جمعہ، 1 اگست، 2014

تـون ڪـجلا سر جـي پاڻياري،

تـون ڪـجلا سر جـي پاڻياري،
.مان نـگر نـگر جـو وڻجـارو

جا هـلچل تنـهنجي تن من ۾،
سو جل ٿل منهنجي جوڀن ۾،
جي هـٿ تون ڦيرين زلفن ۾،
.ٿئي ڪارونجهر تي وسڪارو

هي ســج ڍري ٿو گهاگهر ۾،
!ڇا، سون ٿو جرڪي بينسر ۾
جا ٽور ٽلين ٿي جهانجـهر ۾،
!هر چَــپ ٿڌي تي شُوڪارو

تنهنجي سونهن جي ساک ڀري ٿو،
چنڊ بـه تولــئه پند ڪري ٿو،
جا ٿي پـئي ٿو قيد ڪري ٿو،
.تنـهـنجي ئــي جلون جو ڍارو

جي واٽ وندر جي ويندس مان،
امــنُ ئـي بڻـجي اينـدس مان،
سڀ سانگ سهيڙي ايندس مان،
!بــڻجـي ڀـونءِ ســندو بنجارو

*****
نماڻو سنڌي

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *