پیر، 9 مئی، 2016

اي سنڌ امڙ تون ساکي رهه!

ايوب کوسو

اي سنڌ امڙ تون ساکي رهه
مون ظهر جو آهي ڍُڪ ڀريو،
هر ماڻهوء پنهنجي چونڊ کنئي
مون سنڌوء مان آ ٻُڪ ڀريو
مون توتي آيل پن ڇڻ جو،
آ رستو روڪيو شعرن سان
مون تنهنجي ڦاٽل زخمن کي
آ سيبو ارپيو نظمن سان
مون چاهيو آ هر بار اهو
بيتاب گسن ۽ گهاٽن تي
هو بانورڙيون ، هي سانورڙيون
سڀ ڪُلهن لاڙي ڪيس گهمن
مخمور انبن جي ڇانون ۾
جُهولن تي جوانيون خوب لڏن
ٻيڙين ۾ سدائين ديپ ٻرن
سنڌوء جي جواني مست رهي
ڳلڙن تي حيا جا رقص مچن
هر سپني کي ڪو ناز ملي
سڀ ٻانهون تازا هار ٿين،
هر خوشبوءَ کي آواز ملي!
اي سنڌ امڙ تون ساکي رهه
مون هٿ ڪڙين تي چپ رکي
آ پاتو پنهنجي ٻانهن ۾
جيئن تنهين ڪارين پلڪن کي
ڪا چانڊوڪي مدهوش چمي!
مون اوندهه جو آ ڏنڊ ڀريو
جيئن تنهنجن ڳاڙهن ڳلڙن تي
ڪا اجري ڳاڙهي باک ڦٽي
اي سنڌ امڙ تون ساکي رهه!

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *