زخم دل کي ڪڙاهيو ٿا ڇا لاءِ؟ - اندرا شبنم پونا والا

زخم دل کي ڪڙاهيو ٿا ڇا لاءِ؟
لوڻ ٻرڪي ڪرايو ٿا ڇا لاءِ؟

پيار ڏيکاري منهن ڇڏيو ڦيري،
پيار ڪوڙو جتايو ٿا ڇا لاءِ؟

نه ستايو ـ جھڪايو ٿا ڪنهن کي،
ڪنهن کي ناحق ستايو ٿا ڇا لاءِ؟

چنهڊڙيو پائي مت منجھايو ٿا،
هيءَ شرارت ڇپايو ٿا ڇا لاءِ؟

نه نمائش کپي، نه نالو ئي،
پوءِ ڍنڍورو گھمايو ٿا ڇا لاءِ؟

سونهن ۽ پيار سان نه سٻنڌ ڪو،
مون اڳيان مسڪرايو ٿا ڇا لاءِ؟

اندرا شبنم پونا والا

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم