اشاعتیں

ڪو ٽاڻو ٽڪهن جو، ڪا ويل ولوڙن جي

ڪو ٽاڻو ٽڪهن جو،  ڪا ويل ولوڙن جي هي عمر ڪٿا ڀاسي لمحن جي ڊوڙن جي معبود انا هن جي هوءَ ته نور نسور آ ڳڻ ـ پهه ڪندو سو ڪهڙي مٽيءَ جي پنوڙن جي روبوٽ رياست ۾ روحن جو ڪڇڻ اهڙو آ، ڄڻ تيل ـ ڪڙهائيءَ ۾ سرٻاٽ پڪوڙن جي. جنهن ڏينهن پرين ملندا تنهن ڏينهن مري ويندس، آ هير پيل مونکي زهر آب وڇوڙن جي. مس ڪال سندءِ ساڳي، ڪنگال اسين ساڳيا، احساس تي ساڳي آ، هڻ ـ مار هٿوڙن جي جي. آقا جي نيت ڇا آهي  هر هر ٿو اچي ڪاهي، ڪا لوڌ لنگورن جي، ڪا ڀيڙ ڀڳوڙن جي. جاني ٿو غزل ڳائي، ڏاهو ٿو سڙي سوچي، هن ڄٽ ڪٿان آندي هي ڏات ڪروڙن جي. --- جعفر جاني

ها تنهنجي نهار ڪافر هئي

ها تنهنجي نهار ڪافر هئي پر منهنجي پُڪار واجب هئي ها تنهنجي وفا به ظالم هئي پر منهنجي جفا به معلم هئي ڪجهه خواب وکيري تو هن ڇڏيا ڪا ساڀيان پُڪاري مون آ سڏي نثار ٻانڀڻ

لاڏائو اکيون

منهنجون لاڏائو اکيون تو کي ڇو ڀلا هر وقت ٿانيڪو ڏسڻ گهرن ٿيون؟! منهنجون اکيون هجن ته مون وٽ ٿيون پر تنهنجا خواب ڏسڻ لاءِ تو وٽ اچي ديرو ڄمائينديون آهن ائين ڇو هونديون آهن لاڏائو اکيون!؟ نثار ٻانڀڻ

منهنجي شفا

آئون تنهنجي ڀر ۾ ويٺس ڪجهه پل ائين لڳو آئون اُتي ويٺو آهيان جتي درد ئي دوا ٿي پوندا آهن، جتي بيچيني ۾ ئي چين هوندو آهي.. تون منهنجي ڇانو آهين يا اُس اهو مان ناهيان سمجهي سگهيو پر تون مون لاءِ مستقل سڪون جي زمين ضرور آهين منهنجي شفا آهين تون..! نثار ٻانڀڻ

تو سواءِ جنتون

چوندا آهن ته درد مائرن جهڙا ٿيندا آهن مون وٽ ته هزارين امڙيون آهين! جن جي پيرن هيٺان هزارين جنتون، پر اُهي سڀئي جنتون تو سواءِ ڪيئن هونديون!؟ تو جو هميشه جي لاءِ ناتو ٽوڙيو آهي!! نثار ٻانڀڻ

منزل ... نثار ٻانڀڻ

مونکي ائين لڳندو آهي ته اسين پنهنجي ڄمار ۾ شاعري پوکيندا رهون ٿا، شاعريءَ جي اُن فصل جا داڻا ۽ صلا ڪنهن کي نصيب ٿيندا اِن تي ڪڏهن ناهي ويچاريو، مونکي لڳندو آهي ته آئون جيڪو چرڙيو آهيان سو پنهنجي ئي پوکيل سٽن ۾ پرديسي بڻجي ويو آهي.! نثار ٻانڀڻ

ڇا ٿو ڀائين! (استاد بخاري)

منهنجي باري ۾ او سائين، ڇا ٿو ڀائين! توکان هڪڙو ڏينهن ڇڄان ٿو، ڏينهن انهي کي سال چوان ٿو، پر جي وڇڙي ورهَ لڇائين، ڇا ٿو ڀائين! تنهنجي درشن لاءِ سڪان ٿو، لک شڪرانا منهن ته ڏسان ٿو، پر جي پنهنجي ڇاتيءَ لائين، ڇا ٿو ڀائين! غيرن سان گڏجاڻي تنهنجي، جان جلي ٿي جاني منهنجي، پر جي تن جو کائين، پائين، ڇا ٿو ڀائين! واقف آ استاد بخاري، تو فرمائي دلڙي ٺاري، پر جي منهنجو يار سڏائين، ڇا ٿو ڀائين. (استاد بخاري)