ڪو چينُ سزا وانگر...


ڪو چينُ سزا وانگر،
ڪو دردُ دوا وانگر.

مان تنهنجي بقا وانگر،
تون منهنجي فنا وانگر.

ميلاپ کان اڳ وڇڙڻ،
بي جرم سزا وانگر.

مطلب جي محبت آ،
بي فيض دعا وانگر.

چاهت کان سوا رشتو،
بي رنگ حنا وانگر.

تنهائيءَ ۾ سارُوڻي،
ڪاڙهي ۾ هوا وانگر.

هر سوچ منافق جي،
جُوتي ۾ بلا وانگر.

ڪافر ٿو ٿيان شايد،
ڪو شخص خدا وانگر.

برسيو هان سرابن تي،
سانوڻ جي گهٽا وانگر.

گلشن ۾ ’وفا‘ آهي،
صحرا ۾ صدا وانگر.

-----------
آٿم ناٿن شاهي

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم