اشاعتیں

امڙ (وسعت الله خان) ترجمو محمود مغل

تصویر
محمود مغل صاحب ڪاوش ۾ وسعت الله خان جو ھڪ آرٽيڪل ترجمو ڪري رکيو ھئو. جيڪو مائرن جي عالمي ڏھاڙي تي پڙھندڙن لاءِ حاضر آھي. ”جڏهن ابي جي پگهار جا، ساڍا ٽي سئو رپيا پورا ٿي ويندا هئا، تڏهن امڙ، اسان جي پسند جو پڪوان تيار ڪندي هئي. ترڪيب اها ئي هوندي هئي، جو سُڪل مانيءَ جا ٽُڪر، پراڻي ڪپڙي جي ٿيلهيءَ ۾ گڏ ٿيندا رهندا هئا ۽ مهيني جي آخر ۾ انهن ٽُڪرن جو ڀاڳ جاڳندو هو. پاڻيءَ ۾ پُسائي، نرم ڪري، گڏ هڪ ٻه مُٺ بچيل دالين جي پيسي، جيڪو ڪم اُکري مُهريءَ تي ٿيندو هو، ديڳڙيءَ ۾ وجهي پچڻ لاءِ ڇڏي ڏبو هو، تان جو زبردست مزيداري حليم ٺهي ويندو هو ۽ اسين سڀ ٻار، اهو حليم، آڱريون چٽي کائي ويندا هئاسين. امان لاءِ صرف ديڳڙيءَ جي تَري ۾ لڳل ڪجهه ٽُڪر ئي بچندا هئا. امڙ جو چوڻ هو ته ’کُرڙ جو مزو اوهين ڇا ڄاڻو!‘ امان سُگهڙ به اهڙي هوندي هئي، جو هڪڙي ڏينهن گوبي رڌبي هئي ته ٻئي ڏينهن وري انهيءَ گوبيءَ جي پنن ۽ ڏانڊين جي ڀاڄي تيار ٿيندي هئي ۽ اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو ته گوبيءَ جي ڀاڄي مزيدار وڌيڪ هئي يا انهن ڏانڊين پنن جي ڀاڄي. امان جڏهن به بازار ويندي هئي ته غفوري درزيءَ جي دُڪان جي ڪُنڊ ۾ پيل ڪپڙي جي ڪاتر جي ...

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم

تصویر
وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم شاعري صدقي ٿئي توتان صنم ! وار لهرائن ٖ يا جهُولن ٿا جهنڊا ٖ تنهنجي قد بت جا قصا اوچا علم . تنهنجي ڪُرڪڻ تي ڪڪر ڪاراٽجن ٖ تنهنجي مُرڪڻ جا کڻن کنوڻيون قسم . ھر چٽائي تنهنجي چهري ۾ پسان ٖ تنهنجي ڀر ۾ ٿا وڃن رھجي ڀرم . ھڪ گهڙي اُکري ته ٻي مُهري مٿان ٖ زندگي اھڙيءَ طرح گذري اٿم . بات بنجي جوت ٖ جُڳ جُڳ ٿي جئي ٖ بُت برابر ٿا بخاري ٿين ڀسم . استاد بخاري

استاد بخاري-توکي دَردَ دل جا ٻُڌايان ته ڇو؟

تصویر
توکي دَردَ دل جا ٻُڌايان ته ڇو؟ ڪنول گل کي شعلا بڇايان ته ڇو؟ ڪچهري ۾ تنهنجي ڪڇان دل جليو ڇا ٖ غاليچي تي ٽانڊا وڇايان ته ڇو؟ نه سڏڪو سَچو ٿا نه ٽهڪو سچو ٿا ٖ لڇايان ته ڇو دل نچايان ته ڇو؟ پُڇڻ درد کي دل لڳي ايندي آ ٖ مان زخمي ملم کان لنوايان ته ڇو؟ تون غمخوار منهنجو سڏائين نه ٿو ٖ مان غمگين تنهنجو چوايان ته ڇو؟ خيالن ۾ ھڳساڻ ازخود ئي آ ٖ گلابن کي خوشبو لڳايان ته ڇو؟ مان سنسار ساميءَ ۾ ڇا لئه سمهان ٖ سمندر کي گهاگهر ۾ نايان ته ڇو؟ علادين انڌو اَجل ٿيو اچي ٖ اٿم عزم دودو ٖ لنوايان ته ڇو؟ مري پو به محفل ۾ روئان ٖ کلان پيو ٖ بخاريءَ کي بي حس بنايان ته ڇو؟ استاد بخاري

