ڊسمبر

صفا برف وانگي ٺريو آ ڊسمبر 
کڻي تنهنجون يادون وريو آ ڊسمبر

بدن تي جدائي رکي روز ٽانڊا
اسان لئہ اوهان بن ٻريو آ ڊسمبر

مهينا ويا گذري ڏسندي سفر ۾ 
کڻي ڀاڪرن ۾ ڀريو آ ڊسمبر

اسان رات پهرين ئي سڪرات ڪاٽي 
الئہ ڪيئن اوهان جو سريو آ ڊسمبر.

هيو پوھ سيارو چميون گرم خاڪي
وري ذھن تي سو تريو آ ڊسمبر.

***
خاڪي جاني

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم