پیر، 11 اگست، 2014

 غزل
روز مٿس بمباري آهي
منهنجي دل به لياري آهي

ڪنهنجي خوشي لئي سڀڪجھ ٿئي پيو
ماڻهو ڪو ته مياري آهي

ڪڪريءَ ۾ جنهن لانئون لڌيون
ڪٿي اهو زرداري آهي

باھ جا ڀڙڪا، گوليون ڪڙڪا
ڏاڍي ڄڻ ته ڏياري آهي

پنهنجا عاشق ماڻ ٿا ماريو
اهڙي ڇا بيزاري آهي

ساڳيو درد ٿي روز سڻائي
دل ۾ پيل ڄڻ گھاري آهي

ٻي ڪا حياتي کٽجي شايد
هيءَ ته حياتي هاري آهي

ڪهڙو هدايت منطق چئجي
زور جي آڏو زاري آهي

****
هدايت بلوچ

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *