اشاعتیں

مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي

مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي ان واٽ تا گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر جوکي ۾ وڌم جيءَ، ڪيم جنگ امن لاءِ انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر هر گھاءُ مٿان گھاءُ سهي اُف نه ڪئي مون جي ويڙهه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل ڪم ڪار کان ورچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر راهي ! تو ڏٺو آهه مون ساهي نه کنئي آ جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان ڀلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشــــــــد سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر *** راشد مورائي

ڪا آس نه رک هن دنيا ۾، روئندن کي روئاريو ويندو آ

ڪا آس نه رک هن دنيا ۾، روئندن کي روئاريو ويندو آ، دنيا جي ستايل ماڻهوءَ ڏي، نفرت سان نهاريو ويندو آ. بيداد ڪندڙ کان داد گُهرين، ڄڻ ٻٻرن کان ٿو ٻير گُهرين، انصاف هتان جو اهڙو آ، مظلوم کي ماريو ويندو آ. هِت جو به جلي سو ڪو نه ٺري، هڪ باهه ٺري ٻي باهه ٻري، هڪ درد دفع جي ٿيندو آ، ٻيو درد اُڀاريو ويندو آ. دل ڪانه هلي، چپ ڪو نه چُرن، سڪرات هجي ته به عاشق وٽ، محبوب جو مٺڙو نالو ئي رُئندي به اچاريو ويندو آ. دشمن جي کڻي پٿر به هڻي، جو زخم ٿئي دل تي نه ٿئي، پر پنهنجن جو ٿو گهاءُ ٿئي، جي ‘گل’ به اُلاريو ويندو آ. **** گل حسن گل ٻرڙو

عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا؛

عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا؛ وڏا سردار مٽجي ويا ، وڏا ڀوتار مٽجي ويا. اهواخلاق ، اها الفت ، اها تهذيب ڪانهي ڪا؛ غريبن ۾ اڃان ڪجهه آهي پر زردار مٽجي ويا. ويو ويچارو سچ گم ٿي رڳو ئي ڪچ وڪامي ٿو؛ لڏي ويا وِير واپاري خود واپار مٽجي ويا. پِتل کي سون سمجهن ٿا ، چون ٿا هيرو شيشي کي؛ ڏسو ڇا ٿي ويو هڪدم جو سڀ وينجهار مٽجي ويا. نه عزت هاڻ اشرافت جي محفوظ آهي اي يارو؛ وڏن تي ڇا ميار آهي جو ننڍڙا ٻار مٽجي ويا. جي ليلا اڄ هجي ها ، ور مٽي ها ڪين مڻين تي؛ قسم رب جو ته هيرن جا اڄوڪا هار مٽجي ويا. پراون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون ”طالب المولى“؛ هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا. *** مخدوم طالب المولى

آءُ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن ! آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن ! مون سچيءَ دل سان نه تنهنجي واسطي سوچيو ڪڏهن، جيڪڏهن سوچيو ته پنهنجي لاءِ ئي سوچيو سدا، ۽ ائين ئي پنهنجي ڪارڻ آھ مون لوچيو سدا، پر نه ڀُلجي ڀي ڪٿي تو لاءِٰ مون لوچيو ڪڏهن. آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن ! آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن ! مون ڪئي دعوا ته تو تي، جان ڀي قربان آھ، جانِ ڇا هي، مال ڀي اَملاڪ ڀي صدقي ڪندس، حُب تنهنجي لئي چيم : هيءَ دين ۽ ايمان آھ، تو مٿان ڌرتي ته ڇا، اَفلاڪ ڀي صدقي ڪندس. آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن ! آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن ! مون چيو عشق آھ مون کي تنهنجي آزاديءَ سان، تنهنجي خوشحاليءَ جا مان خواب لهندو ٿي رهيس، جنهن به ظالم ويرُ پاتو ، تنهنجي آباديءَ سان، تنهن جو سِر کڻندس، قسم اُن لاءِ کڻندو ٿي رهيس. آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن ! آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن ! مون چيو هي ڪنڌ جھُڪڻو ناھ ڪنهن جابر اڳيان، ۽ نڪي سودو ڪندس پنهنجي اُصولن جو ڪڏهن، سر تي آئي ته به نه ٿيندس سانت ڪنهن آمِر اڳيان، ڇا به ٿي ، اِنسان ڪوڙو ٿي نه قولن جو ڪڏهن. آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن ! آءٌ پنه...

سرخ پنن تي سنڌ لکان ٿو۔ (ايوب کوسو)

سرخ پنن تي سنڌ لکان ٿو۔ ڄڻ ته ڦٽن تي سنڌ لکان ٿو۔ روز اکين جي ننڊ مري ٿي، روز سڏن تي سنڌ لکان ٿو۔ آڻين ٿو تون جام چپن تي، آءٌ چپن تي سنڌ لکان ٿو۔ انگ انگ آهي ساڻو ساڻو، پوء به بدن تي سنڌ لکان ٿو۔ ڇلڪي هن جا نيڻ پون ٿا، نانء هٿن تي سنڌ لکان ٿو۔ من جو ديبل دانهن ڪري ٿو، سرد وچن تي سنڌ لکان ٿو۔ هوء سرتين ۾ ٽهڪ ڇڏي ٿي، آءٌ وڻن تي سنڌ لکان ٿو *** ايوب کوسو

ڪو چينُ سزا وانگر...

ڪو چينُ سزا وانگر، ڪو دردُ دوا وانگر. مان تنهنجي بقا وانگر، تون منهنجي فنا وانگر. ميلاپ کان اڳ وڇڙڻ، بي جرم سزا وانگر. مطلب جي محبت آ، بي فيض دعا وانگر. چاهت کان سوا رشتو، بي رنگ حنا وانگر. تنهائيءَ ۾ سارُوڻي، ڪاڙهي ۾ هوا وانگر. هر سوچ منافق جي، جُوتي ۾ بلا وانگر. ڪافر ٿو ٿيان شايد، ڪو شخص خدا وانگر. برسيو هان سرابن تي، سانوڻ جي گهٽا وانگر. گلشن ۾ ’وفا‘ آهي، صحرا ۾ صدا وانگر. ----------- آٿم ناٿن شاهي

ڇـَـلڪيا نيڻ- ڪٽورا تـُـنهنجا...

ڇـَـلڪيا نيڻ- ڪٽورا تـُـنهنجا، ڀرمَ ٿيا اڄ ڀورا تـُـنهنجا! تـُـنهنجي پيار ڪرڻ جا ساکي: هي سڀ هورا- کورا تـُـنهنجا. اکين مان ٿا چغلي کائن، لالُ - گلابي ڏورا تـُـنهنجا. اکِ اَٽڪائي: ويندي- ويلي، پيرَ لڳن ٿا ڳورا تـُـنهنجا! رِيتـِـن منجهه رَڙيون ٿيون ٻڌجن، ”وا! زوراوَر زورا تـُـنهنجا!! ”اوءِ!“ اکـَـر سان سـَـڏُ ڪيو تو، ٿي ويا ڏاڍا ٿورا تنهنجا. اڄ کان آثم لکندو رهندو، گيتَ، غزل ۽ مورا تـُـنهنجا! ------------- آٿم ناٿن شاهي