزخي، اهنجي تنهنجي آهه،
پسيو ٺاهه ۽ ڊاهه ٻهڪيو هانءُ ٻريو پوي.
نِت نِت نئين نيڪي، جيڏي ڪريان جوُءِ جي،تارن جوتون موڪليون، ڦُلن بوءِ ڦينڪي،سو سڀ منهنجي سنڌ ۾، جڳت ۾ جيڪي،ڏات، اڃا ڏي ڪِي، بات ڀوُنءِ جي
.
استاد آخرڪار، مرڻ ناهي ميهڻو،همّت جي هڪ ڏينهن تان، صدقي سال هزار،غيرت ڪِج نه غار، بوتو ڀينڊ ڀريو ته ڇا
!
ڌرتي تنهنجو ڌيان، ائين آ استاد کي،ٻُڌا جئين لوچي لڌو، گمراهي مان گيان،هُن ڳوليو نروان، آءٌ آجايون ڳوليان
.
بي حد ڀونءِ بيان، ادا ڇا استاد ٿئي!ڳوهيان ظرف زمان ۾، موهيان منجھه مڪان،مِٽيءَ مانُ مهان، اڃا آڳاهون گھڻو
.
بي حد ڀونءِ بيان، ادا ڇا استاد ٿئي!هڪڙي ذرڙي زندگي، هڪڙي ضعيف زبان،جان جان جِيءَ ۾، تان تان وطن جي
.
سنڌوءَ جي ساراهه، ادا ڇا استاد ٿئي!منهنجو ساهه مُني صدي، سندس سونهن اٿاهه،اسان کي اللهَ، ڏني سنڌڙي ڏاڻ ۾
.
سنڌوءَ جي ثنا، ادا ڇا استاد ٿئي!ڪِرڙ، ڪنڊيون ڪلڪون ڪيان" پَڌر پَٽ پَنا،ڇَپر، ڪَک، ڇنا ڳائِن ته به ڳالهيون گھڻيون
.
وطن ۽ ويساهه، سمجھان، ساڳي ڳالهه ٿو،آزادي، الله، هوندا هڪڙي هنڌ تي
.
جيڏو سچّو، سلڇڻو ايڏو سياڻوجيڏو ارڏو، بي ڊپو، ايڏو نماڻوناتو اباڻو، سَگھو منهنجو سنڌ سان
.
هو جو مون سپنو ڏٺو، اهو هو آفاق،تتو ٿر جو ٿاڪ، سو مون ساڀيان ماڻيو
.
شاعري چانڊاڻ ٿي، موسيقي سرهاڻمون توسان مهراڻ، آفاقي ناتا ڳنڍيا
.
هينئون توڙي هوش، ڏِياري هِن ڏيهه جي،جيڪو جذبو، جوش، وطن تان واري ڇڏيان
.
سنڌي منهنجو ساهه، سنڌي منهنجو سَتُّ،رڳون، ٻوٽيون، رَتُّ، منهنجون هِن مٽيءَ مان.
تن ۾ جا طاقت، سَڀَ بخاري سنڌ جي،
"مران مران، مات نه کان"، اها اشرافت،اهم عبادت، اٿم ورد وطن جو

سوچون، لوچون، سَگھ سڀُ حوالي سنڌ جي،امل ٿِيَن اگھه، مران، جيئان ماڳ تي

وطن سان ايمان، اٿم قائم، مولوي!
رسالي کي سنڌ جو، سمجھان ٿو قرآن،مران مسلمان، اکئين آجائي ڏسي

سِنڌو منهنجي ماءُ، ٻڌي ڇڏ هي ٻول تون!پاپيءَ سان پرچاءَ، پرچڻ آب ۽ آڳ جو

ٻُڌ او، ماءُ ــــــ ٻولي، ڪوي قول ڪري چُڪو!ڄاڙيءَ تي گولي، سنڌي ٻولي ڄڀّ تي

ڪيڏو آءٌ ڪوي مگر، ڪريان ڳالهه سچي،سنڌي قوم بچي، بچيس، نه ته مري ويس!

روز سينگار جان ٿو ائين ڄڻ ته سهڻو اجهو ٿو اچي،


روز سينگار جان ٿو ائين ڄڻ ته سهڻو اجهو ٿو اچي،
درد دل مان ڪڙا ٿو ڪڍان، ڇو ته منهنجو مٺو ٿو اچي۔

خوبصورت نظارا کنيون، ڪهڪشان، چنڊ تارا کنيون،
سونهن جا روپ سارا کنيون، ديد جو دادلو ٿو اچي۔

مهڪندو مهڪندو ٿو اچين، مرڪندو مرڪندو ٿو ملين،
اڻ ميو پيار ٿو يار ڏين، مونکي ڏاڍو مزو ٿو اچي۔

موت جهڙا مهانڊا کنيون، بت تباهين جا ڀانڊا کنيون،
اک، جهنم جا ٽانڊا کنيون، ڪو ڏهاڙي ڏچو ٿو اچي۔

سوچ، اوٿر ٿي ڊوڙي پئي، ديد، منڇر ٿي اٿلي ٿي پئي،
دل جي ڌرتي سا لرزي ٿي پئي، ظاهر آ زلزلو ٿو اچي۔

دل فريبي سان دوکو به آ، عشق سان گڏ عقيدو به آ،
قافلو هي قطاريو سڄو، اٽڪلي فلسفو ٿو اچي۔

هي آ جيون جي جادوگري، آرزو جستجو ۾ چري،
ڏس ته جيئون ٿا هرهر مري، رنگ رت جو رتو ٿو اچي۔

مونکي ڪوٺيو موالي ڀلي، منهنجو ميخانو هن جي ڳلي،
عشق مون وارو اوڏهن وڃي، پڪ ڪري ڪو نشو ٿو اچي،

ڪير ڪوڙو آ ڪير آ سچو، بحث آهي بخاري ڊگهو،
پاڻ کي ٿو کپي ڀروسو، پرڪٿي ڀروسو ٿو اچي۔


سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ،


سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ،
گفتگو، لوڪ گيت جهڙي آ۔

تنهنجي گهر جي ڀت تي هٿ رکيم، پت ڪر،
ڇو ته مون لئه مسيت جهڙي آ۔

پيڙ تي پيڙ، جاري جيوت ۾،
پو به پياري پريت جهڙي آ،

عشق ۾ شرم، عيب آهي پر،
ڪا حماقت ڪريت جهڙي آ۔

اوت، استاد، تنهنجي امرت جو،
جوت تر جي اجيت جهڙي آ۔

ديد گلابي دلبر تنهنجي،مرڪ چنبيلي ماشاءَالله ،


ديد گلابي دلبر تنهنجي،مرڪ چنبيلي ماشاءَالله ،
نازڪ انگڙا،ريشم ڪپڙا،دل پٿريلي،ماشاءَالله،
طرحين رنگ طبيعت تنهنجي،دنيا وانگر دور نيارا،
ڪٿ نخريلي،ڪٿ اربيلي،ڪٿ شرميلي، ماشاءَالله
ڪڏهين اڪيلي مون وٽ منهنجي ،هوءَ سرهائي ناهي آئي،
اڄ به اٿس ڪاڳوڙهي ڳڻتي،ساڻ سهيلي ، ماشاءَالله
پيار پکيئڙا جيئڙا جيئڙا،پيار ونڊيون پيا هيڏاهن هوڏاهن
تاڙي ٿي پئي ڪنهن ماريءَ جي،گهور گليلي ماشاءَالله
سهسين تارا هڪڙي پاسي،باک بخاري هڪڙي پاسي،
ميساري پئي ڪيئي مايوسيون،آس اڪيلي ماشاءَالله
عقل الايو،،آڳو،پيڇو جاچي پنهنجو پير وڌاءَ،
عشق چيو؛استاد، اٿي پئو”عيلي عيلي“،ماشاءَالله

گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين،


گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين،
وڏو جهان آ غم جو، وڃائجي نه وڃين۔

هي جام، جام تي پيئندي ٿي رهندو تاس وڌي،
ته احتياط، اڃا بي اجائجي نه وڃين۔

رکين ته چنڊ سا رک چاهه، ڏي ڇڏي تارا،
متان هزار ذريون ٿي ورهائجي نه وڃين۔

خلوص، چنگ نه ٿي جو بکيا وتن چارڻ،
کڄي، اير جي در تي وڄائجي نه وڃين۔

ٽڪر به ٿي متان نانگڻيون نچن توتي،
ڪڪر نه ٿي جو گگن ۾ نچائجي نه وڃين۔

اسان سان حوُر، خواب ۾ به بي حجاب نه ٿي،
نڪور ٿان ته آهين، امهائجي نه وڃين۔

چڪور، چنڊ کان، مجنون کان ليلي کان،
ته ڪاٿي سونهن کان تون بي ستائجي نه وڃين۔

بچيو ته ڪجهه به بخاري نه آ، مگر اي دل،
اڃا به عشق ته آهي، اگهائجي نه وڃين۔

بخاري

نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا،


نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا،
يڪو هڪ ٻئي کي وڃايو وتون ٿا۔
اسين سمنڊ ناهيون جو ڪو دنگ روڪي،
اسين وقت وانگي اورانگهي لنگهون ٿا۔
نه ڪو عشق چرچو نه ڪو حسن چسڪو،
ٻنهي جي مچڻ ۾ پچون ٿا نچون ٿا۔
پري کان نهارين ته تاڻيو ملڻ لئه،
ملون ٿا ته اڳتي کان اڳتي وڌون ٿا۔
گهڙيء کي گهڙي زندگيون ٿا سنواريو،
ڪتيء کي ڏسي ڪهڪشائون ڪٿيون ٿا۔
لُڇون ڇو نه جاني، پڇون ڇون نه پيارا،
نگاهون اٿئون ء زبانون رکون ٿا۔
داو ئي اها آ ته ٿيو درد ڀائي،
جدائيء ۾ بيجا بخاري رجهون ٿا۔

اوهان سمجهو ٿا چمڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،


اوهان سمجهو ٿا چمڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،
جهجهڙ ۾ ڪو ته جهئونڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،
ڀلي سيڪويو اوهان پنهنجون ڳڱيل سوچون،
مٿان پارو به ڪڙڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،
هي يارو معجزو ڪونهي، نظارو نينهن جو آهي،
برابر مينهن برسي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،
مان پروانو ته ناهيان، آهيان پوپٽ پر،
جي گل ڪو شمع بڻجي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،
نه چئه پٿر، کڻي پٿر به سمجهو پر،
اچيو چقمق جي چهٽي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،
بٺُيء تي ماٺ بر جي، ٻاٽ ساگر جي،
گهٽيء ۾ گيت گونجي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،
بخاري باهه نا هيان، باغ آهيان پر،
اُلا ٿي واءُ وچڙي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،

هي عشق ڏسو منهنجي جوڀن جي نشاني آ۔


هي عشق ڏسو منهنجي جوڀن جي نشاني آ۔
مرحوم امنگن جي جيون جي نشاني آ۔

ڪنهن ڪنهن کي وجهان ڇلڙا، ڪنهن ڪنهن کي مکيان خوشبو،
هن شهر کي آڇي مون شعرن جي نشاني آ۔

