اشاعتیں

ضروري ته ناهي

ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي، جو وڇڙڻ لئه ڪو بهانو به گهرجي! وسارڻ لئه ڪوئي فسانو به گهڙجي! ضروري ته ناهي جو سانجهيءَ جي ويلي، ڪنهن ڏيئي جي ويجهو اداسيءَ ۾ ويهي، پَني جي چپن ت...
زندگي موڪلائي وڃڻ ڏي، موت جي مهرباني مڃڻ ڏي. آخري هيءَ منزل نه آهي، مونکي ٻيهر ورڻ لئه ورڻ ڏي. تو لئه ميڙي رکيون روشيون هن، مونکي صدين ۾ آلاپجڻ ڏي. هيءَ ترتيب اتهاس جي آ، منهنجي ايندڙ نسل کي پڙهڻ ڏي. زندگي تون صحتمند هوندينءَ، هڪڙي زخميءَ کي قربان ٿيڻ ڏي. ******* زخمي چانڊيو
آيو هو مهمانن وانگي. بنجي پيو بيمانن وانگي. تنهنجي سوچ لڳي ٿي اهڙي، ارغونن، تُرخانن وانگي. تنهنجا فوٽو ڪاڪ- ڪنڌيءَ تي، رحل مٿان قرآنن وانگي. جيئون ٿا مسواڙي بڻجي، شاديءَ جي شاميانن وانگي. هُو ٿو حق پراوا کائي، سوپاري ۽ پانن وانگي. روزُ ڪندو ٿو ويل رهي هُو، برساتي طوفانن وانگي. نيڻ اچن ٿا ڀرجي ”زخمي“، ساقيءَ جي پيمانن وانگي. ******** زخمي چانڊيو
ڪنهين کي ستائڻ اسان کان نه ٿيندو. اُچائڻ رنجائڻ اسان کان نه ٿيندو. غريبن يتيمن کي اغوا ڪرائي، ائين ڀُنگ کائڻ اسان کان نه ٿيندو. پَڪو پختو واعدو ڪري ڀل ڦِري هُو، وچن کي وسارڻ اسان کان نه ٿيندو. نه چورن سان ياري نه ٿاڻي تي اچ وڃ، ٻَڌائڻ ڇڏائڻ اسان کان نه ٿيندو. اسان کي ڏسي جيئن ڪيو تو هو پاسو، ائين مَن! لنوائڻ اسان کان نه ٿيندو. ٻُڌائڻ گهُرون ٿا فقط سُورَ توکي، گهڻن کي ٻڌائڻ اسان کان نه ٿيندو. جُهڪڻ جو نه ڏي عيبُ ”زخميءَ“ کي قاتل! جَبين کي جُهڪائڻ اسان کان نه ٿيندو. ***************** زخمي چانڊيو
پُڇائن جا پوپٽ اُڏاڻا گهڻا، اوهان جا هئا پر ٺڪاڻا گهڻا. رُلي ويون اُميدون اڪن تي ڪِري، مليا ڪونه مُرڪڻ جا ٽاڻا گهڻا. نِهارن کي ماري ڇڏيو مقتلن، ٺري ويا شبابن جا ماڻا گهڻا. چُمي وئي چپن کي چُمي نيرڙي، جهڪا ٿي ستارا اُجهاڻا گهڻا. ڇڏي ڏي ٻين جا حوالا پرين، پتو رک ته پنهنجا وِڪاڻا گهڻا! ڪيوسين مِٽي سان وفا جو وچن، کُلي ويا اسان لاءِ گهاڻا گهڻا! **** ايوب کوسو
نڪو ئي اسان ۽ نه هُو ٿا کُلن! رڳو حسرتون پيون اندر ۾ ڇُلن! چون ٿا اکين ۾ اوهان ٿا رهو، الئـ ڇو پيون ڳالهيون گسن ۾ هُلن!؟ اوهان ڪالهـ جن کي اندر ۾ رکيو، اُهي نيڻ هاڻي پيا رِڻ ۾ رُلن! گهرن ۾ اُداسين جو ميڙو متل آ، درن تي گُلن جون وليون پيون جُهلن! اُهو ڪنڌ جيڪو جُهڪاڻو نه آ، ڪُهي آ اُنهيءَ کي ڇڏيو ڪاڪُلن! تڏهن ڙي نظر تي اچڻ جي ڪجئو! اچي هيل جنهن ويل هيرون گُهلن! **** ايوب کوسو

ڊسمبر تو بنا اهڙو

وفا جا ورق اُڏرن ٿا ڪٿا جا فرق اُلرن ٿا اڌوريءَ عاشقيءَ جهڙو ڊسمبر تو بنا ڪهڙو ڊسمبر تو بنا ڪهڙو هُجي ڄڻ ٻار جو لاشو وڇوڙيل ڪونج لئه ڪاڇو اڪن تي رات اونداهي گٽر ۾ چنڊ جو پاڇو ڊسمبر تو بنا اهڙو ڊسمبر تو بنا اهڙو گگهي جي گهير جو سُڏو اُگهاڙي پير جو سُڏڪو دريا جي سُوڪ جو منظر اڪيليءَ ٻير جو سُڏڪو ڊسمبر تو بنا اهڙو ڊسمبر تو بنا اهڙو سفر جي راهه ۾ رِڻ پٽ پُسيل برسات ۾ ڪونڀٽ سِتارو آخري اُڀ جو هٿن ۾ ٻار جي پوپٽ قبر تي چاندنيءَ جهڙو ڊسمبر تو بنا اهڙو ڊسمبر تو بنا اهڙو *** ايوب کوسو