اشاعتیں

زندگي جو تو ڏنو، مون سو وتو، ساٿ تنهنجو ڪيترو، ناهي پتو ! زندگي هر آس، تنهنجي ٿي پئي، آ ڏچو مون لاءِ پر، سمجـﮬـو نه تو ! پيار جي ٻولي سدا، ٻولي پيو، من پرينءَ جي پيار ۾، اهڙو رتو ...

سنڌ

تــــون سنڌي ٿــي ٿو سنڌ ڇڏين، تون ڪاتي ٿي ٿو ڪنڌ ڇـــڏين، تـــون رانـــدي ٿـــي ٿو رند ڇڏين، تون مئـــڪش ٿــي ٿو منڌ ڇڏين، مان تــو لاءِ پــــاڻ نـــه روليـــندس، مان ...

ظرافت

ڪـو صـلح سُـــڪَرَ جــو سيرُ کپي، مون کي ٻڪري سان گڏ شيرُ کپي، نه ڪـــو سسئي نه ڪــــو ڏير کپي، نــه ســـاڙ حســـدُ ۽ مــــيـــر کــپــي، ٻـــيـــا ڀـــاڳ فـــساد جـــ...

غزل.... مختيار ملڪ

همسـفر کـان سـواءِ عـمـر ســاري اڃاـ زنـدگــيءَ جــو ســفـر آهـي جــاري اڃا. رات جِـــي ٻـــاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾، تــــو ڀـــــلا ڇـــو نــه آ، لاٽ ٻــــاري اڃا. کـيت...
رات آئي وَئِي، تُون نه آئين ڪَهِي! ماڪَ ۾ مينڌرا! ڪاڪِ رُئندي رَهي. مِينهَن موٽي ويا، ڏينهَن اُڀري لٿا، تُون نه آئين پِرين! وِهه لڳي ٿي وَهي. سانورا! تو سَوا ڇانورا ڇا ڪبا! لوءَ...

تاسرڙو

تاسرڙو ٿو وڄي تاسرڙو ٿو وڄي منهنجو هينئڙو ٿو هِڄِي منهنجي سنڌڙي شال بچي منهنجي جندڙي شال بچي تاسرڙو ٿو وڄي۔۔ ڪوئل وڻ تي ڪوڪي پئي ڪالهه جي آيا نادر ڪيئي اڄ به سُجهن ٿا ڏيهه ۾ سيئي ڪنڌ ڪُڌن جو ڀڄي تاسرڙو ٿو وڄي۔ ارِڙهين صديء جي اُڀري ڇاتي سچل سڪ جي ڳاني پاتي جنگ اچي ابداليء لاٿي ڪير پاپيء سان پُڄي تاسرڙو ٿو وڄي چٻرن چرڙي ڀاڳ ڦٽايو مدد پٺاڻ نڀاڳ ٿي آيو ويريء اهڙو ويل مچايو اندر اڃان پيو ڇڄي تاسرڙو ٿو وڄي بگهڙ ته ڪنهن سان ٻيلهه نه ٻيلي شاهه شُجاع شڪارپور ڀيلي کرڙي ۾ اڃان ائلي ائلي جابر تنهنجو جنازو کڄي تاسرڙو ٿو وڄي پار درياهون ڪڻڇي ٻولي ڪير ويو منهنجي سنڌڙي رولي؟ پنهنجي پرائي جي ماريو اولي ڀينگ ٿي وئي سڄي کٻي تاسرڙو ٿو وڄي جوڳي ٿو در در نانگ نچائي اڃان به ڪهڙا ڏينهن الائي ڏسڻا پون هن ماڳ ۾ هائي جند جهوريء ۾ٿي جهڄي تاسرڙو ٿو وڄي۔۔ -----------  نياز هُمايوني

هن دل کي بره بڇاڻي ڪو،

هن دل کي بره بڇاڻي ڪو، شعلو نه سهي ٽانڊو ئي سهي. مان ڀانيان مونکي کي ڀائي ڪو، سهڻو نه سهي ڪوجهو ئي سهي. ها چاهيان ٿو ڪو چاه ڪري، دل سان نه سهي دوکو ئي سهي. ڪو مُرڪي مُرڪي شرمائي، سچ پچ نه سهي، نخرو ئي سهي. ڪو ڀر ۾‌ اچي دل پرڀائي، ڀوسو نه سهي گفتگو ئي سهي. ها پيار ته پنهنجي وس ناهي، همدردي جو جذبو ئي سهي. استاد جو جذبو ڳڀرو آ. توڙي جو پِنڊو پوڙهو ئي سهي. هو مون به مٺا هڪ پيار لڌو، ساڀيان نه سهي سپنو ئي سهي. -- استاد بخاري