حال منھنجا پڇي منھنجا ڳوڙھا اُگهي
ڪو تہ اھڙو ھجي ! ڪو تہ اھڙو ھجي !
زندگيءَ جو سفر ڪيئن اڪيلو ڪيان ؟
ڪو تہ مون سان ھلي ڪو تہ اھڙو ھجي !
مون تہ ڪنھن کان خوشي ڪو نہ آھي گهري !؟
غم گهٽائي سگهي ڪو تہ اھڙو ھجي !
ايڏو رئندو نہ ڪر ايڏو رُلندو نہ ڪر
ڪوئي مون کي چوي ڪو تہ اھڙو ھجي !
جيءُ پيو ٿو جَلي روح پيو رِجهي
مينھن وانگر وسي ڪو تہ اھڙو ھجي !
****
سائينداد ساند
0 تبصرے:
ایک تبصرہ شائع کریں