هڪ مرڪ - اندرا پونا والا


هڪ مرڪ ورهائڻ ۾
ڪهڙو حرج آهي ؟
تو مسڪرايو ،
سامهون واري جا چپ ،
لاچار ئي سهي
مرڪڻ لڳا .
چانڊوڪي ڦهلجي وئي ،
هن جي چهري تي .
هڪ ڏيئو
ٽمڪڻ لڳو
هن جي لبن تي ،
تنهنجي هڪ اڪيلي مرڪ
انيڪ مسڪراهٽن کي
جنم ڏنو.

***
اندرا پونا والا

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم