شهر ۾ نوڪريءَ جي پٺيان آهيان - ميئڪش سومرو


شهر ۾ نوڪريءَ جي پٺيان آهيان،
ڄڻ ڪنواريءَ چُمِيءَ پٺيان آهيان.

تنهنجي دل جا جهٽي وٺي جهٽ ۾!
اهڙيءَ جادوگريءَ پٺيان آهيان.

من جون تاريڪيون مِٽائڻ لئه،
اڻ ڏٺل روشنيءَ پٺيان آهيان.

جنهن ۾ ساهه به ڏيان مُرڪِي،
چَين جي ان گهڙيءَ پٺيان آهيان.

مان ته جيون لاء پيو جهڙيان،
ڪنهن چيو خُودِ ڪَشيءَ پٺيان آهيان.


ميئڪش سومرو

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم