ڇـَـلڪيا نيڻ- ڪٽورا تـُـنهنجا...


ڇـَـلڪيا نيڻ- ڪٽورا تـُـنهنجا،
ڀرمَ ٿيا اڄ ڀورا تـُـنهنجا!

تـُـنهنجي پيار ڪرڻ جا ساکي:
هي سڀ هورا- کورا تـُـنهنجا.

اکين مان ٿا چغلي کائن،
لالُ - گلابي ڏورا تـُـنهنجا.

اکِ اَٽڪائي: ويندي- ويلي،
پيرَ لڳن ٿا ڳورا تـُـنهنجا!

رِيتـِـن منجهه رَڙيون ٿيون ٻڌجن،
”وا! زوراوَر زورا تـُـنهنجا!!

”اوءِ!“ اکـَـر سان سـَـڏُ ڪيو تو،
ٿي ويا ڏاڍا ٿورا تنهنجا.

اڄ کان آثم لکندو رهندو،
گيتَ، غزل ۽ مورا تـُـنهنجا!

-------------
آٿم ناٿن شاهي

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم