اشاعتیں

هن دل کي بره بڇاڻي ڪو،

هن دل کي بره بڇاڻي ڪو، شعلو نه سهي ٽانڊو ئي سهي. مان ڀانيان مونکي کي ڀائي ڪو، سهڻو نه سهي ڪوجهو ئي سهي. ها چاهيان ٿو ڪو چاه ڪري، دل سان نه سهي دوکو ئي سهي. ڪو مُرڪي مُرڪي شرمائي، سچ پچ نه سهي، نخرو ئي سهي. ڪو ڀر ۾‌ اچي دل پرڀائي، ڀوسو نه سهي گفتگو ئي سهي. ها پيار ته پنهنجي وس ناهي، همدردي جو جذبو ئي سهي. استاد جو جذبو ڳڀرو آ. توڙي جو پِنڊو پوڙهو ئي سهي. هو مون به مٺا هڪ پيار لڌو، ساڀيان نه سهي سپنو ئي سهي. -- استاد بخاري

رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي

رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي ڦڪي چولي مٿان ڳاڙو رئو جيڪو پهري پئي تون ٽلين هر هر اُڃايل منهنجي نيڻن تي ٽِلي پيو هوکِلي پيو هو رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي ڪڏهن اُڏري هوائن ۾ ڪڏهن ڀَاڪُرين ٻانهن ۾ ڪڏهن ڪُلهن تي بي قابو سِرڪيل هو رهي پيو ٿو رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي ڪري سرگوشيون ويٺو تنهنجي سيني لڳِي ويٺو تنهنجي دل جي ڌڙڪن کي ڳڻيندي هر هر ڪِري ويٺو رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي! ٻَڌي وارن کي تو مِٺڙي مٿي تي تو ڇڏيو ويڙهي اهو ويري بڻيو منهنجو پنهنجي وچ ۾ رهي هر پل رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي! ڪڏهن چيلهه سان ٻڌجي پيو ٿو ڪڏهن ڪافر پُٺيءَ تنهنجيءَ تي ڪڏهن ڇڪبو ۽ سرڪندورهي ٿو پيو رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي پگهر بوندون اگهي ٿو هو ڪڏهن چهرو ڍڪي ويٺو ڪڏهن ڳل تنهنجا چمي ويٺو ڪڏهن چپڙن ۾ اچي مُرڪي رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي ڪڏهن ٿو هنج ۾ ويهي ڪڏهن ٿو وارهو سهيڙي ڪڏهن هٿڙن کي سهسائي ويٺو مونکي هو تڙپائي رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي نثار ٻانڀڻ

حالاتِ حاضره ............ شاهنواز ڪالرو

آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان ، ناهي محفوظ هتي ڪنهن جي جان ، بم ڌماڪا، گوليون، گوڙ ۽ گھمسان ، هڙتالون،روڊ بلاڪ ماراماري ۽ نقصان ، آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان.....! _______________________________ مهنگائي وئي آهي چوٽ چڙهي ، غريب غربو ڇا ڪندو هت پڙهي ، اٽو،گيھ ۽ دال وٺندي وڃي ٿي دل سڙي، رڳو ٺڳين جا آهن کليل هت دڪان ، آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان ......! ___________________________ آهن نرالا هتي جا سڀ سياستدان ، نسواري،گوڏن وارا ته ڪي آهن خان، سڀ هڪ ڍڳي جا چور اٿن ڪونه ايمان، ڪالرو ڪري ڪهڙي بيان هتي داستان ، آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان......! _______________________________ رشوت جو گرم آهي هت بازار ، عوام تي آهي هر قانون جي مار، ڏي وٺ تي هلي ٿو سڀ ڪاروهنوار، هر وقت رهي ٿو بجلي جو بحران ، آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان.......! ____________________________ !!!......شاهنواز ڪالرو .....!!!

جانِ جانان بنان (آستاد بخاري)

سونهن سرخي ٻسي، تيل، ڪنگا ڪنان، جانِ جانان بنان، جانِ جانان بنان ويس ورتا به مون، هار پوتا به مون، پريت پورهيو ڪري، ويس ڪارا ڪيان، هار ڇوڙيان ڇنان، جانِ جانان بنان، جانِ جانان بنان مان لڇان پئي لڇان، مان پچان يا مچان، تن اَمِي سُمهه سُکي، ڇو ته ڏاجا ڏِمان، تو ته ناهن ڏنان، جانِ جانان بنان، جانِ جانان بنان قسمتون، ڪوششون، همتون هجتون، دوستيون دشمنيون، هانوَ هڙني ڇنا، نانوَ ڪهڙا ڳنهان، جانِ جانان بنان، جانِ جانان بنان پيار برسات آهي، بخاري لڳاتار برکا وسي، پيار خيرات ناهي، ڏيان يا پنان، جانِ جانان بنان، جانِ جانان بنان (آستاد بخاري)

ڪو ٽاڻو ٽڪهن جو، ڪا ويل ولوڙن جي

ڪو ٽاڻو ٽڪهن جو،  ڪا ويل ولوڙن جي هي عمر ڪٿا ڀاسي لمحن جي ڊوڙن جي معبود انا هن جي هوءَ ته نور نسور آ ڳڻ ـ پهه ڪندو سو ڪهڙي مٽيءَ جي پنوڙن جي روبوٽ رياست ۾ روحن جو ڪڇڻ اهڙو آ، ڄڻ تيل ـ ڪڙهائيءَ ۾ سرٻاٽ پڪوڙن جي. جنهن ڏينهن پرين ملندا تنهن ڏينهن مري ويندس، آ هير پيل مونکي زهر آب وڇوڙن جي. مس ڪال سندءِ ساڳي، ڪنگال اسين ساڳيا، احساس تي ساڳي آ، هڻ ـ مار هٿوڙن جي جي. آقا جي نيت ڇا آهي  هر هر ٿو اچي ڪاهي، ڪا لوڌ لنگورن جي، ڪا ڀيڙ ڀڳوڙن جي. جاني ٿو غزل ڳائي، ڏاهو ٿو سڙي سوچي، هن ڄٽ ڪٿان آندي هي ڏات ڪروڙن جي. --- جعفر جاني

ها تنهنجي نهار ڪافر هئي

ها تنهنجي نهار ڪافر هئي پر منهنجي پُڪار واجب هئي ها تنهنجي وفا به ظالم هئي پر منهنجي جفا به معلم هئي ڪجهه خواب وکيري تو هن ڇڏيا ڪا ساڀيان پُڪاري مون آ سڏي نثار ٻانڀڻ

لاڏائو اکيون

منهنجون لاڏائو اکيون تو کي ڇو ڀلا هر وقت ٿانيڪو ڏسڻ گهرن ٿيون؟! منهنجون اکيون هجن ته مون وٽ ٿيون پر تنهنجا خواب ڏسڻ لاءِ تو وٽ اچي ديرو ڄمائينديون آهن ائين ڇو هونديون آهن لاڏائو اکيون!؟ نثار ٻانڀڻ