استاد بخاري-جيوت جي سنگيتن

تصویر
جيوت جي سنگيتن جهڙي جهانجهه وڳي هڪ رات رَڳ رَڳ ۾ پئي نينهن نچايو عمر سڄي هڪ رات جهولڻ جهومڻ، موجون ماڻڻ جي هُوءِ هڪڙي رات وڇڙي وئي پر چَمڙي وانگر، روح کي چنبڙي رات جڳ جڳ جا جذبات کڻي اهڙي ته لنگھي هڪ رات ويندي ويندي يار اسان جي عمر ونگي هڪ رات ڇا ته اڱڻ تي بادل، کنوڻيون کيڏيون ساري رات رِم جِهم رِم جِهم برسي مِٺڙي بوسن جي برسات ڏينهن تي آهي شينهن گجي ٿو، رات به ناهي سانت ڏيڏر، تِڏيون، چٻرا، چمڙا باتيون ڀانتين ڀانت ڏينهن تتو ڄڻ صبح ٿڌو ۽ ڀنڀ سُمهڻي باک چاهت آهه ته چيٽ لڳي ٿو پوهه ڪتي ويساک استاد بخاري

استاد بخاري- نه سري نه سري نه سري

تصویر
نه سري نه سري نه سري منهنجي سونهن سوا نه سري. جا عشق جهجهڙ ٻاري سا آڳ اندر واري، نه ٺري نه ٺري نه ٺري، منهنجي سونهن سوا نه سري. اڌ رات تڪيان ڪتيون پرڀات چمان مکڙيون، سپنا جي ڏسان ته پري، منهنجي سونهن سوا نه سري. ڪوچنڊ ڪٿي ناسيو ڪو ويس ڪٿي واسيو، دل باسي باس وري، منهنجي سونهن سوا نه سري. استاد اداسائي ڪا آس کڻي آئي، دل کولي ديد دري، منهنجي سونهن سوا نه سري. _______ استاد بخاري

استاد بخاري - ھڪ تون بي چئي ٻي دل بي چئي

تصویر
ھڪ تون بي چئي ٻي دل بي چئي ھار ڪنهن نه مڃي منهنجي عمر وئي   اکيون توکي ڏسن اٿڻ جي ڪين ڪن عجب تن کي عادت وجهي تو ڇڏي ھار ڪنهن نه مڃي منهنجي عمر وئي دل کي منٿون ڪري مس ھٿيڪو ڪيم تون جي مرڪيئن ته ھٿن مان ڇڏائي وئي ھار ڪنهن نه مڃي منھنجي عمر وئي سونهن جي سرڪ جا ٿو مان پيالا پيان لڙڪ ھاري اوتاري ڌڪاري ڇڏئي ھار ڪنهن نه مڃي منهنجي عمر وئي ***** استاد بخاري

جنهن به ڪمپوز ڪئي، بي دلي سان ڪئي.

جنهن به ڪمپوز ڪئي، بي دلي سان ڪئي. زندگي پروف ريڊنگ جي غلطي لڳي! دوستيون، مائٽيون، ٽاڪُئانۡ ڀرم هئا: ڌُوڙ رشتن جي هر پل اکين ۾ چُڀي! پنهنجا مسلڪ سنڀالي رکو پاڻ وٽ! مسندن، گادين خُوب ڪئي گندگي! روز هڪڙي نئين خواب جي قسط تي: پاڻ پنهنجي سموري حياتي ڏني! سينه ڪُوبي ۾ مون ساڻ شامل رهيو: وقت جو ترجمانۡ ھڪڙو گهڙيال ئي! ايئن تعصب وچان رد ڇو ٿا ڪريو! ڪُجه ته هوندو چڱو, آئين-اڪبري! سنک مسجد اندر, ٻانگ مندر منجهان: مان سُڻان, آس اهڙي سدائين رهي! زندگي! تو گهڻن کي ڏنيون حيرتون: دل گُهري ٿي ته ڏيان توکي حيرانگي! ساري جڳ کي ڀري هڪڙو ڀُونڊو ڏئي: دل چوي ٿي ته "آسي!" ڪجي خودڪشي! آسي زميني

ڪي جو ويندا ته پَتو ڪنهن کي نه پوندو آهي،

ڪي جو ويندا ته پَتو ڪنهن کي نه پوندو آهي، ڪي جو وِيندا ته ڪيئي شهر رُلِي ويندا آهن. ڪِن کان بيزار زمانو به ته ويٺا هوندا، ڪن جي هُوندي آ ضرورت به اُٿِي ويندا آهن. ڪن جي قبرن تي رڳو وارث هڻندا آهن ڪتبو، ڪِن جا هر دل جي مٿان ڪَتبا لڳي ويندا آهن. (سرڪش سنڌي جي زخميءَ کي ڀيٽا)

غوث پيرزادو- تنهنجو ساٿ انوکو هو

تنهنجو ساٿ انوکو هو، ڪيڏو وڻندڙ دوکو هو. توکي راند ۾ هارائڻ، سجني مون لئه اوکو هو. سڪ هئي ۽ ڇڪ هئي، ليکو ڪو به نه چوکو هو. لفظن جو ڪاريگر ۽ اندر خالي کوکو هو. تنهنجو سڱ صحيفي جهڙ...
آيو  آھين  دنيا  لاءِ، ڇوٿو سوچين عقبا لاءِ، ڌرتي مريم جهڙي ماءُ، آتي آ ڪنهن عيسيٰ لاءِ، ٻڌ ته سهي تون اي سقراط، زهر ته پيتو پر ڇا لاءِ، رات اسان جي در خيام ! آيو مئي جي معنيٰ ...

استاد بخاري-نئين سال جو تحفو (2)

هي ذلف هي زنجير، نئين سال جو تحفو هي نيڻ تکا تير، نئين سال جو تحفو! مشتاق ڏي معشوق ڪڍي موڪلي آهي منصور جي تصوير، نئين سال جو تحفو! خوشبو جي آلاپ ۾ بدبوءِ جو نياپو هت آئي کڻي هير، نئين سال جو تحفو! هڪ هٿ سان رکي وقت ڦٽن تي مرهم ٻئي هٿ سان ڏنئين جهير، نئين سال جو تحفو! پر سال مڪا مير، دلاسا ڪئي ٿر ڏي تعويذ ڏنس پير ، نئين سال جو تحفو! ٿا باز چون مور اسان ساڻ ملايو ٿا نانگ گهُرن کير، نئين سال جو تحفو! سنسار کي پيغام ۾ ”استاد“ ڏئي ٿو انسان جي توقير، نئين سال جو تحفو! استاد بخاري

استاد بخاري-نئين سال جو تحفو

استاد جي ارداس، نئين سال جو تحفو مايوس کي ڏي آس، نئين سال جو تحفو پرڀات جي پردي ۾ ڪري بند مُڪو آ، اڌ رات ڏي آڪاس، نئين سال جو تحفو ڪي_ٽُو کي ملي برف، مليا سج کي بادل، ۽ ٿر کي ملي تاس، نئين سال جو تحفو تخريب ۽ تعمير ڀريو ٿالهه ورهائِن، هي وهم هي وشواس، نئين سال جو تحفو کڻ صبح سويري سان نئين نُور جا ڪرڻا، وٺ واءَ وٽان واس، نئين سال جو تحفو استاد جي تقرير ۽ تحرير ۾ آهن، احساس ئي احساس، نئين سال جو تحفو استاد بخاري

ايوب کوسو هرڻين جيئن حُسن جون اٿئو محبتون

هرڻين جيئن حُسن جون اٿئو محبتون، وحشتن ڏي انهن کي ڊُڪايو متان. اڄ ٽِڙيو ڪوبه احساس ناهي ڪٿي، اڄ ته سُرمون اکين لئه گُهرايو متان. رات جوڳيڻ لڄاري جيان ڪونه آ، جيءُ اڻموٽ جوڳي رُلايو مان اڄ ھوا ۾ رُلي ٿو وڇوڙو رُڳو ، اڄ هوا ۾ پگهر کي سُڪايو متان وقت وِڌوا جي در تي سُمهي آ رهيو، چنڊ کي ڪو قصو اڄ ٻُڌايو متان ٻارڙين سان زنا جي هَلي پئي وبا، ديپ پنهنجا درين مان اُجهايو متان. ڪنهن جو زوري پيو پَرڻو ٿِئي ڳوٺ ۾، ٽھڪ پنهنجو ڪٿي اڄ اُڏايو متان بي ضميريءَ کي ناهي رَسو ڪو وِڌَل، ڪنڌ ڀُلجي ڪٿي ڀي جُهڪايو متان آئون ٿوهر کي ڀاڪر ڀَرڻ ٿو وڃان، اڄ گهُرايو متان ، اڄ پُڇايو متان. **** ايوب کوسو
منهنجي سچيت سڪ جا پرچا تہ ڪو پڙھي!  ديدن جا بيت دل جا دوھا تہ ڪو پڙھي!  مونکي ڏيو منڌيئڙو ”مون“ ۾ رکيو ئي ڇاھي،  ڪنهن جا جوان جيئرا جذبا تہ ڪو پڙھي!  عنوان جانِ جانان، مضمون گيت گانا،  اونهو اچي اندر جا، اُلڪا تہ ڪو پڙھي!  سڀڪو سِٽون ڏِسيو ٿو معنيٰ سِڌي سَلي،  ھا پر حوال دل جا حاشا تہ ڪو پڙھي!  ڇا لَئي صليب ۾ آ، عيسيٰ کي ڪو سُڻي،  ڇا لطف ڪشمڪش ۾، موسيٰ تہ ڪو پڙھي!  ھُن جي حسين جادوءَ گهوگهيو، گُهٽيو گهڻو پر،  استاد جي لڇڻ ۾ ”ڇو ڇا“ تہ ڪو پڙھي!  *** استاد بخاري ڪتاب: نه ڪم نبريو نه غم نبريو 
تُنهنجي يادن کي ٽارڻ ڪو چَرچو نه هو، تو چَيو پر وِسارڻ ڪُو چرچو نه هو. هر بَسنتيءَ ۾ اَکِڙيون لَغَڙَ ٿي اُڏيون، هر ڳَليءَ توکي ڳولڻُ ڪو چرچو نه هو. تو وِداع چيو مَڃُيم، تُنهنجو حق هو مَگَرِ، مون لئه ماضِيءَ کي ڪُرچڻ ڪُو چرچو نه هو. پَلَ قَطارون ٿي پنڇين جان اُڏريا جَڏهن، پوءِ لُڙڪن کي روڪڻ ڪُو چَرچو نه هو. هِنَ ڏُکن واري ميلي ۾ مُنهنجا پرين، هي وِڇوڙا سَنڀالڻ ڪُو چرچو نه هو. پوپٽن کي ”تَبَسُمَ“ بَهارُنِ چَيو، سالَ وِڇڙي گُذارڻ ڪُو چرچو نه هو.. ع.غ.تبسم اُڀَ هيٺان اڃارا گيت لُڇَنِ..
ڪوٺي جي ڇت تي چڙهندو هوندين  مون کي مٺا ڳوليندو هوندين چوڙين واريون خالي ٻانهون  ڏسندو هوندين روئندو هوندين ماڻھو پڇندا هوندئي منهنجو  چُپ چُپ هوندي جهرندو هوندين کُليل کڙڪي تيز هوائون  پهر بيهي سوچيندو هوندين ٻاهران ”تبسم“ خوش خوش آهين  اندران ڀڄندو ڀُرندو هوندين. *** عبدالغفار تبسم

استاد بخاري - چَيمُ جھڙي گُھران ٿو دوستي

چَيمُ جھڙي گُھران ٿو دوستي اھڙي پَڪي ناھي، چيائين زندگي کان اڳ ٽۡٽي ايڏي ڪچي ناھي. چيم مونکي الائي عشق پھچايو ڪٿي آھي؛ چيائين مون بہ پنھنجي جاچ اڃان پوري لڌي ناھي. چيم اڀياس کي پورو پتو تنھنجو نہ منھنجو آ، چيائين سونھن سِڪ کي ڪا نظر سمجھي سگھي ناھي. استاد بخاري.....

ڊسمبر

صفا برف وانگي ٺريو آ ڊسمبر  کڻي تنهنجون يادون وريو آ ڊسمبر بدن تي جدائي رکي روز ٽانڊا اسان لئہ اوهان بن ٻريو آ ڊسمبر مهينا ويا گذري ڏسندي سفر ۾  کڻي ڀاڪرن ۾ ڀريو آ ڊسمبر اسان رات پهرين ئي سڪرات ڪاٽي  الئہ ڪيئن اوهان جو سريو آ ڊسمبر. هيو پوھ سيارو چميون گرم خاڪي وري ذھن تي سو تريو آ ڊسمبر. *** خاڪي جاني

حيرانيون

دل سان پَرتل چنڊ به ناهي، ميري موسم، ڪير سڏيندو!؟ تارن کي حيرانيون آهن، ٺهندو ڊهندو خواب وڃي ٿو! وڌندو هاڻ عذاب وڃي ٿو! واعدن ۾ ويرانيون آهن! تارن کي حيرانيون آهن! واءُ چوي ٿو ڪو به نه ايندو! پنهنجو وڇڙيل پاڇو آهي! *** ايوب کوسو
سانولڙي جي سار اچي ٿي ، لڙيو لڙُڪن لار اچي ٿي . ننڊ اچڻ سان نيڻن ـ ٿر تي ، سپنن جي وسڪار اچي ٿي . ڪارا ڪارونڀار ڪُلهن تي ، وينگس ڇوُڙي وار اچي ٿي . منُد جهُڙالي مينهوڳيءَ جي ، کڻيو ننڊ خمار اچي ٿي . تنهائيءَ ۾ ياد پرينءَ جي ، ٻانهون ٺاهي هار اچي ٿي . “امر” ! اگُهاڙي جيون ـ رڻ م ، ڏات پکيڙي ڏار اچي ٿي . ____ امر ساهڙ