گهوُري ته جگر گهائي، مُرڪي ته مکي مرهم،
هر سونهن کي سمجهان ٿو سڄڻن جي نشاني آ۔

ڏس جوش ڏڪي ٿو پيو ء هوش بڪي ٿو پيو،
ته به تن ۾ تمنائون، جشنن جي نشاني آ۔

احساس جي الماڙي، هر رئڪ تي تقريرون،
شاعر جي اڪيلائي، جشنن جي نشاني آ۔

اٿ ميڙ اهي ٺڪريون، دل ڪنهن جي ٽُٽي پئي آ،
هي خاڪ به کڻ ڪنهنجي، نيڻن جي نشاني آ۔

مايوس هوائن کان اٿ منهنجون اميدون وٺ،
دانهن جي پلاندن ۾ نغمن جي نشاني آ۔

استاد جي البم ۾ گُل ٽاڪ ڀلي دلبر،
هي خار به رک تنهنجي گلشن جي نشاني آ۔

(بخاري)

ہفتہ، 21 اپریل، 2012

اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها



اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها
آزاد هوا ڇا ٿيندي آ!
اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها
پرواهه بنان پر ڪيئن هوندا
آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!
اي ڪاش، اهو تون ڳائين ها.
ڪالهه رات ڀڳت سنگهه ڦاسيءَ تي
جو گيت اڌورو
ڳاتو هو!
اي ڪاش، اهو تون پائين ها.
جو هارُ هوائن ۾ لڏندي
ڪالهه تانتيا ٽوپي پاتو هو!
تاريخ جي خوني گلين مان
هر وقت صدا ڪا ايندي آ
هر وقت لهوءَ جي لاڙن ڏي
ڪا توکي ڇڪ ڇڪيندي آ!
ڄڻ ’او ڊائر‘ جي ڪا گولي
اڄ تائين توکي تاڙي ٿي!
۽ تنهنجا تنهنجي مقتل ڏي
ڄڻ پير اچانڪ لاڙي ٿي.
تاريخ بُکايل چيتي جئن
چؤواٽي تي چنگهاڙي ٿي.
اي ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها.
ڇا تن جي قيمت ڇا ٿيندي آ
جنهن آزاديءَ جا گيت چيئه
اي ڪاش! اِهو تون ڄاڻين ها
سا آزادي ڪٿ نيندي آ!
اي ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها،
سا آزادي ڪيئن ايندي آ!

****
شيخ اياز

سنڌ منهنجي امان ! سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان


سنڌ منهنجي امان ! سونهن تنهنجيءَ مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.

هن ڪنڌيءَ تي ڪڏيو جو اڀم ٻار آ،
ڪنهن ته جيجل جو جاني اکين _ ٺار آ،
هي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ،
اِن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي وڃان

تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان،
تنهنجي لاڻن لَون کي به چند ن چوان،
شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هرهر ڄمان،
کير تنهنجو پيان، وَير تنهنجو وٺان.

هوءَ منڇر کُٽي ڪيئن جا کٽڻي نه آ،
هوءَ ڪينجهر رُسي ڪيئن جا رُسڻي نه آ،
هوءَ سنڌو سُڪي ڪيئن جا سُڪڻي نه آ،
ڪَرُ کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش کان.

ٿر جي ٿوهر مٿان، جهنگ جهر تي لکان،
مينهن جي بوند تي، سائي سَرَ تي لکان
ڏاٽي، ڪوڏر، کُرئي، گهوٻي هر تي لکان،
تنهنجو نالو وٺي تو تي لکندو رهان

هوءَ جا ” بيوس“ بُکن تي مڙهي منڊ ٿي،
اڄ به جوٽي اسر جو اُٿي جنڊ ٿي،
جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي ،
اُن سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان.

****
تاجل بيوس

پیر، 9 اپریل، 2012

اسان جي نگريءَ سندين ڇتين تي لُٽيل صبح جا اداس پاڇا


اسان جي نگريءَ سندين ڇتين تي لُٽيل صبح جا اداس پاڇا
گلن جي موسم ڪَليون نه آنديون، بهارن آندا پٽن جا لاشا
جڏهن به رنگت چڙهي گلن تي، گھلي ٿڌيري هوا ڏکڻ جي
ٻچن جا سڏڪا اٿيا منڊل ۾، ملي بشارت گھرن جلڻ جي
اڏائي جھوپا ويون ڪي آنڌيون، تنين جي ڪَک ڀي نه ڪَک سان
پٽين پنوهاريون پلاند واريو، ملين چهرا گهرن جي رک سان
انهن جي لڙڪن سندو ڪو ٿورو ڌيان عالي جناب ٿيندو
ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.

اهي ئي تنهنجيون پٽيءَ پسارون، لڳي ٿو ڄڻ ڪجھه ٿيوئي ناهي
ڪٽڪ ڪُٺا ٿئي نڌڻڪن جا، منهن ۾ گھنج پيو ئي ناهي
اوهان جي آڏو لهوءَ جي قيمت، ٻه ٽي پتل جا حسين ٻلا
ڪنهن جي اميدن ڀرئي چمن کي هٿن سان تيلي ڏيڻ ۾ ڇا آ
ڏسو نه ٿا جو ڪنين جي اک جا ڪنول تڪيندا تنين جون راهون
جنين کي چچريو ويو تنين کي سڏينديون ڪنهن جي چپن جون آهون
اهو ته ٿورو ويچار ظالم! ڪڏهن ڪليءَ مان گلاب ٿيندو
ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.

سچن جي سرڪش اڏول ڇاتي، جھڪي نه سگھندي جھري سگھي ٿي
صداقتن جي سجن جي ٽانڊي اوهان جي اک ۾ هري سگھي ٿي
چٻن جي منهن ۾ ٿڌي چانڊوڪي، ڀري ٿي مرچون ڀلي ته ڀرجن
سهاين جو هتان ئي سرگس مٽيندو چنڊا ڀلي مڇرجن
اوهان به پنهنجون ٽلون ويڙهايو، ڏسون اوهان جا حويليون ٿاڻا
اوهان جا ڦٽڪا اوهان جا پٿرا، ٻيا ڪي آڻا ٻيا ڪي ماڻا
اسان جي موڪل اٿو ته ڪريو، سڀاڻي جيڪي اوهان کان سهجي
ائين ئي نه ٿئي جو سڀاڻي، تنهنجو اگھاڙو لاشو گلين ۾ رهجي
ڳجھن جي اڳيان ڪتن جي اڳيان خوار ڏاڍو خراب ٿيندو.
ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.

***
حليم باغي

اتوار، 8 اپریل، 2012

تون ايندين ضرور!

هاڻي ته آڪاش جي اوٽ ۾،
آسماني ڏيئا پڻ اجهامي ويا.
سمهي پيا ستارا، ٿي جهيڻا جهَڪا،
ڪڏهانڪر ڪتين ڪر موڙي ڇڏيا،
مگر انتظارن سندا قافلا،
ٿيا ڪين ٿڪجي ڪڏهين چُور چُور،
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.


ساگر جي هن پار ٻيڙيءَ ۾ ملاح،
سامونڊيءَ جا سڀ بيت ڳائي ڇڏيا،
۽ ڪناري جي واريءَ جي لهرن اندر،
هوائن به سرگم لڪائي ڇڏيا،
ولهه ورڇي ڇڏيو پنهنجو سارو سُرور،
مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مُور،
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.


ڪو پنڇي اڪيلو اڪيلو اُڏامي،
ڪينجهر، ڪنڌي تي لهي پيو ٿڪي،
نڪو چنڊ چمڪو نه چَهڪي چڪور،
انهن لاءِ پڻ رات گذري چُڪي،
۽ ڪنولن مٿان ننڊ نائي وئي نور،
مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مُور.
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.

***
ڊاڪٽر آڪاش انصاري

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *