تنهنجي سِر لئه دريا، دودو ٿي ٿو مان هر هر ڄمان،


تنهنجي سِر لئه دريا، دودو ٿي ٿو مان هر هر ڄمان،
ڇو ٿي گھٻرائين امان!

ٻن ڪروڙن ڪونڌرن جي ماءُ آن جيئين سدا،
تنهنجا هوشو حُر هزارين، تنهنجو هوشو هڪ نه مان.
ڇو ٿي گھٻرائين امان!

هي ته ڏس وک وک تي چوڪيدار ڏهه ڏهه نوجوان،
سومرا، چانڊيا سپاهي، سورما کوسا، سمان،
ڇو ٿي گھٻرائين امان!

تنهنجي پورب ڇا سڄي پڇم لکي تاريخ آ،
تنهنجي ڌرتيءَ کان وٺي آ، آسمان تائين ڌمان.
ڇو ٿي گھٻرائين امان!

عرش جي پاڇي کان جيڪي تنهنجو پاسو آ مِٺو،
تنهنجي پاڻيءَ تي نه مٽبو توڙي ملندو زمزمان.
ڇو ٿي گھٻرائين امان!

هي دعا، دعوى، عقيدو، فيصلو استاد آ،
سج زندهه، سچ زندهه، سنڌ زندهه دائمان.
ڇو ٿي گھٻرائين امان!

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم