نظم


تنهنجو جيون سانوڻ مينهڙا
منهنجو جيون آرهڙ ڏينهڙا
تنهنجو دنيا چوڏهين جهڙي
منهنجي دنيا ڌيما ڏيئڙا
تنهنجا سپنا سندر ساڀيان
منهنجا سپنا واريءَ گهرڙا
تنهنجو نينهن ته برکا رُت جيئن
منهنجو نينهن ته پن ڇڻ ڏينهڙا
تنهنجو پيار ته ميل ملڻ جا
منهنجو پپار ته آ اوسيئڙو
تنهنجا ٽهڪ ته انڊلٺ ريکا
منهنجا ٽهڪ به لڙڪن جهڙا

___
امر ساهڙ

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم