توبھ نشي پتي کان - ميئڪش سومرو


توبھ نشي پتي کان
محروم هر مزي کان

هر مئڪدو مقدس
الهامي فلسفي کان

ڏيکار ماڻهپي ۾
ماڻهو پري پري کان

هر بادشاه ظالم
مظلوم زاويي کان

جيون گهڙو گهڙيءَ ۾
سانده سِمي تري کان

دنيا الڳ اسان جي
زر مال جي خفي کان

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم