خريدارو، وڃو موٽي، خدا جو سُنهن کتل آهيان،


خريدارو، وڃو موٽي، خدا جو سُنهن کتل آهيان،
ڄمڻ کان موت تائين، سنڌ ـــــــــ ڌرتيءَ جو وَتل آهيان.

جي اورين ٿو ته مان همغم، جي روئين ٿو ته مان ماتم،
جي ماپين ٿو ته مان پربَت، جھُڪائين ٿو جبل آهيان.

اجل منهنجي پٺيان، تقدير سِرَ تي ، رب رڳ رڳ ۾،
اٽل جيڪي به آهن مون سان آهن مان اٽل آهيان.

خليل الله ٿو بنجين، گواهه الله ٿو ڏين، پر،
اِنهيءَ ڪاتي اِنهيءَ هٿ کان ڪئي ڀيرا ڪُٺل آهيان.

جي تون آڙاهه مان بادل، جي تون بادل ته مان اوٿر،
تون جيڪي ٿين ۽ جاٿي ٿين، مٿان تنهنجي اجل آهيان.

ازل کان پئي هليو آهيان، بخاري ڪجھ ٿڪو هوندس،
جھلئي ڪَنهنجي رڪيو ناهيان اڃان چئبو اجھل آهيان.

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم