روز هڪ امتحان مان گُذرون

روز هڪ امتحان مان گُذرون
آ چڱو هِن جهان مان گُذرون

هڪڙي ڪردارَ ٻي سان ڳالهايو
ڪنهن نئين داستان مان گُذرون

خوابَ جيڪو کسي اُڏامڻ جا
ڇو اُنهيءَ آسمان مان گُذرون

تيرَ جيئن پاڻ تي ئي تاڻيل هون
بس اِجهو ٿا ڪمان مان گُذرون

***
رضا بخاري

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم