مئ نوشي - ميئڪش سومرو

جڳ واقعي وشال آ سائين
زندگي خال،خال آ سائين
آ تباهي مڃان ٿو مئ نوشي
درد آڏو ت ڍال آ سائين
عاشقيء جو حسين سرمايو
بيوفائي بحال آ سائين
هر ڪويتا آ جام جهڙي؛
هر ڪوي ڄڻ ڪلال آ سائين
ڪجھ به ماضي نه آ نه مستقبل
پل به پل پيش حال آ سائين

***
ميئڪش سومرو

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم