پکي احساس جو ٻولي رهيو آ


پکي احساس جو ٻولي رهيو آ
ڪويءَجي دل کي ڌانڌولي رهيو آ

پٺيان هوٽل جي ٻالڪ نان ٽڪرا
سڪل ڳيتون ڏئي ڳولي رهيو آ

سمورو ديس ويڪائو ۽ هر ڪو
نئون نيلام گهر کولي رهيو آ

گروءَ جي من ۾ ٻارهوئي ٻيائي
سو چيلن جو رتون رولي رهيو آ

پڇي ڪو ناکئي کان يار مئڪش
ته ڪُن ۾ ڪير ڀانڀولي رهيو

ميئڪش سومرو

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم