نظم - ميئڪش سومرو
ٻن
پاسن پھاڙيون
وچ مان شيشي جھڙي اجري
صاف شفاف ندي
ڪپ تي اڌ اگھاڙي ناري
ڪنھن شاعر جو خواب
ھن جي بت ۾ ڇڪ ازل جي
ھن جي ڇاتي ٻٽ جبل جي
وار انھئ جا
سنھڙا سنھڙا سون رنگي ريشم جا ڌاڳا
چاندئ جھڙو جسم
نيڻ نرالا ھرڻئ جھڙا
ھرڻئ جھڙي چال
چپ ائين جئن ڪو ٽارِيءَ تي جھومي سرخ گلاب
مرڪي پئي ت لڳي
پيو ڪيئي پوپٽ اڏريا ھن
جگنوگذريا ...ھن
ھوءَ ھوا سان رقص ڪري پئي
پنھنجي ات اڃاري دل جو
انگ انگ عڪس ڪري پئي
پاسن پھاڙيون
وچ مان شيشي جھڙي اجري
صاف شفاف ندي
ڪپ تي اڌ اگھاڙي ناري
ڪنھن شاعر جو خواب
ھن جي بت ۾ ڇڪ ازل جي
ھن جي ڇاتي ٻٽ جبل جي
وار انھئ جا
سنھڙا سنھڙا سون رنگي ريشم جا ڌاڳا
چاندئ جھڙو جسم
نيڻ نرالا ھرڻئ جھڙا
ھرڻئ جھڙي چال
چپ ائين جئن ڪو ٽارِيءَ تي جھومي سرخ گلاب
مرڪي پئي ت لڳي
پيو ڪيئي پوپٽ اڏريا ھن
جگنوگذريا ...ھن
ھوءَ ھوا سان رقص ڪري پئي
پنھنجي ات اڃاري دل جو
انگ انگ عڪس ڪري پئي
****
ميئڪش سومرو
تبصرے
ایک تبصرہ شائع کریں