اشاعتیں

ڪٿ سنڌ لڪايان مان

ٽهڪين ته ٽڙن موتيا سڏڪين ته ڦٽن ڦٽڪا، من، تون ته نه منجهندي ڪر! مان منهنجون ستئي پيڙهيون، رانڀاٽ ڪري روئينديون، او سنڌ! نه روئيندي ڪر! ڪنهن شهر ۾ محلي ۾، ڪنهن ديهه ۾ ديري ۾، توکي ته ڇپايان مان! ڊاڪو ٿا هڻن ڊاڪا، چؤڦير لکين جهاٽا، ڪٿ سنڌ لڪايان مان **** استاد بخاري

جو توسان رکي سيل

جو توسان رکي سيلُ، ڀلي ڀيل هجي ڪو، سو ڀيل ڀري پيرَ، سندس پير چمون ٿا. جو توسان رکي کوٽ، ڀلي گهوٽ هجي ڪو، ان گهوٽ مٿان چوٽ مٿان چوٽ ڪريون ٿا *** استاد بخاري

جيءُ جنهن کي چيم،

جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر جان جن تي ڏنيم سي نه ڪانڌي ٿيم چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر ڪيس ڪيڏا ڪيئي حُسن جي انڌ تي باهه ٻاري وڌءِ هانءَ جي هنڌ تي غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر پيار جي ڇانو ۾ ڪي ٻه ساٿي مليا جون جي سج جيان ڳوٺ وارا جليا خار کائي کِليا هي خبر جا ٻُڌم چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر ڪا به نازڪ بدن نوجوان نازنين کنڊ جهڙي مِٺي، چنڊ جهڙي حسين دلربا دلنشين جي ڏکاري ڏٺم چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر گيت جن لئه "بخاري" پڪاري لکيم سي ڌتاري ڌتاري ڌڪاري ويم نيڻ جن لئه ڀنم سي مٿان پئي کليم چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر *** استاد بخاري

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن هن سر جي گدلي سينور ۾ هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ ۽ ڪوبه چڪور انڌاري ۾ جي اڏري ٿو ته دروهي آ هي ڏوهه نه آهي ماڻهوءَ جو مون مٽي ٻيهر ڳوهي آ مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن هي ڏوهه نه آ آڪاش ڇڏي مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان هوءَ سانجھي جا ست ـ رنگي هئي مون ڪانه قبولي سج ڪنان ٿو آگم آگم ٿي اڀران ۽ ڪرڻا ڪرڻا ٿي برسان مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن هُو ڌُوتا تنهنجي ڌرتيءَ جا پوءِ صوفي ها يا جوڳي ها مان گھاٽي بڙ جيان ڇانوَ ڪئي هو ٺانگر سارا ٺوڳي ها مون روز سگهارا گيت چيا هو راڳي تنهنجا روڳي ها مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن هيءَ ڳاڙهي ڏاڙهي ملان جي هيءَ ڪاري چوٽي پانڊي جي مون لاءِ ٻنهي ۾ ڦير نه آ ٻئي آگ اجھاڻيل ٽانڊي جي سڀ دين ڌرم جي ڌوڪي ۾ ٿا کوٽ ڀرن کاڻانڊي جي مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن هي ڏوهه نه آ هن ڌرتيءَ جو مون دل جي ديول جوڙي آ تون نفرت جي ديوار کنئي مان ان جي پاڙ اکوڙي آ مان ڳاتا گيت محبت جا مون واڳ وط...

اسان جيئن به جيئي ڪو جھان ۾

اسان جيئن به جيئي ڪو جھان ۾ سدائين نشان تي سدا امتحان ۾ ڪڏهن آنڌي الڙي، ڪڏهن ڪڙڪي بجلي ڪٿي ڪکَ رهيو آ منهنجي آشيان ۾ پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا هليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀان ۾ نه ڪا آرزو آ نه ڪا جستجو آ ڪٿي ڪاروان وقت نا مهربان ۾ ڪڏهوڪا سڪا سر اڙي مرگھه مورک اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾ وري جي ولوڙن منجھائي رکيو آ غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾ هو هالار جا پٽ هُوءَ مياڻي، هُوءِ ٽلٽيءَ اسان جون نشانيون سڄي گلستان ۾ اهي ئي ڪٽارا اهي ئي الارا اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾ ستارا نه چوندا ته ڇا تون نه ايندين اڙي يار ڇڏ ويئي وهي رائيگان ۾ ٻه ٽي گيت واريم ٻه ٽي ديپ ٻاريم ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجيءَ آجيان ۾ *** حليم باغي

رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي

رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي. گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر ڪا رهي وڃي. سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي. مبارڪون وڍيندڙؤ ڪُهڻ جي رُت اچي وئي هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلئون ته هيئن هلون جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي دهي وڃي. **** حليم باغي

ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي

ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي ڪو نانگ سراپي ويو نت نينهن نظارن کي هن راهه تي جي رميا رولاڪ ئي سمجھن ٿا ڳري رات مٿن گذري سا ساک ستارن کي نت نيريءَ سانجھيءَ جو اڄ روهه ۾ رڻ جھڻ آ ڪو سانگ کان ڪيئن روڪي ڪونجن جي قطارن کي هوءَ ڇوليءَ ڇوليءَ ساڻ هڪ ناءُ رواني ٿي چنڊ چمندو اڄ ناکئا ڪينجھر جي ڪنارن کي ڪنهن چڳَ جي ڪڙي کلندي ڪنهن چَپَ تي مُشڪ مڙندي ڀورا! نه اجايو ڄاڻ رت جي ته اوڇارن کي. بادل به هٽي ويندا پڻ باک ڦُٽي پوندي تون مرڪ ڇنڊي منهن تان کڻ ڪارن وارن کي جيئنداسين ڀري جڳ لئه جيئڻ جا جتن ڏيندي مئاسين ته ڏئي ڇڏبا هي رڳو هزارن کي **** حليم باغي